مواد ڏانھن هلو

شاعر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شعر ٺاهڻ واري شخص کي شاعر چيو ويندو آهي۔ شاعري ھڪ لطيف فن آھي، جيڪو ڏات ۽ ڏانءُ جي ميلاپ سان سرجي ٿو ۽ اُنھيءَ ۾ فنڪارن جي تخليقي صلاحيت عام شين، عام واقعن، رواجي جذبن ۽ خيالن کي عام مان خاص ۽ ادنيٰ مان اعليٰ بڻائڻ جي سگهه رکي ٿي. شاعري ھڪ اھڙو تجربو آھي، جيڪو ھر ماڻھوءَ جي وس ۾ ڪونه ھوندو آھي، البت اُھو شاعر جي قلم سان لکيل لفظن جي ميڊيم ذريعي ماڻھوءَ جي دل ۽ دماغ، جذبي ۽ خيال کي متاثر ڪري ٿو. شاعري تخيلاتي فن به آھي، جيڪو شاعر جي اعليٰ تخيل (Imagination)جي عڪاسي ڪندو آھي ۽ پڙھندڙ يا ٻڌندڙ جي تخيل ۾ به تحرڪ پيدا ڪندو آھي.[1]شاعر ڇاڇا ڪري سگهن ٿا، پنھنجي تخيلاتي ۽ تخليقي سگهه سان ڪھڙا ڪھڙا ڪم ڪري سگهن ٿا، اُنھيءَ بابت اسان کي مشرق ۽ مغرب جي ڪتابن ۾ لکيل گهڻائي نظريا، طريقا، اصول ۽ قائدا قانون ملندا. ٿلھي ليکي چئي سگهي ٿو ته ھر شاعر جو تخيل (Imagination)پڙھندڙن کي انيڪ اڻ ڏٺل دنيائن جو سير ڪرائي سگهي ٿو؛ ھو پنھنجي ادراڪ ذريعي منجھن دنيا کي سمجھڻ ۽ ڄاڻڻ جي قوت پيدا ڪري سگهي ٿو؛ پنھنجي ٻوليءَ تي دسترس ذريعي لفظن معرفت سھڻا سھڻا عڪس ڏيکاري سگهي ٿو؛ مطلب ته ھو بھترين تخليقڪار (فنڪار)، بھترين تخيل رکندڙ، بھترين مطالعو ۽ مشاھدو رکندڙ، بھترين شعور رکندڙ، ٻوليءَ جو بھترين ڄاڻو يا ماھر، بھترين ڏاھپ رکندڙ، بھترين رھنما ۽ سونھون ٿي سگهي ٿو .... پر تڏھن به ھو ھڪ ڏاھو شاعر ۽ باشعور فنڪار ئي رھندو. اُن کي اُھو ئي رھڻ ڏنو وڃي ته بھتر آھي، پر اسان وٽ رواج ئي ڪجھه ٻيو آھي. اسان وٽ شاھه لطيف سميت اڪثر شاعرن جي شاعريءَ ۾ مٿي بيان ڪيل خوبيون ڏسڻ کان پوءِ عجيب عجيب جذباتي دعوائن ڪيون وڃن ٿيون. اڳي ته شاھه کي رڳو ھڪ پير، بزرگ ۽ ولي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي ھئي، پوءِ اُن جي ضد ۾ کيس نظرياتي شاعر، ڪميونسٽ، سوشلسٽ، قوم پرست ثابت ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر ھاڻي وري ھڪ ٻيو رجحان ڏسڻ ۾ ٿو اچي ... ته ھو سنڌي ٻوليءَ تي مڪمل دسترس رکڻ کان سواءِ ٻين ڪيترين ئي ٻولين جي ڄاڻ ٿو رکي، اِن ڪري ھو ”ماھرِ لسانيات“ آھي ؛ ھن ۾ سائنسي شعور آھي، اِن ڪري ھو ”سائنسدان“ به آھي ؛ ھو ڏاھو آھي ۽ ڏاھپ سندس شاعريءَ ۾ ڀري پيئي آھي، اُن جو مطلب ته ھو ”فلسفي“ جي علم جو به ماھر آھي، وغيره وغيره.[1]ھيءَ ته ڳالھه وڃي اھا ٿي ته شاعر گل جي رنگ ۽ خوشبوءِ جو ذڪر ڪري ته اُن گل جي اصليت معلوم ڪرڻ لاءِ اُن جي پنکڙين کي پٽي، اُن جي اندروني ساخت کي بيان ڪري چئجي ته واھه شاعر ته وڏو باٽنيءَ جو ماھر آھي! فلاڻي گل جون خصوصيتون بيان ڪيون اٿس! جي ھو چنڊ جي حسن ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر ڪري يا اُنھن کي محبوب سان ڀيٽي ته ويھي چنڊ تي تحقيق ڪجي ۽ چئجي ته شاعر ته ماھرِ فلڪيات ٿو ڏسجي! جيڪڏھن اسين واپس چيني شاعر لوچي جي وصف تي اچون ته ھو اسان کي ٻڌائي ٿو ته شاعر پاڻ ڪو وجود ڪونه ٿو تخليق ڪري، پر ھن جو ڪم عدم سان جھيڙڻ آھي ته جيئن اھو وجود کي پيدا ڪري. شاعر جو اھو به ڪم ڪونھي ته انتظار ڪري جيسين نڙيءَ مان رڙ نڪري، بلڪ سندس ڪم آھي دنيا کي معنيٰ ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ. خاموشيءَ يا ماٺ کي جواب ڏيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ، ائين سندس نظم ۾ موسيقي پاڻ مرادو ماٺ مان اڀري ٿي، ڀلي خود شاعر ڪو موسيقيءَ جو ماھر نه به ھجي_ جڏھن ائين ٿئي ٿو تڏھن دل جي ھڪ ننڍڙي حصي مان جذبن جو سيلاب اُٿل کائي ٿو، تڏھن ئي شاعر چورس فٽ جي ڪاڳر تي لامحدود خيال، جذبا ۽ ڪيفيتون آڻي سگهي ٿو _ اُنھيءَ سموري عمل ۾ سندس ڪوشش يا جدوجھد (Struggle, Force and knock ) کيس دنيا جي اسرارن کي ڄاڻڻ ۾ مدد ڪري ٿي جيڪا ھو ٻين کي ڏيکارڻ چاھي ٿو، اِن ڪري اُن جو اظھار ڪري ٿو _ اُن کي ئي شاعر جو شعور چئي سگهجي ٿو.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 شاعر جو شعور--ڊاڪٽر فھميده حسين؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2004ع