ناچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ناچ/رقص (انگريزي ٻولي: Dance)انسان جي جذبي جو سندس جسم جي عضون ۾ تحرڪ، چُر پر ۽ هلچل رستي اظهار. رقص جي مُراد آهي خيالن ۽ جذبن جو جسم ذريعي اظهار ڪرڻ. هر جسماني چُرپُر ۽ عمل ۾ ڪنهن نه ڪنهن خيال ۽ جذبي جو اظهار هوندو آهي. فني لحاظ کان فرق فقط اهو آهي ته جنهن کي رقص سڏجي ٿو، سو هڪ بار ترتيب ۽ با اصول فن آهن، جنهن جا پنهنجا اصول ۽ قاعدا ٿين ٿا. حقيقت ۾ رقاص جي هر تحرڪ ۽ چُرپُر ۾، عضون جي اشارن واري انداز ۾ امنگن جو اظهار لڪل رهي ٿو، جنهن کي فني صلاحيتن جا ڄاڻ رکندڙ ئي سمجھي سگهن ٿا. [1]

درشن خانو[سنواريو]



حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي