اديب
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو
ڳولا ڏانھن هلو
اديب/اديبه __ (Author):
ادب جي سرجيندڙ مرد يا عورت کي ‘اديب’ يا ’ساهتڪار‘ چيو ويندو آهي. اديب علم ۽ ادب (شاعري يا نثر) ۾ خيالن جو اظهار ڪندو آهي ۽ سماج جي عڪاسي ڪندو آهي. اديب ماحول ۽ سماج جي سمورن عنصرن ۽ سببن کان متاثر ٿئي ٿو، جن تي سماجي زندگيءَ جي عمارت بيٺل هوندي آهي، جيڪي ڪجهه ان جي زمان ۽ مڪان ۾ وهي واپري ٿو، ان کان سندس فطرت ۽ طبع متاثر ٿئي ٿي ۽ اهي اثر کيس پنهنجن خيالن پيش ڪرڻ تي آماده ڪن ٿا.اديب پنهنجي خيالن جي اظهار ۾ بلڪل آزاد هوندو آهي، ليڪن تاريخ جي مادي نظرين ۽ سماج جي مطالعي مان ظاهر آهي ته اديب جن خيالن جو مظاهرو ڪري ٿو، سي ڪنهن نه ڪنهن نصب العين ۽ نقطه نظر سان وابسته هوندا آهن.[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي