اخبار

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

سنڌي ۾ اخبار هڪ اهڙي اشاعت کي چئبو آهي جنھن ۾ خبرون ڇپجنديون آهن۔ اصطلاح ۾ ڪنهن واقعي جو سڌو سنئون ۽ صحيح بيان جنهن ۾ گھڻن ماڻهن کي دلچسپي هجي۔ صحيح خبر اها آهي جنهن ۾ ڪوئي تبصرو ۽ نه ئي ڪوئي الزام لڳايو ويو هجي، ڪنهن جي ذاتي راء جو اظهار نه هجي، ڪائي حقيقت لڪائي نه وئي هجي ۽ پنهنجي طرفان ڪنهن ڳاله جو اضافو نه ڪيو ويو هجي۔خبر ۾ تازگي ۽ وسعت هجڻ ضروري آهي۔ تحري جو طريقو اثرانداز ۽ وڻندڙ هجي۔ ڪجھ خبرون مقامي  اهميت جون هونديون آهن ۽ ڪجھ عالمي امن امان تي اثرانداز ٿينديون آهن جن سان هر ملڪ جي عوام کي دلچسپي هوندي آهي۔ ڪڏهن ڪنهن ننڍڙي جڳھ تي  ڪو انوکو يا دلچسپ واقعو پيش اچي ٿو جيڪو ماڻهن جي دلچسپي جو سبب بڻجي ٿو۔ خبر جي اهميت جو تعلق گھڻين شين سان هوندو آهي جن ۾ خبر جي تازگي، ويجهو هجڻ جو اثر ۽ مقدار يا تعداد جو انوکو هجڻ شامل آهن ۔ ڪنهن قانون جي نفاذ يا حڪومت جو ڪوئي اعلان جيڪو عوام تي اثرانداز ٿي ٿو ته اها وڏي خبر آهي۔ راز به خبر جو وڏو اهم عنصر آهي۔ وڏن ماڻهن جي زندگي يا ڪردار جون لڪيل ڳالهيون ڳولهڻ جو شوق شديد هوندو آهي۔ ڪنهن معمولي حيثيت جي ماڻهو جو وڏو ڪارنامو يا وڏي ماڻهوء جي ننڍي ڳالھ به خبر ٿي سگھي ٿي۔ واقعو، مشاهدو ۽ واقعو نگاري خبر ٺاهڻ جا عنصر آهن۔ صحافين پڙھندڙ جا رجحان، پنهنجي اخبار جي پاليسي ۽ ڪجھ اخلاقي اصولن جو به خيال رکڻو هوندو آهي۔ اخبارون بين الاقوامي ۽ ملڪي خابرو ايجنسين کان علاوه پنهنجي ناما نگارن ۽ خاص نمائندن کان به خبرون حاصل ڪندا آهن۔ هر اخبار جا اسٽاف رپورٽر عام تقريبن کان علاوه ڳولا ۽ ڪوشش سان خصوصي خبرون ڏيندا آهن۔ سنڌي اخبارن ۾ مشهور اخبارون ڪاوش، ڪوشش، عبرت، جيجل وغيره آهن۔ اخبار-“ لفظ ”خبر“ جو جمع آهي. انگريزيءَ ۾ خبر لاءِ لفظ NEWS استعمال ٿئي ٿو. جيڪو مختلف ڏسائن North,East,West & South جا ابتدائي لفظ کڻي ٺاهيو ويو آهي. خبرون ريڊيو، ٽي. ويءَ ۽ -اخبار- ذريعي ماڻهن تائين پهچن ٿيون. لفظ -اخبار- جي اصطلاحي معنيٰ: اهڙا ورق يا پنا، -جن- تي خبرون، -ايڊيٽوريل-، مضمون ۽ ڪالم وغيره ڇپيل هجن. پراڻي زماني ۾ جڏهن -اخبار- جو ذريعو نه هو، ته خبرون، دهل وڄائي، ماڻهن کي گڏ ڪري ٻڌايون وينديون هيون. اهو بندوبست -بادشاهه- يا حاڪم پاران ڪيو ويندو هو، جنهن ذريعي ماڻهن تائين اعلان پهچندا هئا. اهڙن اعلانن کي پڙهو ڏيڻ به چيو ويندو هو. ساڳئي وقت مقرر ٿيل وقائع نويس به روزانو يا هفتيوار ملڪ جا حالات لکي حاڪم کي موڪليندا هئا. دنيا جي پهرين قلمي -اخبار- اٺين صدي عيسويءَ ڌاري، چين ملڪ جي شهر بيجنگ مان -جاري- ٿي. -ان- کان پوءِ -اخبار- جا نوان طريقا ايجاد ٿيندا ويا. پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾، يورپ ۾ -اخبار- ڇپڻ لاءِ ڇاپخانا ايجاد ٿيا. اوڻيهين صديءَ ۾ -اخبار- جديد روپ سان اڳيان آئي. ويهين صديءَ ۾، اخبارن ۾ -تصويرون- ۽ مورتون ڇپجڻ لڳيون. جديد دؤر ۾ اخبارون ڪمپيوٽر وسيلي نڪرن ٿيون. ۽ هاڻي ته انٽرنيٽ تي پڻ اخبارون موجود آهن، يعني ڪاغذ کان سواءِ اخبارون -جاري- ٿيڻ لڳيون آهن. بهرحال مختلف ملڪن مان مختلف ٻولين ۾ روزانيون ۽ هفتيوار اخبارون، هزارن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿيون.

هر -اخبار- جي انتظاميا جا پنهنجا پنهنجا مقصد ۽ پاليسيون هونديون آهن. انهن جي پرچار ڪندي -اخبار- ۾، ملڪي ۽ غيرملڪي اخبارن جي خبرن ۾، ملڪي خبرن کي ترجيح ڏني ويندي آهي. سنڌ مان، سنڌي ٻوليءَ ۾ 20 کان مٿي روزانيون اخبارون نڪرن ٿيون. [1][2]

  1. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%AE%D8%A8%D8%A7%D8%B1
  2. https://en.wikipedia.org/wiki/Newspaper