شاهه عبدالڪريم بلڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاهه عبدالڪريم بلڙي
معلومات شخصيت
تاريخ ڄم سال 1536  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
تاريخ موت سال 1623 (86–87 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو شاعر  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي

شاهہ عبدالڪريم بلڙيء وارو (انگريزي Shah Abdul Karim Bulrri Waaro ) (پيدائش: 20 شعبان 944هہ بمطابق 20 جنوري 1538ع - وفات: 7 ذولقعد 1032هہ بمطابق 1622ع ) المعروف شاه ڪريم متعلوي ساداتن منجهان پاڪستان جي صوبي سنڌ جو اساسي ڪلاسيڪي صوفي شاعر ۽ بزرگ هو.[2]

حسب نسب[سنواريو]

سندن حسب نسب هن ريت آهي. شاهه عبدالڪریم بن سید لعل محمد شاهه عرف اللہ شاهه بن سید عبدالمومن شاهه عرف مینهان شاهه بن سید هاشم شاهه بن سید حاجي شاهه بن سید جلال محمد عرف جرار شاهه بن سید شرف الدین شاهه بن سید میر علي شاہ بن سید حیدر شاهه بن سید میر علي شاهه بن سید یوسف شاهه بن سید حسین شاهه بن سید ابراهيم شاهه بن سید علي الجواري شاهه بن سید حسن الڪبري بن سید جعفر ثاني بن امام موسى ڪاظم بن امام جعفر صادق.

زندگي جو احوال[سنواريو]

شاهه ڪريم المعروف شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو 20 شعبان 944هه بمطابق 20 جنوري 1538ع تي سيد لعل محمد شاهه عرف الله شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. شاهه ڪريم ننڍڙو هو ته سندس والد رحلت ڪري ويو. سندس وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه سندس پرورش ڪئي. ننڍپڻ کان کين صوفي بزرگن ۽ عارفن جي قربت ۾ رهيو. کين سماع جو وڏو شوق هوندو هو. سريلي آواز ۾ عارفاڻو ڪلام ڳائيندا به هئا. پاڻ مذهني علمن ۽ عارفاڻي رمزن جو گهرو مطالعو ڪيائون. ڀاءُ جي وفات کان پوءِ گهر سنڀالڻ جي ذميواري جو بار به سندن ڪلهن تي آيو. شادي به ڪيائون. سيد يوسف بکري، مخدوم سميجو ۽ مخدوم نوح جي صحبت مان گهڻو فيض پرايائون. چون ٿا ته پاڻ مخدوم نوح جي مشوري سان ئي بلڙي ڳوٺ وسايائون. سڄو ڏينهن عبادت ۾ مشغول رهندو هو. سير سفر به ڪيائون. چون ٿا بلڙي عورت جو نالو هو جنهن جي نسبت سان ڳوٺ تي به نالو پيو ۽ پاڻ به بلڙي وارو طور منسوب ۽ مشهور ٿيا. سندن روحاني زندگي تصوف جي رمزن جي خوشبوءِ سان مالا مال رهي. پاڻ وڏا رحمدل ۽ ميل جول وارا هئا. سندن شمار سنڌي ٻولي جي اساسي شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندن ڪلام ۾ عارفاڻيون رمزون جهلڪندي نظر اچن ٿيون. سندس ڪلام جي مجموعي کي “شاهه ڪريم جو ڪلام” سڏيو وڃي ٿو.سندس حياتي جو احوال قولن تي مبني ڪتاب “بيان العارفين و تنبيہ الغافلين“ ۾ ڏنل آهي، جيڪو ميان محمد رضا عرف مير دريائي ٺٽوي سندس وفات کان ڪجهہ ورهيہ پوء تصنيف ڪيو. شاهہ ڪريم جا مقولا ۽ ارشاد “ بيان العارفين“ ۾ جمع ٿيل آهن، جو فارسيءَ ۾ لکيل آهي. سنڌي بيت بہ چيا اٿس، جي ڏوهيڙن جي شڪل ۾ آهن ۽ سنڌي شعر جي پهرين ڪڙي سمجهيا وڃن ٿا.[3]

مزار[سنواريو]

شاهه ڪريم جي مزار ٽنڊو محمد خان ضلعو جي شاه ڪريم تعلقو جي قديم ڳوٺ سعيدپور ۾ واقع آهي. شاهه ڪريم جي مزار سندس پونير شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1154ھ ۾ تعمير ڪرائي جنهن لاءِ ڪاشيءَ جون سرون ملتان مان آندائين.

وفات[سنواريو]

شاهه عبدالڪريم بلڙي واري 7 ذوالقعد 1032ھ بمطابق 1622ع ۾ آچر ڏينهن 88 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. Diamond Catalogue ID for persons and organisations: https://opac.diamond-ils.org/agent/68347 — subject named as: Shah ʿAbd al-Karīm Bulri
  2. Sindhi Adabi Board Online Library (Sufism)
  3. حضرت شاهه عبدالڪريم رح بُلڙي وارو | SindhSalamat, وقت 2017-08-04 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-04-28