رحيمداد خان مولائي شيدائي
رحيمداد خان مولائي شيدائي | |
---|---|
معلومات شخصيت | |
ڄم | 12 فيبروري 1894 سکر ،سنڌ |
موت | 12 فيبروري 1978 (84 سال) سکر ،پاڪستان |
مدفن | مير معصوم شاهه جو مينار |
شھريت | برطانوي راڄ پاڪستان |
عملي زندگي | |
پيشو | مؤرخ ،صحافي |
ڪم جي ٻولي | سنڌي |
ترميم |
خاندان
[سنواريو]مير رحيمداد خان (مولائي شيدائي)، بن شير محمد خان، بن مير رحيمداد خان، بن مير محمد جمع خان، اصل بلوچستان ۾ مستونگ جي ويجهو هڪ ڳوٺ جو رهاڪو آهي. اتي مير محمد جمع خان (سندس تڙ ڏاڏو) کي انعاماتي زمين مليل هئي، جنهن تي سندن گذر سفر هوندو هو. سن 1839ع ۾، پهرين افغان جنگ وقت، انگريزن، ڪابل فتح ڪرڻ کان پوءِ، جنرل قلشائر کي توبخاني سميت قلات تي چاڙهي مڪو. ان لڙائيءَ ۾ مير محراب خان ثاني، ٽيپو سلطان وانگر وڙهندي ”ميريءَ“ تي شهيد ٿيو، ۽ انگريزن مير شاهنواز خان کي ناجائز طور تخت تي ٿاڦيو. انگريزي فوجن، ويندي ۽ ايندي، بلوچستان کي ايتريقدر ته لٽيو جو قلات علائقي جي اقتصادي حالت نهايت خطري ۾ پئجي ويئي: امير سُڃا ٿي ويا، ۽ سڃا بکن ۾ ساهه ڏيڻ لڳا. انهيءَ ايتريءَ ۽ افراتفريءَ سببان، ڪيترا بلوچ ۽ بروهي، قلات ڇڏي، روزگار جي تلاش لاءِ سنڌ ڏانهن روانا ٿيا. مولائي صاحب جو ڏاڏو مير رحيمداد خان پڻ وطن مالوف کي خيرباد چئي سنڌ ڏانهن آيو، ۽ اچي سيوهڻ جي شهر ۾ وارد ٿيو. اهڙيءَ طرح، قدرت هڪ مايه ناز هستي قلات کان سنڌ موڪلي ڏني. اتي ڪجهه وقت اتان جي عباسي قاضين وٽ مهمان ٿي رهڻ کان پوءِ، ڪوٽڙيءَ جي ڀرواري ڳوٺ ”نانگي جي لين“ ۾ اچي قيام ڪيائين. اتي اڳيئي ڪي بروهي رهندا هئا، جن منجهان هڪ عورت سان شادي ڪري ويهي رهيو. مولائي صاحب بروهين جي شهواڻي(1) سهري زئي قبيلي جو فرد آهي. مولائي صاحب جو والد بزرگوار، مرحوم مير محمد خان، ’نانگي جي لين‘ ۾ ڄائو هو. جڏهن انگريزن سن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، تڏهن مير رحيمداد خان بلوچي پلٽڻ ۾ ڀرتي ٿيو، ۽ مولائي صاحب جو نانو مير سردار خان پڻ ’اُٺ – ٻاتري‘ (Camel-corps) ۾ ڀرتي ٿيو. سنڌ ڏانهن هجرت ڪري اچڻ سبب کين هڪڙو فائدو هيءُ به حاصل ٿيو، جو مولائي صاحب جو والد ماجد اسڪول جي تعليم حاصل ڪرڻ لڳو، ۽ تعليم مليل هئڻ سبب، جڏهن ڪراچيءَ کان ڪوٽڙيءَ تائين ريلوي لائين شروع ٿي، تڏهن هن کي لوڪوشيڊ ۾ فائرمئن جي نوڪري ملڻ ۾ ڪو نه اٽڪاءُ ڪو نه ٿيو. ان عرصي ۾، مير رحيمداد خان به حوالداريءَ جي عهدي تي پهچڻ کان پوءِ فوج مان رٽاير ٿي ويو هو. ٻي افغان ويڙهه وقت جڏهن ريلوي لائين ڪوئٽيا تائين پهچي وئي هئي، تڏهن مولائي صاحب جو والد بزرگوار مير شير محمد خان فائرمين مان ترقي ڪندي وڃي انجن ڊرائيور جي عهدي تي پهتو. ان کان پوءِ، جڏهن ريلوي لائين کي ملتان سان ڳنڍيو ويو، تڏهن مير شير محمد خان کي بدلي ڪري سکر جي انجن شيڊ ۾ رکيو ويو. کيس خداتعاليٰ ان وقت ٻه پٽ عطا ڪيا هئا، پر اهي طفليءَ ۾ ئي فوت ٿي ويا. ان اندوهناڪ حادثي کان پوءِ مير شير محمد خان گهڻو مغموم ۽ پريشان رهندو هو، ۽ اڪثر پيرن فقيرن کان اولاد لاءِ دعائون گهرندو وتندو هو.[1]
پيدائش ۽ ننڍپڻ
[سنواريو]رحيمداد خان انگريزي (Rahimdad Khan) (پيدائش: 1894ع – وفات: 12 فيبروري 1978ع) المعروف مولائي شيدائي سنڌ پاڪستان جو ممتاز مورخ، تاريخدان، محقق ۽ نثر نويس هو جنهن سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ تي سنڌي ۽ اردو ۾ مستند ڪتاب لکيا.[2]مير رحيمداد خان مولائي شيدائي، سنڌ جي پوڙهي مؤرخ، سن 1894ع ۾، سکر ۾ هڪ ٻروچڪي جهوپڙيءَ اندر جنم ورتو. پر، جيئن ته ستن مهينن جو ڄاول هو، تنهنڪري تمام نحيف ۽ ڪمزور هو ۽ اڃا اکيون به ڪو نه کوليون هئائين – ايتريقدر جو هن کي ڪپهه ۾ ويڙهي کڻندا هئا.[1]
نالو
[سنواريو]”مولائي شيدائي“ نالو ڪيئن پيو. ريلوي گارڊيءَ جي زماني ۾، مولائي صاحب پنهنجي فرصت جون گهڙيون سکر جي اخبار ”ستاره سنڌ“ جي آفيس ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ وٽ گذاريندو هو، جو ان اخبار جو ايڊيٽر هو. هڪ دفعي ”ستاره سنڌ“ جي آفيس ۾ مولائي صاحب جڏهن پير علي محمد شاهه راشدي، پير حسام الدين شاهه راشدي ۽ مولانا دين محمد صاحب وفائي مرحوم سان ڪچهري ڪري رهيو هو، ته ڳالهين ڳالهين ۾ پير علي محمد شاهه راشديءَ، مولائي صاحب کي صلاح ڏني ته جيئن ته هو هڪ سرڪاري ملازم هوندي اخبارن ۾ مضمون لکي رهيو آهي، جا ڳالهه حڪومت جي نظر ۾ ڪنهن حد تائين اعتراض جوڳي آهي، تنهنڪري وقت جي تقاضا اها آهي ته هو پنهنجي اصلي نالي سان اخبارن ۾ طبع آزمائي ڪرڻ بدران ڪو فرضي نالو اختيار ڪري. وقت جي نزاڪت کي ڏسندي، جيئن ته راشدي صاحب جي اها تجويز نهايت ئي معقول هئي، تنهنڪري مولائي صاحب قبول ڪئي، ۽ ان سان گڏ کين پنهنجي لاءِ ڪو فرضي نالو تجويز ڪرڻ لاءِ پڻ استدعا ڪيائين. ان تي پير علي محمد شاهه راشديءَ، سندس فقيرانه ۽ دلچسپ طبيعت کي مدنظر رکي، هن لاءِ ”مولائي“ جو تخلص تجويز ڪيو؛ پير حسام الدين شاهه راشديءَ جو خيال هو ته هن لاءِ ”شيدائي“ تخلص وڌيڪ موزون رهندو؛ مگر هڪڙو مولانا دين محمد وفائي مرحوم ئي هو، جنهن جي دماغ ۾ گهڻي ويچار ڪرڻ کان پوءِ به مولائي صاحب لاءِ ڪو ٻيو موزون تخلص نه آيو. هوڏانهن وري راشدي برادران ڪنهن به هڪ تخلص تي متفق ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا، ۽ هرهڪ پنهنجيءَ جاءِ تي هوڏيو بيٺو هو، تنهنڪري ان تنازعي کي طي ڪرڻ لاءِ مولانا دين محمد صاحب وفائي مرحوم پنهنجي طرفان رٿ پيش ڪئي ته ’ڇونه ٻئي اختيار ڪيا وڃن – بعنيٰ ”مولائي شيدائي“‘. اها رٿ سڀني ڌرين کي پسند آئي، ۽ ان ڏينهن کان مير رحيمداد خان جو قلمي نالو ڦري ”مولائي شيدائي“ ٿي ويو.[1]
زندگي جو احوال
[سنواريو]رحيمداد خان مولائي برطانوي هندستان ۾ پاڪستان جي صوبي سنڌ جي شهر سکر ۾ 1894ع ۾ شير محمد خان شهواڻي بروهيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏڙن جو تعلق بلوچستان جي شهر مستونگ سان هو جيڪي بعد ۾ لڏي اچي سکر ۾ رهائش پذير ٿيا. مولائي شيدائي ابتدائي تعليم مولائي تعليم سکر شهر ۾، مولانا خدا بخش ابڙي جي مدرسي مان حاصل ڪئي. مولائي شيدائي انگريزي جي چوٿين درجي ۾ پڙهندو هو ته پنهنجي استاد ڄيٺانند هميراجاڻي وٽ سندس گهر ۾ تاريخ جا ڪتاب پڙهندو هو ۽ سکيا حاصل ڪندو هو جنهن سبب سندس لاڙو تاريخ ۽ تحقيق ڏانهن وڌيو. اهڙيءَ طرح ڊرائنگ جو فن پنهنجي استاد جهامنداس ڀاٽيه کان سکيائين. مولائي شيدائي شايد ملي حالتن جي ڪري مئٽرڪ تائين به تعليم جاري رکي نه سگهيو ۽ اسڪول ڇڏي روزگار جي تلاش ڪيائين.[2]
تعليم
[سنواريو]مولائي صاحب جي والده جي مرضي هئي ته سندس سڪيلڌو فرزند ’مولوي‘ ٿئي؛ ڇو ته انهن ڏينهن ۾ ملن ۽ مولوين کي وڏي قدر ۽ عزت جي نگاهن سان ڏٺو ويندو هو. ان ڪري، مولائيءَ کي غريب آباد سکر ۾ آخوند خدابخش ابڙي جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جتي هن ”قاعده بغدادي“ پورو ڪيو. پر جيئن ته آخوند صاحب جلد ئي وفات ڪري ويو، تنهنڪري مولائي کي پوءِ آخوند عبدالحڪيم ڀُٽي جي مدرسي ۾ داخل ڪيو ويو، جيڪو ان وقت غريب آباد جي مشهور ’اڇي مسجد‘ سان شامل ۽ ملحق هوندو هو. اتي قرآن شريف جا ڏهه سيپارا ختم ڪري، اڃا ”ڪريما“ ۽ ”پندنامہ عطار“ مس شروع ڪيو هئائين، جو سندس والد هن کي اتان ڪڍي اچي سنڌي اسڪول ۾ ويهاريو؛ ڇو ته سندس والد بزرگوار ويچارڻ کان پوءِ اهو ئي بهتر سمجهيو ته ڇوڪري کي جديد تعليم ڏيارجي. جيئن ته سندس والد مذهبي تعليم جو پڻ حامي هو، تنهنڪري پاڙي جي هڪ پوڙهيءَ عورت کي مقرر ڪيائين، جا روز اچي مولائيءَ کي قرآن حڪيم جي تعليم ڏيئي ويندي هئي. جيئن ته مولائي هاڻي عربي ۽ فارسي زبان مان ڪي قدر واقف ٿي چڪو هو، تنهنڪري سنڌي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ هن کي ڪا به رنڊڪ نه ٿي.
سنڌي چوٿين درجي ۾ پهچڻ کان پوءِ، مولائيءَ کي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو، جيڪو ڪجهه عرصي کان پوءِ ته صفا جنوني ڪيفيت اختيار ڪري ويو. حالت اها هئي جو گهران جيڪا به خرچي ملندي هيس، اها ڪتابن جي خريديءَ تي صرف ڪري ڇڏيندو هو. تن ڏينهن ۾ مسٽر پوڪرداس شڪارپور واري ۽ هريسنگهه سکر واري جا ٻه ڪتبخانا سنڌ ۾ مشهور هئا، ۽ انهن ڪتبخانن جا گهڻي ڀاڱي ڪتاب لاهور جي ليٿو پريسن مان ڇپايا ويندا هئا: انهن ڪتبخانن جي ڇپايل ڪتابن مان مولائي صاحب کي جيڪي به ڪتاب سٺا لڳا اهي سڀ آهستي آهستي خريد ڪري انهن جو مطالعو ڪرڻ لڳو. ان زماني ۾ مولائي صاحب فقط افسانوي ڪلاسيڪي ادب ۽ نيم تاريخي قصن ڪهاڻين سان ئي شغف رکندو هو ۽ انهن جو ئي اڀياس ڪيائين – جهڙوڪ الف ليليٰ، گل بڪاؤلي، داستان امير حمزه، فسانه عجائب، ليليٰ مجنون، يوسف زليخا، وغيره وغيره. انهن ڪتابن مولائي صاحب جو سڀ کان وڌيڪ پسنديده ڪتاب ”داستان امير حمزو“ هو - ۽ آهي. مولائي صاحب جي چوڻ مطابق هن اهو ڪتاب ايترا دفعا پڙهيو، جو کيس ياد نه آهي ته ڪيترا دفعا ”پُڄائي“ چڪو آهي. (ممڪن آهي مولائي صاحب هن وقت به ڪڏهن ڪڏهن ان ڪتاب کي پڙهندو رهندو هجي، ڇو ته راقم الحروف اهو ڪتاب سندس لئبريريءَ ۾ موجود ڏٺو آهي!) علم تاريخ سان شوق جي ابتدا. چار درجا سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ، مولائي صاحب سکر جي ائنگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخلا ورتي، جتي هن ڇهين درجي انگريزيءَ تائين تعليم حاصل ڪئي. چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ سندس تاريخ جو استاد مسٽر هيمراجاڻي ٽلٽيءَ وارو – جو راءِ بهادر ديوان ڪؤڙيمل جو ڏياٽو هو – مولائي صاحب جي تاريخدانيءَ ۽ سندس تحقيقي جوهر کي ڏسي کيس خانگي وقت ۾ تاريخون پڙهائيندو رهيو، ۽ مسٽر جهامنداس ڊرائينگ ٽيچر، مولائي صاحب جي هٿ جي صفائيءَ کي ڏسي، کيس واند ڪائيءَ جي وقت پنهنجي گهر ۾ ڊرائينگ سيکارڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ اسڪولن ۽ مدرسن جا استاد جڏهن ڪنهن شاگرد کي ڪنهن مضمون ۾ ڀڙ ڏسندا هئا، ته ان سان نهايت پيار ۽ پريت وارو ورتاءُ ڪندا هئا، ۽ کين سواءِ ڪنهن اُجوري وٺڻ جي وڌيڪ چمڪائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اوهان اهو ٻڌي شايد اچرج ۾ پئجي وڃو ته پنجين درجي انگريزيءَ ۾ مولائي صاحب کي سندس تاريخ جي استاد مسٽر هيمراجاڻي، آچيبالڊ ايليسن جا انقلاب فرانس متعلق سڀ جلد، ۽ جي. بي. ماليسن جي لکيل تاريخ ”غدر 1857ع“ جا سڀ جلد پڙهايا هئا. ان طالبعلميءَ جي زماني ۾ به مولائي صاحب کي علم تاريخ تي ايتري دسترس حاصل هئي، جو سالياني امتحان جي وقت، ممتحن، تاريخ جي جوابي پيپر تي، مارڪن ڏيڻ بجاءِ، Excellent لکندا هئا! اخبار ۽ ڪتب بينيءَ جو شوق. مولائي صاحب کي اسڪولي زندگيءَ کان وٺي ڪتابن ۽ اخبارن جي باقاعدي مطالعي جو شوق هو. هو پنهنجي وقت جو وڏو حصو مطالعي تي صرف ڪندو هو. هن وقت، جڏهن مولائي صاحب جي عمر ٽيهٺ ورهيه آهي، تڏهن به جڏهن راقم الحروف سندس خدمت ۾ حاضر ٿيندو آهي ته کيس ڪنهن نه ڪنهن اخبار يا ڪتاب جي اڀياس ۾ مشغول ڏسندو آهي - ۽ اهو ئي هڪڙو شغل آهي، جنهن جي مدد سان هو پنهنجي باقي زندگيءَ جي هر ڏينهن جي صبح کي شام جي ويجهو پهچائيندو رهي ٿو. طالبعلميءَ جي زماني ۾ مولائي صاحب جن سنڌي اخبارن کي وڌيڪ دلچسپيءَ سان پڙهندو هو، اهي هيون ”الحق“ ۽ ”آفتاب“، جي ٻئي سکر مان شايع ٿينديون هيون، ۽ ”آفتاب“ جو ايڊيٽر، سنڌ جو مشهور معروف اديب ۽ شاعر، مرحوم شمس الدين ”بلبل“ هو. مٿين ٻنهي اخبارن کي سواءِ ڪجهه خرچ جي پڙهڻ جو موقعو ميسر ڪرڻ خاطر، مولائي صاحب انهن اخبارن جي دفترن ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي ڏينهن وڃي بنا اجوري ڪم ڪندو هو. ان کان سواءِ، هو سکر جي مشهور جنرل لئبرريءَ ۾ به روز شام جو ويندو هو، ۽ وڃي ڏيهي توڙي پرڏيهي سڀني اخبارن جو باقاعدي مطالعو ڪندو هو. جنرل لئبرريء ۾ به روز شام جو ويندو هو، ۽ وڃي ڏيهي توڙي پرڏيهي سڀني اخبارن جو باقاعدي مطالعو ڪندو هو. جنرل لئبرريءَ ۾ ان وقت انگريزي زبان ۾ ئي پنج هزار کن ڪتاب موجود هئا، ۽ اتي ٻاهرين ملڪن جون سڀ اخبارون ۽ رسالا باقاعدگيءَ سان ايندا رهندا هئا. مولائي صاحب جي اخبار بينيءَ جي شوق جو اندازو هن ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو جو هو ان زماني ۾، پنهنجي خرچيءَ مان پئسا جوڙي، يوروپين ريلوي انسٽيٽيوٽ لئبرري ۽ سول يوروپين انسٽيٽيوٽ سکر جي لئبررين کي منٿ ميڙ ڪري، کانئن گهٽ قيمت تي پراڻا انگريزي رسالا ۽ مخزنون خريد ڪري ايندو هو، ۽ فراغت جو سمورو وقت گهر ۾ ويهي انهن کي پڙهندو رهندو هو! اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ ذريعي حالات حاضره جي مطالعي ۽ مشاهدي ڪرڻ سان گڏوگڏ، مولائي صاحب ماضيءَ جو مطالعو به زور شور سان جاري رکندو آيو – يعني تاريخ جي ڪتابن کي به خوب گهوٽي پيئندو رهيو. ائين به نه آهي ته هو صاحب فقط علم تاريخ حاصل ڪندو رهيو ۽ صرف اهڙي قسم جي خشڪ ڪتابن جو ئي ڪيڙو هو، پر ان سان گڏ هو گاهي بگاهي، تفنن طبع خاطر، افسانوي ادب به پڙهندو رهيو، جنهن جو ذڪر مٿي به ڪنهن هنڌ اچي چڪو آهي. اهڙي قسم جي افسانوي ڪتابن مان ”داستان امير حمزه“ سندس پسنديده ترين ڪتاب رهيو آهي. خود مولائي صاحب هڪ دفعي چيو هو ته ’اهو ئي ڪتاب آهي، جنهن پهريائين پهريائين منهنجي طبع جي رجحان کي علم تاريخ ڏانهن موڙيو، ۽ منهنجي مؤرخ بنجڻ جو ابتدائي محرڪ شايد اهو ئي ڪتاب آهي‘. [1]
ملازمت
[سنواريو]رحيمداد خان مولائي شيدائي جاکوڙ کان پوءِ برطانوي هندستان جي ريلوي کاتي ۾ ڪلينر طور ڀرتي ٿيو ۽ جان افشاني سان خدمتون سرانجام ڏيندي گارڊ جي عهدي تي مقرر ٿيو. 20 سال نوڪري ڪري 1939ع ۾ کاتي مان رٽائرمينٽ ورتائين[2]ريلوي جي ملازمت. سن 1913ع ۾، ڇهه درجا انگريزي پڙهڻ کانپوءِ، مولائي صاحب، اسڪول کي خيرباد چئي، وڃي روهڙيءَ جي انجن شيڊ ۾ فائرمئن ڀرتي ٿيو، جتان هن کي ستت ئي ترقي ڏيئي ريلوي ٽرئفڪ کاتي ۾ ٽرين – ڪلارڪ مقرر ڪيو ويو. مولائي صاحب جيئن ته جسماني طور مضبوط ۽ خوبصورت نوجوان هو، تنهنڪري ڪجهه عرصي گذارڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ ٽرئفڪ آفيسر کيس اڃا به ترقي ڏيئي، روهڙي اسٽيشن تي 56 روپين پگهار سان يارڊ – فورمئن مقرر ڪيو. اهڙي نموني، وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مولائي صاحب نوڪريءَ ۾ به ترقي ڪندو رهيو، ۽ يارڊ – فورمئن مان سيڪنڊ گارڊ، ۽ پڇاڙيءَ ۾ سيڪنڊ گارڊ مان وڃي گارڊ جي عهدي کي رسيو. مولائي صاحب جنهن صورت ۾ پاڻ به هڪ مزدور مان وڌندي وڃي ان حيثيت کي پهتو هو، ۽ جيئن ته هو مزدورن جي مسئلن مان چڱيءَ پر واقف هو ۽ انهن جي تڪليفن جو هن کي احساس هو، تنهنڪري پنهنجي ملازمت جي سموري عرصي ۾ کيس ريلوي جي مزدورن ۽ ٻين هيٺانهين درجي ملازمن سان دلي همدردي رهي. هو انهن جي وقتي ضرورت کي پوري ڪرڻ کان هرگز ڪين ڪيٻائيندو هو، ۽ انهن جي هر طرح امداد ۽ دلجوئي ڪرڻ پنهنجو اولين فرض تصور ڪندو هو. ايتريقدر، جو انهن کي درخواستون به پاڻ هٿ سان لکي ڏيندو هو. نه صرف اهو، پر انهن جي سفارش ۽ وڪالت ڪرڻ لاءِ بالا آفيسرن وٽ بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي پاڻ ڌوڪي ويندو هو، ۽ مراد برثواب نه ٿيڻ جي حالت ۾، ڪڏهن ڪڏهن ته انهن سان چوٽون به کائي ويهندو هو. ان باري ۾ سندس دوست کيس گهڻو ئي سمجهائيندا هئا، پر مولائي مڙس آهي هڪ خاص قسم جي مٽيءَ جو ٺهيل، سو ڪٿي ٿو مُڙي! سندس اها روش ملازمت جي سڄي عرصي ۾ نه بدلي. مولائي صاحب ريلوي جي مزدورن ۾ ايترو ته معزز ۽ مقبول رهيو، جو هو جنهن به اسٽيشن تي پهچندو هو ته ريلوي جا هڙئي مزدور هلي اچي سندس آجيان ڪندا هئا. باقي، ريلوي جا اڪثر بالا عملدار سندس جولاني طبيعت سبب سندس مخالف هوندا هئا – پر کانئس خائف رهڻ سبب اُهي ان جو کليل اظهار به نه ڪندا هئا. اهڙي نا اتفاقيءَ هوندي به ريلوي جي عملدارن ۾ مولائي صاحب ڪمال عزت سان ڏٺو ويندو هو، ۽ کين مٿس پورو پورو اعتماد رهيو. جڏهن انگلنڊ کان ڪو وفد يا شاهي خاندان جو ڪو فرد هندوستان ايندو هو، ته ريلوي اختياري وارا انهن جي اسپيشل ٽرين ۾ خاطر خواهه ۽ معقول انتظام رکڻ لاءِ مولائي صاحب کي به ضرور صلاحڪار ڪري کڻندا هئا – مثلاً، لائڊ بيراج کلڻ وقت گورنر جي اسپيشل ٽرين سان مولائي صاحب کي ئي لڳايو ويو؛ هندوستان جو وائسراءِ لارڊ اِرون جڏهن جهجها عباسيان (رياست بهاولپور) ۾ شڪار کيڏڻ آيو، ته سندس اسپيشل ٽرين سان مولائي صاحب کي لڳايو ويو؛ پرنس آف ويلس (جو پوءِ ايڊورڊ اٺين جي نالي سان تخت تي ويٺو) جڏهن راولپنڊيءَ ۾ رايل ٽورنامينٽ کيڏڻ آيو، ته ان جي اسپيشل ٽرين سان مولائي صاحب گڏ هو؛ ۽ وري جڏهن سائمن ڪميشن ڪراچي پهتي ته سندن اسپيشل ٽرين سان به مولائي صاحب کي ئي لڳايو ويو. انهن ٿورڙن مثالن مان واضح ٿي وڃي ٿو ته ريلوي اختياريءَ وارن کي مولائي صاحب تي ڪيتريقدر اعتماد هو، ۽ سندس لياقتن ۽ اهليتن کان اهي ڪيتريقدر متاثر هئا.[1]
خدمتون
[سنواريو]مولائي شيدائي ملازمت جي عرصي دوران تاريخ پڙهڻ ۽ لکڻ جو ڪم ڪندو رهيو پر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ عملي طور تاريخ نويسيءَ ڏانهن ڌيان ڏنائين. پنهجي ڪتاب جنت السنڌ جي ديباچي ۾ خود لکي ٿو ته 1941ع ۾ ڪن دوستن جي صلاح سان نموني طور (سنڌي ۾) “بلوچستان جي مختصر تاريخ” پنهنجي خرچ تي ڇپائي پڌري ڪئي، جنهن وڏي پذيرائي حاصل ڪئي ۽ اها لکيل تاريخ سنڌ جي درسي ڪتابن ۾ شامل ڪئي وئي. سنڌ جي تاريخ تي سندس ڪتاب جنت السنڌ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ قديم زماني کان انگريزن جي دور تائين سنڌ جي تاريخ شامل آهي. سنڌ جي تاريخ تي لکيل واحد ڪتاب آهي جنهن سڀني دورن جو احوال هڪ جاءِ شامل آهي. ان کان سواءِ تاريخ تمدن سنڌ، تاريخ سکر، تاريخ مختصر بلوچستان، سنڌ جا بلوچ قبيلا، سنڌ جي اقتصادي ۽ تجارتي تاريخ، تاريخ خاصخيلي، سکر جا مسلمان ۽ هندو بزرگ، موسوين جي تاريخ، تاريخ بکر، تاريخ ٽالپر، تاريخ قلات (اردو)، مهدوي تاريخ (اردو) تاريخ اسلام، سنڌ جا پراڻا شهر، تاريخ ترڪستان، انسائيڪلو پيڊيا آف بلوچستان (سنڌي ۾) ذڪر لائق آهن.[3]خبارن ۽ رسالن ۾ مضمون نگاري. سن 1930ع ۾، هندن طرفان هلايل سنگٽن ۽ شڌي تحريڪ واري زماني ۾، جڏهن مولانا دين محمد وفائي ڪراچيءَ مان رسالو ”توحيد“ جاري ڪيو، ته مولائي صاحب جا تاريخي مضمون ۽ مقالا پهرين پهرين ان ۾ شايع ٿيڻ لڳا، ۽ اهو ئي رسالو هو، جنهن مولائي صاحب جي شهرت جو شعاع هر هنڌ پکيڙي ڇڏيو. انهن ڏينهن ۾ هڪ هندو اخبار لکيو ته شهنشاهه شاهجهان جي راڻي ممتاز محل ’هندواڻي‘ هئي. ان سلسلي ۾ مولانا وفائي مرحوم، بذات خود مولائي صاحب جي گهر (روهڙيءَ ۾) پهچي کانئس ممتاز محل جي باري ۾ هڪ مضمون لکرايو، جو بعد ۾ ”توحيد“ ۾ شايع ڪيائون. ان مضمون سنڌ جي مسلمان عوام ۾ ايتريقدر ته مقبوليت حاصل ڪئي، جو هنن مولائي صاحب جي تعارف لاءِ ”توحيد“ کي خطن مٿان خط لکڻ شروع ڪري ڏنا. آخر عوام جي پرزور تقاضا کان مجبور ٿي، مولانا دين محمد صاحب وفائيءَ، مولائي صاحب جو هيٺين لفظن ۾ تعارف ڪرايو: ”شيدائي صاحب، منهنجو هموطن، سکر جو رهاڪو نوجوان آهي. هن کي تمام گهڻي عرصي کان اسلامي تاريخ جي مطالعي جو شوق رهندو ٿي آيو – تان جو پنهنجي تنخواهه جو وڏو حصوتاريخ جي ڪتابن جي خريد ڪرڻ، ۽ فراغت جو وڏو حصو ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ ۾ خرچ ڪيو اٿس. ٻن ٽن سالن کان وٺي هو اسلامي بادشاهن ۽ اسلامي ملڪن جي سنڌي زبان ۾ تاريخ لکي رهيو آهي. هن وقت هن هڪ وڏو جلد بني اميه ۽ بني عباس جي حالات تي لکيو آهي، جو تاريخي نقطه نظر کان هڪ بينظير ۽ بيحد جامع ڪتاب آهي. الله تعاليٰ اسان جي دوست شيدائيءَ کي پنهنجي ارادي ۾ ڪامياب فرمائي! ڏاڍي قدر ڪرڻ جي لائق خدمت ڪري رهيو آهي. مولائي شيدائي ’توحيد‘ لاءِ وقت بوقت تاريخي مضمون لکڻ جو واعدو فرمايو آهي، جن مان پهريون مضمون فبروري 1934ع ۾ ممتاز محل تي پڌرو ٿي چڪو آهي. هن پرچي ۾ سنڌو نديءَ تي مضمون اوهان جي سامهون آهي. مون کي يقين آهي ته اڳ سنڌي زبان جي دامن اهڙن مضمونن کان خالي رهندي آئي آهي.“ (”توحيد“، ڪراچي: اپريل، 1934ع) مولائي صاحب جو مٿئين نموني تعارف ڪرائي، مولانا وفائي مرحوم ”توحيد“ جي پڙهندڙن ۽ مولائيءَ جي معتقدن کي مطمئن نه ڪري سگهيو، جنهنڪري انهن مولائي جي وڌيڪ تعارف جي پُرزور گهُر ڪئي. مولانا وفائي مرحوم ٻيو دفعو مولائي صاحب جو تعارف هن طرح ڪرايو: ”حضرت مولائي صاحب بابت ڪيترن صاحبن پاران پڇيو ويو آهي ته هو ڪير آهي، ۽ ڪهڙو ڌنڌو ڪندو آهي. ان بابت گذارش آ هي ته رحيمداد خان نالي، سکر جو رهاڪو، اسان جو هموطن، هڪ مرد مولائي قلندر آهي، جو علم تاريخ جي شوق ۾ شيدا ٿيل آهي. ريلوي جي ملازمت ۾ هفتي ۾ چار ڏينهن سفر ۽ ڊڪ ڊوڙ ۾ رهڻ هوندي به جيڪو وقت کيس واندڪائي نصيب ٿيندي آهي، سو سمورو ڪتابن جي مطالعي ۽ مضمونن لکڻ ۾ خرچ ڪندو آهي. هن جي جيتري به اُپت آهي، ان مان عيالداريءَ جي قُوت لا يموت کان جيڪا به بچت ٿيندي اٿس، سا ڪتابن جي خريد ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيندو آهي، جن جو وڏو حصو فقط تاريخ تي آهي. شيدائي ايتريقدر تاريخدان آهي، جو هوند کيس ’مجسمئه تاريخ‘ چئجي ته بلڪل روا آهي. سنڌ ۾ شيدائيءَ جي پايي جا علمي مذاق رکندڙ ۽ علمي زندگي گذارڻ وارا تمام ٿورا آهن. اسان پڪو ارادو ڪيو آهي ته ’توحيد‘ جا صفحا شيدائيءَ جي تاريخي مضمونن لاءِ کليا رکيا ويندا.“ (”توحيد“، ڪراچي: آڪٽوبر، 1934ع.) ان واقعي کان اٽڪل هڪ ورهيه اڳ، پير علي محمد شاهه راشديءَ، سکر مان پنهنجي زير ادارت نڪرندڙ اخبار ”سنڌ زميندار“ ۾، مولائي شيدائي صاحب جو هيٺينءَ ريت تعارف ڪرايو هو: ”عام مؤرخن پنهنجي ڪتابن ۾ فقط باشاهن جي جنگين جي احوالن ڏيڻ سان انهن تصنيفن کي فقط ’جنگنامو‘ بڻائي ڇڏيو آهي؛ مگر شيدائيءَ، تير ۽ تفنگ جي قصي سان گڏ، هر هڪ زماني جي ماڻهن جي سوشل ۽ پوليٽيڪل حالت، ماڻهن جي ذهني رجحان ۽ مذهبي اعتقادن تي به بحث ڪيو آهي. قومن ۽ ملڪن جي تاريخن کي اوستائين مڪمل چئي نه سگهبو، جيستائين بادشاهي جنگين سان گڏ انهن ڳالهين جو احوال نه ڏنو ويو هوندو. اسين خوشيءَ سان ان ڳالهه جي تصديق ڪيون ٿا ته شيدائي صاحب ان نڪتئه اهميت کي پوريءَ طرح محسوس ڪيو آهي.“ (”سنڌ زميندار“، سکر:15 نومبر، 1933ع) اهڙيءَ طرح، مولائي شيدائي جي تاريخدانيءَ جي شهرت هنڌين ماڳين پکڙجي ويئي، ۽ ان زماني کان وٺي اڄ تائين هر سنڌي اخبار يا رسالي لاءِ سندس مضمون يا مقالو باغث فخر سمجهيو ويندو آهي ۽ هر علم دوست ان جي مضمونن کي نهايت دلچسپيءَ ۽ ذوق شوق سان پڙهندو رهي ٿو. سندس شهرت جي حد اتي ختم نٿي ٿي وڃي، پر پاڪستان جا معياري علمي اردو رسالا ۽ مخزنون به سندس پُر مغز علمي ۽ تحقيقي مضمون ۽ مقالا وڏي فخر سان شايع ڪن ٿيون – بلڪ بلوچستان جي اڪثر سنڌي ۽ اردو رسالن مولائي صاحب کي ’علامه‘ تسليم ڪيو آهي. اهو وڌاءُ نه آهي: بلوچستان جا علم دوست حضرات ۽ صحافي، مولائي صاحب کي علامه جي لقب سان نوازڻ ۾ هن طرح حق بجانب آهن، جو اها هڪ حقيقت آهي ته بلوچستان جي تاريخ مان جيتري واقفيت مولائي صاحب رکي ٿو، اوتري ڪو ٻيو ورلي رکندو هوندو. هن وقت ته مولائي صاحب سياسي قسم جا مقالا به لکڻ شروع ڪيا آهن، جي پڻ دلچسپيءَ کان خالي نه هوندا آهن.[1]
شادي
[سنواريو]شادي. مولائي صاحب، سن 1919ع ۾، جڏهن هو اڃا يارڊ – فورمئن جي عهدي تي هو، شادي ڪئي. ان شاديءَ مان کيس جملي ڇهه ٻار ٿيا، پر رب جي رضا سان اهي سڀ هڪٻئي پٺيان فوت ٿي ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ سندس گهر واريءَ به چالاڻو ڪيو. ان کان پوءِ مولائي صاحب ٻي شادي ڪئي، جنهن مان هڪ نياڻي پيدا ٿي، جا خدا جي فضل سان حال حيات آهي؛ باقي نرينو اولاد ڪو نه ٿيو. البت کيس ٻه اڳ – ڄاوا فرزند آهن، جي ٻئي لائق فائق ۽ تمام چڱن عهدن تي فائز آهن؛ مولائي صاحب سان سندن ورتاءُ نهايت ئي فرمانبردارانه ۽ بر خوردارانه آهي.[1]
وفات
[سنواريو]سنڌ سان محبت ڪندڙ هيءُ وڏو تاريخدان 12 فيبروري 1978ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مدفن آدم شاهه ڪلهوڙو جي مدفن، آدم شاهه جي ٽڪري واري قبرستان ۾ آهي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 مقبول صديقي--رحيمداد خان مولائي شيدائي-- رسالو:مهراڻ سوانح نمبر 1990 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
- ↑ 2.0 2.1 2.2 سنڌي شخصيتون: رحيمداد خان مولائي شيدائي - ياسر عبدالغني خاصخيلي
- ↑ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو شيدائي ۔۔۔۔۔۔۔ رحيمداد خان مولائي شيدائي | SindhSalamat, وقت 2017-02-14 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-04-30