اسماعيلي شيعہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
اسماعيلي شيعن جو جھنڊو

اسماعيلي شيعا هي امام جعفر صادق (ع) کانپوءِ سندن فرزند حضرت اسماعيل کي امام مڃين ٿا. هن وقت اسماعيلي شيعن جا ٻه فرقا موجود آهن.

  • آغاخاني: هنن جو موجوده امام، ڪريم آغا خان آهي.
  • بوهري: هنن جو موجوده امام سيدنا برهان الدين آهي.

تاريخ[سنواريو]

شيعن جو هڪ فرقو، جيڪو ”شيعا اماميہ اسماعيليہ“ سڏبو آهي. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام پنهنجي وفات (148هه/765ع) وقت، پنهنجي وڏي فرزند حضرت اسماعيل عليہ السلام کي پنهنجو وصي مقرر ڪيو. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام کي ست پٽ هئا: (1) حضرت اسماعيل، (2) حضرت عبدالله، (3) حضرت موسيٰ ڪاظم، (4) حضرت اسحاق، (5) حضرت عباس، (6) حضرت محمد ۽ (7) حضرت علي. انهن مان هرهڪ فرزند امامت جي دعويٰ ڪئي هئي، انهيءَ ڪري هڪ کان وڌيڪ فرقا پيدا ٿيا. انهن ۾ مشهور موسويہ ۽ اسماعيليہ فرقا ٿيا. اسماعيلي فرقي وارا حضرت اسماعيل بن جعفر صادق جي امامت جا قائل آهن.

اسماعيلين جي دعويٰ آهي ته امامت الله سائينءَ طرفان عطا ٿيندي آهي. هڪ گروهه جو خيال آهي ته جڏهن حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام، حضرت اسماعيل کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو، ان کان پوءِ هو (حضرت اسماعيل) جلدي وفات ڪري ويو، جنهنڪري پوءِ سندس ٻئي فرزند حضرت موسيٰ ڪاظم کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو هئائون.

ٻئي گروهه جو خيال آهي ته حضرت امام جعفر صادق پهرين پنهنجي وڏي فرزند، حضرت اسماعيل کي پنهنجو جاءِ نشين بڻايو، پر پوءِ ڪنهن ڳالهه تان مٿن ناراض ٿي پيا ۽ حضرت اسماعيل کان اهو حق واپس وٺي، ٻئي فرزند حضرت موسيٰ ڪاظم کي پنهنجو جاءِ نشين مقرر ڪيو. بهرحال، جڏهن حضرت امام جعفر صادق هي جهان ڇڏيو، تڏهن شيعا ٻن مکيه گروهن ۾ ورهائجي ويا. اهو گروهه، جنهن حضرت اسماعيل کي پنهنجو امام تسليم ڪيو، اهي ٿيا اسماعيلي، ۽ جن حضرت موسيٰ ڪاظم کي پنهنجو امام مڃيو، اُهي موسوي ٿيا.

قرامطة[سنواريو]

بحرين ۾ قرامطين (Qarmatians or‎‎ Qarāmita or Carmathians or Qarmathians or Karmathians) ڏهين صدي عيسويءَ ۾ شيعا رياست قائم ڪئي، جيڪا ڏيڍ صدي قائم رهي. جنهن کي پوءِ عباسين (Abbasid) ختم ڪري ڇڏيو. قرامطي سلطنت، بدوي حڪمرانيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ ترقي پسند متبادل هو. اسماعيلي نظاري شيعا ترقي پسند روايتن جا امين هئا. ان کان پوءِ اثنا عشري جماعت، عباسين جي اثر هيٺ وري قدامت پرستي ڏانهن موٽ کاڌي.

قرامطة عليه السلام ۽ عبدان عليه السلام پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي تحريڪ اهڙي نموني هلائي جو اه اڏکڻ ايران، عراق، شام ۽ اٿر آفريڪا تائين پکڙجي ۽ ڇانئجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اُتر آفريڪا ۾ فاطمي خلافت قائم ٿي.

قرامطا (قرامطة) جي پيروڪارن بحرين ۾ پائيدار رياست قائم ڪئي. جنهن ۾ هر شهريءَ جون لازمي ضرورتون يعني اناج، لباس، علاج، گهر ۽ شادي رياست جي طرفان پوريون ڪيون وينديون هيون. هر شهري کي فڪري ۽ علمي آزادي پڻ مليل هئي. جيڪڏهن ڪو واپاري، واپار ۾ نقصان سبب ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندو هو ته ان کي بنا وياج جي قرض ڏنو ويندو هو ته جيئن اهو وري ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي.

زراعت سان لاڳاپو رکندڙ شهرين کي زمينون ڏنيو ويون ۽ ان تي پوک ڪرائڻ لاءِ سرڪاري طور تي آفريڪا ۾ غلام خريد ڪري، ڏنا ويندا هئا ته جيئن شهرين کي سخت پورهيو نه ڪرڻو پوي. زراعت سان گڏوگڏ پورهيئي وارا ڪم آفريڪي غلام ۽ ٻانهيون ڪنديون هيون. غلامن کي سٺي خوراڪ ۽ سندن ٻيون ضرورتون پوريون ڪرڻ مالڪن تي لازمي هو. جنهن لاءِ کين واجبي وظيفو ملندو هو. ان ڪري ٻين علائقن جي غلامن جي ڀيٽ ۾ قرامطي رياست جا غلام وڌيڪ صحتمند ۽ خوش هئا. [1] [2] [[1]]

اسماعيلين جو ورھائجڻ[سنواريو]

اسماعيلين، حضرت اسماعيل کان پوءِ سندس فرزند حضرت محمد بن اسماعيل کي پنهنجو امام مڃيو. اهڙيءَ طرح اڳتي هلي اسماعيلي پنهنجي ارڙهين امام، حضرت امام مستنصر بالله تائين متحد رهندا ۽ فاطمي خلافت جي حيثيت ۾ حڪومت ڪندا آيا. اُن کان پوءِ مصر جي فاطمي خليفي ۽ حضرت امام مستنصر باالله جي وفات کان پوءِ اسماعيلي اڳتي ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا، هڪڙا اُهي، جن حضرت امام مستنصر بالله جي وڏي فرزند، حضرت شاهه نظار کي پنهنجو امام مڃيو، سي ٿيا اسماعيلي نظاري، ۽ اُهو گروهه جنهن امام مستنصر بالله جي ٻئي فرزند حضرت مستعليءَ کي پنهنجو امام مڃيو، سي ٿيا اسماعيلي بوهره.

اسماعيلي نظارين جا داعي سڄيءَ دنيا ۾ پکڙيل هئا. يمن، عدن، ايران، سنڌ، افغانستان، چين، وچ مشرق ايشيا، تيونس ۽ موراڪو وغيره ملڪن ۾ اسماعيلي نظاري پنهنجي تبليغ ۾ ڪامياب ٿيا، يعني انهن داعين، مشرق، مغرب ۽ آفريڪا، يمن ۽ برصغير (پاڪ ۽ هند) ۾ پنهنجا حامي پيدا ڪيا.

اسماعيلي نظارين جي عقيدي موجب امام هر زماني ۾ حاضر رهڻو آهي، يعني اِهي حاضر امام ۾ يقين رکندا آهن. اُن کي خدا جو پاڇو مڃيندا آهن. سندن عقيدي موجب دنيا جو ڪوبه زمانو، امام جي وجود کان خالي رهڻو نه آهي. اهڙيءَ طرح اسماعيلي امامت جو سلسلو جاري آهي. هن وقت شاهه ڪريم الحسيني آغاخان، سندن اوڻونجاهون حاضر امام آهي.

سنڌ ۽ ھند ۾ اچڻ[سنواريو]

نظاري اسماعيلين جا داعي سڄي دنيا ۾ موڪليا ويا. اهي داعي هند ۽ قديم سنڌ ۾ پهتا هئا. سنڌ ۾ عبدالله بن خليع جي ڀائٽي ”هيشم“ کي 270هه/883ع ۾ داعي ڪري موڪليو ويو. اُن کان پوءِ مصر جي فاطمي خليفي معزالدين (365_341هه/975_952ع) بن شيبان'>جلم بن شيبان کي سنڌ ۾ داعي ڪري موڪليو، جنهن ملتان ۾ اسماعيلي حڪومت قائم ڪئي ۽ فاطمي خليفي جو سڪو ۽ خطبو جاري ڪيو. ملتان تي هي پهريون اسماعيلي حڪمران هو. 396هه/1005ع ۾ جڏهن محمود غزنويءَ ملتان فتح ڪيو، تڏهن ملتان جو والي شيخ ابوالفتح دائود بن نصر، اسماعيلي حاڪم هو. هيءُ شيخ حميد جو پوٽو هو. محمود غزنويءَ 401هه/1010ع ۾ ملتان تي آخري حملو ڪيو. ملتان مان اسماعيلي حڪومت جو خاتمو آڻي، شيخ دائود بن نصر کي قيد ڪري غزنيءَ وٺي ويو.

سنڌ جي مشهور محقق مرحوم عبدالله ورياهه کي شيخ دائود بن نصر جا سڪا هٿ آيا هئا. ملتان مان جيئن ئي اسماعيلي حڪومت ختم ٿي، ته اسماعيلين منصوره تي حڪومت شروع ڪئي. اُن کان پوءِ فاطمي خليفي مستنصر بالله (427هه_ 487، /1053_1094ع) جي دور (سن 450هه/1058ع) ۾ داعي احمد، عبدالله ۽ نورالدين (نوراحمد) هندستان ۽ سنڌ ۾ آيا. داعي احمد ۽ عبدالله جون قبرون اڄ به ڪڇ ۽ کنڀات ۾ اسماعيلين جون زيارتگاهون آهن. ٽيون داعي نورالدين (نورمحمد)، موجوده ڀارت جي آنڌراپرديش علائقي يعني دکن طرف تبليغ لاءِ ويو. هن اورنگ آباد جي ڀرپاسي ۾ اسماعيلي دعوت جو ڪم ڪيو. هن وقت سندس قبر اورنگ آباد کان چاليهن ميلن جي مفاصلي تي ڳوٺ ’ڊونڊ‘ ۾ آهي، جيڪا مزار ”مولائي صاحب“ جي نالي سان مشهور آهي. ساڳئي دور ۾ هڪ داعي فخرالدين کي گجرات طرف موڪليو ويو، جنهن کي سفر دوران ڀيلن شهيد ڪري ڇڏيو. اهو داعي ڳوٺ گليا ڪوٽ ۾ دفن آهي. انهن داعين جي گجرات ۾ اچڻ ڪري هن علائقي ۾ اسماعيلين جي آبادي ڪافي تعداد ۾ آهي.

سن 270هه/883ع ۾ جڏهن سنڌ تي هباري حڪمران عبدالله بن عمر هباريءَ جي حڪومت هئي ته ان وقت داعي هيشم کي سنڌ موڪليو ويو. منصوره ۽ ملتان ۾ گهڻي تعداد ۾ علوي به رهندا هئا، جن جون وڏيون وڏيون جاگيرون هونديون هيون، اُنهن مان گهڻا اسماعيلي هئا. جڏهن داعي حلم بن شيبان ملتان پهتو، تڏهن سڀني علوين گڏجي سندس حمايت ڪئي، انهيءَ ڪري بن شيبان'>جلم بن شيبان آسانيءَ سان ملتان تي قبضو ڪيو.

سنڌ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ مصر جي خليفي سيدنا الحاڪم سنڌ جي سومري سردار کي شيخ جو خطاب ڏنو ۽ کيس تلقين ڪيائين ته هو سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت واپس قائم ڪري، نيٺ اسماعيلين پاڻ ۾ گڏجي منصوره جي هباري حڪومت کي ختم ڪيو ۽ 410هه/1019ع ۾ منصوره تي پنهنجي حڪومت قائم ڪيائون ۽ ابن سومر راجپال کي پنهنجو سردار چونڊيائون. آخر ۾ محمود غزنويءَ سومناٿ تي چڙهائيءَ وقت پهرين 416هه/1025ع ۾ منصوره تي حملو ڪيو ۽ سنڌ ۾ اسماعيلي حڪومت جو خاتمو آندو. سيد سليمان ندويءَ ۽ ٻين محققن جي راءِ ۾ سنڌ جا سومرا، اسماعيلي هئا ۽ اهڙيءَ طرح لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ سال سومرن جي دور تائين سنڌ ۾ اسماعيلي حڪمران رهيا.

عبدالله ورياهه جي راءِ آهي ته محمود غزنويءَ جي حملي کان پوءِ به سومرا پنهنجي عقيدي يعني اسماعيلي هجڻ تي قائم رهيا ۽ پاڻ کي شيخ جي اسماعيلي لقب سان سڏائيندا هئا؛ جيئن:

  1. شيخ خفيف 401هه_ 416هه/1025ع
  2. شيخ سومر 1 416هه_ 422هه/1030ع
  3. شيخ راڄپال 422هه_ 441هه/1049ع
  4. شيخ سومر 2 411هه_ 446هه/1054ع

محترم عبدالله ورياهه جي راءِ موجب سنڌ ۾ سومرن جي مشهور قديم شهر ۽ سندن تخت گاهه محمد طور مان سومرن جي دور جي حاڪمن جي نالي جا سڪا پڻ لڌا آهن، جن تي هنن پاڻ لاءِ شيخ جو لقب استعمال ڪيو آهي. اهڙن سومرن حاڪمن ۾ هيٺ ڏنل نالا شامل آهن:

  • شيخ محمد (محمد طور سومرو)
  • شيخ پاٺو (پتو، پٺو/ڦوٽو/فتح)

هنن سڪن تي ڪو به سن يا ڪنهن ضرب خاني جو نالو لکيل نه آهي، ان ڪري خبر نه ٿي پوي ته سندن حڪومت جو دور ڪهڙو هو ۽ هي سڪا ڪهڙي شهر جي ضرب خاني مان جاري ڪيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح قديم سنڌ (پنجاب ۽ ڪشمير سميت) تي هڪٻئي پٺيان داعي ناصر خسرو، داعي پير شمس الدين (شمس سبزواري ملتاني)، داعي صلاح الدين، داعي پير شهاب الدين، داعي پير صدرالدين، داعي پير حسن ڪبيرالدين، داعي پير امام شاهه ۽ داعي پير تاج الدين (شاهه طريل) اسماعيلي تبليغ ۾ رڌل رهيا.

نالا[سنواريو]

اُهي ماڻهو جيڪي پير ناصر خسروءَ جي هٿ هيٺ اسماعيلي فڪر ۽ فرقي ۾ داخل ٿيا، اُهي مولائي سڏجڻ ۾ آيا، جيڪي پير شمس جي هٿ هيٺ مسلمان ٿيا، اُهي ”شيخ“ يا ”شمسي“ سڏجڻ ۾ آيا، جيڪي پيرصدرالدين جي هٿ هيٺ مسلمان ٿيا، اُهي ”خواجه/خوجا/کوجا“ سڏجڻ ۾ آيا ۽ اُهي جن گجرات ۾ پير امام شاهه جي هٿ هيٺ اسلام قبول ڪيو، اهي ”مؤمن“ سڏجڻ ۾ آيا. وچ مشرق يعني تاجڪستان ۽ بدخشان ۾ اسماعيلين کي ’پاميري‘ چوندا آهن.[3]

حوالا[سنواريو]