اڪرم انصاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاهه لطيف جي فڪر جو ڄاڻو ۽ مشهور ليکڪ، پروفيسر اڪرم انصاري، پهرين جنوري 1925ع تي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. سندس وڏا ٻورڙيءَ، ضلعي دادوءَ جا رهاڪو هئا. پرائمري تعليم نوشهري فيروز جي مدرسي مان حاصل ڪيائين. انگريزي تعليم لاءِ نورمحمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد ۾ داخل ٿيو، جتان 1943ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1946ع ۾ -بمبئي- يونيورسٽيءَ مان بي. اي (آنرز) ۽ 1948ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪيائين. 1946ع کان 1950ع تائين ايس. ايم. ڪاليج، ڪراچيءَ ۾ انگريزيءَ جو استاد ٿي رهيو. ان کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي ۾ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. جلد ئي انٽرميڊيئيٽ ڪاليج جو پرنسپال ٿيو ۽ 1958ع ۾ ڊگري ڪاليج جو پرنسپال ٿي مختلف هنڌن تي رهيو. تعليم کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدن تي رهيو. 1973ع ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن ٿيو. -انصاري- صاحب حيدرآباد تعليمي بورڊ جو چيئرمئن، سنڌ يونيورسٽيءَ جي -انگريزي- شعبي جو چيئرمئن ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر به ٿي رهيو. آخر ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جو چيئرمئن ٿيو، جتان 1984ع ۾ رٽائر ڪيائين.

انصاري صاحب کي شاهه لطيف سان عشق هو. انگريزيءَ ۾ شاهه جي شاعريءَ ۾ پيغام تي ڪيترائي مقالا ۽ مضمون لکيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ “Latif and the Modern World” (1970ع)، ’سُر کنڀات ۽ قرآني تعليم‘، “Symbolism in the Poetry of Shah Latif” (1983ع) قابل ذڪر آهن.

لاڏاڻو[سنواريو]

هي 31 ڊسمبر 1984ع تي وفات ڪري ويو. [1]

حوالا[سنواريو]