مواد ڏانھن هلو

دين محمد وفائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

دين محمد وفائي

قلمي نالو
وفائي
حياتياتي معلومات
ڄمڻ
اپريل 04 1894(1894-04-04)ع
ڳڙھي ياسين، سکر، ھاڻوڪو پاڪستان
وفات
اپريل 10 1950(1950-04-10)ع
سکر، پاڪستان
پيشو
سياست دان، صحافي، اديب، تذڪره نويس، عالم دين
ٻولي
اردو، سنڌي
صنف
سياسيات، صحافت، سوانح نگاري
شهريت پاڪستان
علمي ۽ ادبي زندگي
ادبي تحريڪخلافت تحريڪ

📖 نمايان تصنيفون

تذڪره مشاهير سنڌ
تاريخ محمد مصطفيٰ
لطفِ لطيف


مولانا دين محمد وفائي (پيدائش: 4 اپريل، 1894ع - وفات: 10 اپريل، 1950ع) سنڌ سان تعلق رکندڙ پاڪستان جا ممتاز سياستدان، عالم دين، سوانح نگار، صحافي، تذڪره نويس، اديب ۽ خلافت تحريڪ جا سرگرم ڪارڪن ھيا. پاڻ صحافت جي ذريعي انگريز سامراج کان آزادي جي لاءِ ھندستان جي مسلمانن جي ذهن سازي جو ڪردار ادا ڪيائون ۽ مسلمان تشخص کي برقرار رکڻ تي زور ڏنائون.

زندگيءَ جو احوال

[سنواريو]

دين محمد وفائي 4 اپريل، 1894ع تي سنڌ ۾ سکر ضلعي (ھاڻوڪو شڪارپور) تعلقي ڳڙھي ياسين جي ڳوٺ نبي آباد، ھاڻوڪي پاڪستان ۾ پيدا ٿيا.[1][2] سندن جي والد جو نالو خليفو گل محمد ڀٽي ھو.[3]. فارسي ۽ عربي جي تعليم حاصل ڪرڻ کان بعد سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچي ۾ بطور معلم لاڳاپجي ويا.[1]

صحافت

[سنواريو]

ڪراچي ۾ مستقل رھائش اختيار ڪرڻ کان بعد پاڻ صحافت جي طرف ڀرپور توجھ ڏنائون ۽ الوحيد ۽ الحزب سان لاڳاپيل رهيا. 1936ع ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي وقت پاڻ الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر شايع ڪيائون جيڪو سنڌ صوبي جي تاريخ ۽ ثقافت تي ھڪ دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.[1]پاڻ الوحيد اخبار جو ايڊيٽر ۽ توحيد جو مدير پڻ رھيو. مھراڻ رسالي جو معاون رھيو. پاڻ 1919 کان 1946 تائين الوحيد جي معرفت قوم ۽ وطن جي خدمت ڪندو رهيو[4]

سياست

[سنواريو]

دين محمد وفائي خلافت تحريڪ سان واڳيل رهيا.[5] ھو سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ ۽ تحريڪ پاڪستان جا بہ سرگرم ڪارڪن ھيا.پاڻ مولانا عبيدالله سنڌي جو فڪري ترجمان رھيو ۽ شاھ ولي الله جي فلسفي جي مطالعي م وقت گذاريائين[6]

تصنيفون

[سنواريو]

دين محمد وفائي 22 ڪتاب تحرير ڪيا جن ۾ ٽن جلدوں ۾ شايع ٿيندڙ تذڪره مشاهير سنڌ وڏي علمي شان رکي ٿو.[1] ان کان علاوه سندن جون ٻيون تصنيفون ھي آھن:

  • تاريخ محمد مصطفيٰ
  • فاروق اعظم
  • صديق اڪبر
  • سيرت عثمان
  • حيدرِ ڪرار
  • خاتونِ جنت
  • قرآني صداقت
  • هندو ڌرم ۽ قرباني
  • اظهار الڪرامت
  • لطفِ لطيف
  • شاه جي رسالي جو مطالعو
  • مقصد زندگي
  • راحت الروح تذڪره مخدوم نوح هالائي

مھراڻ رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ جو رڪن ھيو ۽ ھن پنھنجو مشھور ڪتاب لطف الطيف مھراڻ پبلشنگ هائوس مان شايع ڪرايو

وفات

[سنواريو]

10 اپريل، 1950ع تي پاڪستان جو نامور عالم دين، صحافي ۽ خلافت تحريڪ جو ڪارڪن مولانا دين محمد وفائي سکر، پاڪستان ۾ وفات ڪري ويو.[1][2][5]وفات وقت سندس عمر 60 سال ھئي..[7]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 ص 50، پاڪستان ڪرونيڪل، عقيل عباس جعفري، ورثه / فضلي سنز، ڪراچي، 2010ع
  2. 1 2 دين محمد وفائي، سوانح و تصانيف ويب، پاڪستان
  3. ↑ تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌي ادبي بورڊ،جامشورو، 2005ع، ص 289
  4. ↑ {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  5. 1 2 مين آف هسٽري، ڊان نيوز، ڪراچي، 11 اپريل 2010ع
  6. ↑ {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }
  7. ↑ {ڪتاب:ويا سي وينجهار؛ ليکڪ: غلام محمد گرامي؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو؛ ڇاپو ٻيون جون 1995 }