ناول

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ناول اطالوي ٻولي جي لفظ Noveela مان نڪتو آهي۔ لغت جي اعتبار سان ناول جي معنيٰ نادر ۽ نئين ڳالهه آهي۔ پر ادب جي صنف ۾ هن جي وصف بنيادي زندگي جون حقيقتون بيان ڪرڻ آهي۔ ناول جي جيڪڏهن جامع وصف ڪئي وڃي ته هيئن ٿيندي ”ناول هڪ نثري قصو آهي جنهن ۾ هڪ مڪمل زندگي بيان ڪئي ويندي آهي۔“ ناول جا عنصرن ۾ ڪهاڻي، پلاٽ، ڪردار، مڪالمو، اسلوب ۽ موضوع وغيره شامل آهن.

ناول جو ترجمو اسان سنڌي زبان ۾ قصو، افسانو يا ڪهاڻي ڪندا آهيون. ناول ادب جو اهو اهم ضروري ڀاڱو آهي، جنهن کان سواءِ جيڪر ادبي دنيا مڪمل ٿي نه سگهي. جهڙيءَ طرح شعر گوئيءَ ۾ فصاحت، بلاغت، شاعراڻي صنعتن، ۽ بلند خياليءَ کي دخل نه هوندو آهي ته اهو شعر بي نمڪ ٿي پوندو آهي ۽ صرف معمولي نظم جي درجي تي ئي هوندو آهي. ساڳيءَ طرح ناول نويسي يا افساني نگاريءَ ۾ به جيستائين شاعراڻو نثر ڪم نه آندو ويندو آهي، تيستائين اهو هرگز دلچسپ بڻجي نه سگهندو آهي. ناول ۾ ٻن مکيه ڳالهين جي ڏاڍي گهڻي ضرورت آهيِ (1) آکاڻي (2) سيرت نگاري. آکاڻي هميشه اهڙي مزيدار ۽ زماني حال جي موافق هجي ۽ منجهس اهڙي ته ڪشش هئڻ گهرجي جو پڙهندڙن جو خيال شروعات کان وٺي آخر تائين اهڙو ته قيد ڪري وٺي جو جيستائين ناول کي ختم نه ڪن، تيستائين کين آرام نه اچي. نه فقط ايترو پر جيڪي واقعا ناول ۾ قلمبند ٿيل هجن انهن کان ايترو ته متاثر ٿين، جو آکاڻيءَ ۾ اڳتي ڇا ايندو ان لاءِ دل ۾ هر وقت هورا کورا رهندي اچين ۽ دليل ڊوڙائيندا رهن. ان کان سواءِ آکاڻيءَ ۾ آيل اداڪارن جي سيرت نگاريءَ جا ٻه طريقا آهن: پهريون اداڪارن جي گفتگو مان ظاهر ڪرڻ (2) مصنف جي قلم مان. هڪ چڱي ناول ۾. ان جو مصنف، اداڪارن جي واتان سندن دلي جذبات ۽ هلت چلت تان پردو کڻي، کين اصلي رنگ ۾ پيش ڪري ٿو. هن مان ڏسبو ته گفتگو جا ڊرامي جو هڪ مکيه ڀاڱو آهي سا ناول جو پڻ هڪ ضروري جزو آهي. هڪ سٺي ۽ عظيم الشان قصي يا ناول جو مدار آهي مصنفن جي تنقيدي قابليت تي. اهڙو ڪتاب مصنف جي نقطئه نگاهه کان زندگيءَ تي هڪ صحيح راءِ زني آهي. هو ڪڏهن اداڪارن جي واتان نڪته چيني ڪرائي ٿو، ته ڪڏهن پاڻ تنقيد ڪري ٿو. هر هڪ اعليٰ پيماني جو ناول هميشه زندگيءَ مان ئي اُڀري نڪري ٿو. زندگيءَ تي ئي سندس مدار آهي ۽ جي حقيقتون زندگيءَ سان لاڳاپو رکن ٿيون، انهن کان هرگز بي نياز ٿي نٿو سگهي. درحقيقت افسانو هڪ انساني اعمال جو دفتر آهي. ڪنهن جي حياتيءَ جي سرگزشت بيان ڪندي، مصنف جي تيز بين نظر انساني زندگي جي مختلف پهلوئن تي پوي ٿي ۽ پاڻ پنهنجي آزمودي ۽ خيالي قوت سان ان جي مافي الضمير جو يا ته پنهنجي لفظن ۾ نقشو چٽي ٿو يا اداڪارن جي زبان مان ظاهر ڪري ٿو.

