علي بابا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

علي بابا
معلومات شخصيت
ڄم 8 آگسٽ 1940  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪوٽڙي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 8 آگسٽ 2016 (76 سال)[1]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
ڪراچي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت پاڪستان
برطانوي راڄ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو ليکڪ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي سنڌي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي

علي بابا جو اصلي نالو علي محمد، سندس والد جو نالو محمد يوسف بلوچ. 1940ع، ڪوٽڙيءَ ۾ سندس جنم ٿيو. سنڌي ٻوليءَ جو هو هڪ ناليوارو ناول نگار ۽ ڊراما نويس هو.

اوائلي زندگي[سنواريو]

سندس وڏا بلوچستان کان لڏي پهرين سيوهڻ، پوءِ ڪوٽڙيءَ ۾ رهيا. سندس والد ڪوٽڙيءَ ۾ ريلوي ملازم هو. پاڻ ڇهه درجا انگريزي پڙهيو.

ملازمت[سنواريو]

علي بابا پهرين ريلوي ۾ ڪلارڪ طور گهڙيو. هڪ سال نوڪري ڪيائين. پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر طور 4 سال گذاريائين. 1965ع کان لکڻ شروع ڪيو اٿائين. اڄ سوڌو قلم هلي ٿو. شايد سنڌ ۾ اهو ئي ليکڪ/ ساهتيڪار آهي، جنهن کي پنهنجي ڪمائيءَ جو وسيلو فقط قلم آهي. ادب سندس پيٽ ڀرڻ جو ذريعو آهي. ڪلاڪار جون گهرجون اتي ڪڏهن ڪڏهن فن سان انصاف ڪرڻ کان روڪين ٿيون. ٻيو رولڙو سندس نصيب ۾ لکيل آهي. ڪٿي به ٿر ٿانءِ نه ٿيو آهي.

ادبي کيتر[سنواريو]

علي بابا هڪ سٺو جي لڳ ڀڳ ناٽڪ تخليق ڪيا. ڪھاڻيڪاري سان گڏ هو هڪ ناول نويس پڻ آهي. سندس ناٽڪ ”دنگيءَ منجهه درياهه“ 1981ع ۾ جرمنيءَ جي ناٽڪ واري ميلي ۾ ٽيون نمبر انعام کٽيو، جنهن ۾ هن سنڌو درياهه جي مهاڻن جو ذڪر ڪيو آهي. سندس ناول ”موهن جو دڙو“ ڪنهن مخزن ۾ قسطن ۾ هليل آهي. جيڪو بعد ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن جي لکڻيءَ ۾ ماحول، موضوع ۽ مسئلا گهڻو ڪري سنڌ جا آهن. هو جيڪي لکي ٿو، ڪنهن نه ڪنهن پسمنظر ۽ حقيقت تي مدار رکي ٿو. پنهنجن همعصرن کان بلڪل جدا، نرالو پر ناليوارو. هن جا ڪردار سامهون جيئرا انسان آهن. پڙهندي ڪڏهن همدردي ته ڪڏهن نظام (حڪومت) برخلاف نفرت جو ڀاؤ پيدا ٿيو پوي.

اديبن جا رايا[سنواريو]

سنڌ جي هڪ عالم، تاريخ نويس پير حسام الدين راشديءَ علي بابا کي ”سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ“ ڪهاڻيڪار سڏيو آهي. تاج جويو لکي ٿو ته منهنجيءَ نظر ۾ هو ”سنڌ جي روح جو پارکو“ ڪهاڻيڪار آهي. تاج کيس امر جليل ۽ نسيم کرل کان پوءِ ٽيون نمبر بهترين ڪهاڻيڪار مڃي ٿو. نبض شناس، وقت جي نازڪ رڳ تي هن جا هٿ رکيل رهن ٿا ۽ دائمي اثر ڇڏين ٿا. سندس ڪهاڻي ”ڪجلا تجلا ماڻهو“..... آمريڪن اسڪالر ليڊي سنڌ جا آرٽس ۽ ڪرافٽ ڏسڻ ٿي گهري. گائيڊ سڀ ڪجهه ڏيکاريندي سنڌ جي آرٽ ۽ ڪلچر کي ڄڻ پرٽي ڇڏي ٿو. مھين جي دڙي (Mohen Jo Daro) جي سڀيتا اکين آڏو آڻي بيهاري ٿو.[2]

وفات[سنواريو]

علي بابا، 8 اگسٽ 2016 سومر ڏهاڙي وفات ڪري ويو.[3]

حوالا[سنواريو]