ناول لکندڙ لاءِ اهو بلڪل ضروري آهي ته ڪنهن نه ڪنهن مقصد کي پنهنجي سامهون رکي ۽ اخلاق جو دامن بلڪل به هٿان نه ڇڏي. ناول ۾ ليکڪ کي نه صرف با معنيٰ، پُر مراد ۽ دلچسپ آکاڻي قلمبند ڪرڻ کپي، پر ساڳئي وقت کيس اخلاقي اصلاح جو به خيال ڌارڻ گهرجي. هن مان ثابت آهي ته سٺي ناول لاءِ موضوع سست هوندو ته خيالَ به ان ۾ پست هوندا. تنهنڪري مضمون جي چونڊ ڪرڻ لاءِ به وڏي لياقت گهرجي.

ناول جي دنيا ۾ به نالو حاصل ڪرڻ لاءِ، ناول لکندڙ کي لکڻي اهڙي اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي جذبن کي اهڙي انداز ۾ بيان ڪري جو مضمون بلڪل رسيلو ٿئي ۽ پڙهندڙ جيئن جيئن ان کي پڙهندو وڃي تيئن تيئن منجهس پڙهڻ لاءِ وڌيڪ خواهش پيدا ٿيندي وڃي. مان جيئن مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان ته ناول جي مضمون ۾ ضرور شاعراڻو نثر هئڻ گهرجي. تنهنڪري ضروري آهي ته ان ۾ شعر وانگر فصاحت بلاغت به هجي ۽ زبان جي محاورن، اصطلاحن ۽ صنعتن کان ڪم ورتو وڃي. وڌاءَ کان سواءِ ناول رونق ڪين وٺندو، پر اهو واڌءُ اهڙو هئڻ گهرجي، جنهن سان انساني زندگيءَ جا مختلف پاسا اڏو ٿاچي وڃن ۽ اسان کي دنيا اندر الڳ الڳ حيثيتن ۾ ۽ الڳ الڳ حادثن ڪري جن خوشگوارين يا ڏکيائين جو مقابلو ڪرڻو پوي ٿو ۽ جي جي ڳالهيون هن دنيوي زندگيءَ ۾ ٿئيڻي جي حد اندر آهن، اهي کلي پون. هر هڪ قوم يا فرد کي جهڙي جهڙي رنگ ۾ هيءُ سماج يا سوسائٽي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ ان مان جيڪو آزمودو پرايو اٿس سو ڪن سچين يا من گهڙت ڪردارن يا اداڪارن جي زبان مان افسانوي طور منظر عام تي آڻي ڏيکارجي، ان لاءِ ته عوام الناس انهن عجيب و غريب تجربن مان سبق حاصل ڪري، پنهنجي زندگي لاءِ پروگرام مرتب ڪري ۽ اڳين جي آزمودن کي سامهون رکي هن ڌرتيءَ کي جتي جتي کيس کڏون کُٻا يا لاهيون چاڙهيون نظر اچن، انهن تي سولائي ۽ سلامتيءَ سان عبور حاصل ڪري سگهي. شعر وانگر ناول پڻ انساني جذبن جو آئينو آهي. [1] [2]

ناول جا قسم[سنواريو]

ناول جا ھييٺيان مکيہ قسم آھن:

واقعاتي ناول[سنواريو]

ڊرامائي ناول[سنواريو]

جاسوسي ناول[سنواريو]

سماجي ناول[سنواريو]

نفسياتي ناول[سنواريو]

تاريخي ناول[سنواريو]

Incomplete-document-purple.svg هي هڪ ڪچو مضمون آهي. توهان هن ۾ واڌارو ڪري وڪيپيڊيا کي سنواري سگھو ٿا.
  1. http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Articles/Book1/Book_page2.html
  2. ڪتاب: چار مقالا، ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي