مواد ڏانھن هلو

دودو چنيسر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


دودو چنيسر __(Dodo-Chanesar:)

سنڌ جي تاريخ ۾ دودي چنيسر جو رزميه قصو وڏي اهميت رکي ٿو. جڏهن ڀونگر سومري جو انتقال ٿيو تڏهن جانشين مقرر ڪرڻ جو مسئلو پيدا ٿيو. سندس ٻه پٽ دودو ۽ چنيسر موجود هئا. دودو ننڍو هو ، پر ڏاڏي پوٽي ماءُ مان ڄائو هو، جڏهن ته چنيسر وڏو هو، پر سندس ماءُ ڌارين هئي. ال ته چڱن مڙسن چنيسر جي حق ۾فيصلو ڏنو، پر پوءِ اميرن وزيرن چنيسر کي نظر انداز ڪري دودي کي ملڪ جو بادشاهه چونڊيو. چنيسر پنهنجي بيعزتي ڏسندي دهليءَ جي سلطان علاوالدين خلجي (وفات 1316ع) وٽ پهتو ۽ کيس پنهنجي ڀيڻ ٻاگهيءَ جي سڱ جي آڇ ڏئي پنهنجي حق ۾ ڪيائين ۽ ائين هڪ ڌارئين سلطان 1298ع ۾سنڌ تي حملو ڪيو. هي تاريخي قصو سنڌي شاعريءَ ۽ ادب جو موضوع رهيو آهي. ڪيترن ئي شاعرن قصي کي شاندار نموني ڳايو آهي.هن قصي ۾قوم پرستيءَ واري رجحان کي بيان ڪيو ويندو آهي ۽ دودي سومري کي سنڌي سورمي طور بيان ڪيو ويندو آهي.[1]

عرب سنڌ ۾ اسلام ۽ عربي ٻولي کڻي آيا. عربيءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي ٺاهيو ويو. عرب لڳاتار ٽي سئو سال 1024ع تائين سنڌ تي قابض رهيا. ان عرصي دوران هو سنڌ جو الهه تلهه ٻهاري ويا. سنڌ تاريخ جي ڊگهين ڀوڳنائن ۽ هاڃن مان گذرندي اڪيچار مذهبي دور ڏٺا پر ڪڏهن به ڪنھن مذهب يا ڌرم کي پنھنجي تهذيب تي اوليت نه ڏني ۽ جيئو ۽ جيئڻ ڏيو جي سنڌيت واري فلسفي تي هلندي رهي. ان دوران سنڌ انيڪ ٻولين ۽ زبابنن کي به ڀوڳيو آهي پر مذهب ۽ ڌرم جي آڙ ۾ عربي ۽ آڙ ۾ پارسي (فارسي) کي ڪڏهن به پنهنجي ٻوليءَ تي اوليت نه ڏني. سنڌ ۾ ڦيرو تڏهن آيو جڏهن 1024ع ۾ محمود غزنويءَ سنڌ تي قبضو ڪري، هتي جي عربي گورنر عزيز الهباري کي قتل ڪري ڇڏيو. ان صورتحال کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سومرا خاندان جا چڱا مڙس وچ ۾ پيا. محمود غزنوي سنڌ تان هٿ کڻي ويو. نتيجي طور عربن پنهنجا گورنر موڪلڻ بدران سومرن کي ”ڏن“ جي عيوض گورنر مقرر ڪيو. جيڪي لڳاتار ٻه سئو سالن تائين عربن کي ڏن پهچائيندا رهيا. سنڌ جي عربن کان 1358ع ۾ تڏهن جان ڇٽي، جڏهن منگولن، هلاڪو خان جي اڳواڻيءَ ۾ بغداد کي باهيون ڏئي عباسي سلطنت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. ان ريت سومرا ڪنهن حد تائين سنڌ ۾ خود مختيار ٿي ويا.

جڏهن سومرا خاندان جي هڪ حاڪم حفيف جو انتقال ٿيو ته هن جا ٻه پٽ چينسر ۽ دودو سنڌ جو تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهي پيا. سومرا خاندان جي برزگن حفيف جي ننڍي پٽ دودي کي تخت لائق سمجهيو ۽ ان کي ئي سنڌ جو بادشاهه ٺاهيو. جنهن تان هن جو وڏو ڀاءُ چنيسر دانهن ڏيڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ دهليءَ جي ارڏي بادشاهه علاوءُ الدين خلجيءَ وٽ پهچي ويو. نيٺ دودي ۽ چنيسر جي وچ ۾ خونگريز جنگ لڳي. چنيسر جي مدد لاءِ علاوءُالدين خلجيءَ جون فوجون به پهچي ويون. ان جنگ ۾ دودو قتل ٿي ويو ۽ چينسر تخت حاصل ڪيو. پر سنڌ تي اصل قبضو علاوءُ الدين خلجيءَ جو ٿي ويو. جنهن هتي پنهنجا گورنر مقرر ڪيا. پر تمام تڪڙو علاوءُالدين خلجيءَ کي سنسد فوجي ڪمانڊر ملڪ ڪافور زهر ڏئي ماري ڇڏيو. هن علاوءُ الدين جا پٽ ۽ ٻيا وارث به قتل ڪيا ۽ دهليءَ جي تخت تي قابض ٿي ويو. ملڪ ڪافور کان تخت ڦرڻ لاءِ علاوءُ الدين خلجيءَ جو هڪ ٻيو ڪمانڊر غياث الدين تغلق فوجون ساڻ ڪري دهليءَ پهچي ويو. هن 1320ع ۾ ملڪ ڪافور کي قتل ڪري هندستان جو تخت حاصل ڪيو. اهڙي نفسانفسيءَ کي ڏسندي سنڌ جو آخري سومرو بادشاهه همير جان بچائڻ لاءِ گجرات پهچي ويو. اهڙي حالت ڏسندي سما قبيلي جي ”فيروز الدين انڙ“ هڪ هزار اٺ سئو گهوڙيسوارن سان سيوهڻ جي تغلق گورنر ملڪ رتن کي قتل ڪري، هن شهر تي قبضو ڪيو.[2]

[3]

هن واقعي بابت گجرات ۽ سنڌ جي اتھاسڪارن ۾ تضاد آھن. جناب پروفيسر محمد حسن پنھور صاحب جي ڪتاب ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا عنوان بابت ليڪچر  ۾ ذڪر ٿيل آھي تہ گجرات جي گجر راجائن ۽ سنڌ جي راجائن جو پھريان تہ ڏاڍو قرب هيو پر جڏهن محمود گجنوي ڪڇ مان سومناٿ جو مندر لٽي سنڌ جي ڏاکڻي پٽيءَ مان گذريو تہ ڪروڌ ۾ گجرات جي راجا ڀيم ديو سنڌ مٿان حملو ڪيو اهو جواز ڄاڻائيندي تہ سنڌ وارن محمود کي گس ڏئي ڀڄايو جنھن دوران ڀيم ڪافي ڌن راشن لٽي گجرات کڻي ويو. گجراتي تاريخدانن ڀيم جي ان حملي جا ٻہ ٻيا ب سبب ڄاڻايا آھن. هڪ تہ اهو حملو سنڌ جي اسماعيلي فرقي جي مسلمانن جي چوڻ تي ڪيو ويو هيو ۽ ٻيو ت سنڌ وارن ڀيم کي راجا مڃڻ کان انڪار ڪيو تنھنڪري انھن کي سبق سيکارڻ لاءِ اهو حملو ڪيو ويو.

ان دور ۾ سنڌ جي ڪجهه حصن تي سومرن جي نئين نئين حڪومت ٺھي رهي هئي, جنھن دوران پرمار راجا هموڪا سومرو مزاحمت ڪندي مارجي ويو ۽ گجرات ۽ سنڌ وارا پري هليا ويا. اهو شايد تيرهين صديءَ جو دور هيو. گجرات ۽ سنڌ جو واپاري لاڳاپو صدين کان هلندڙ ھيو پر ان نئين تڪرار هڪ جمود کي جنم ڏنو جو ٻنھي ديسن جي واپارين لاءِ مسئلو بڻجي پيو. ان دوريءَ کي ختم ڪرائڻ لاء گجرات جي هڪ گجر راجا لاڏڻي واگھيلي پنھنجي ڌيءُ روپا جو سڱ سومرن جي هڪ راجا کي سندس پٽ ڀونگر لاءِ آڇيو تہ جيئن ٻنھي ديسن جي پِرجا ويجھي ٿي سگھي.

جيئن تہ ان گجر ناريءَ جي شادي سندس مرضي موجب نہ ٿي هئي سو اها ڇوڪري سنڌ اچي بيچين رهڻ لڳي. رهي سھي ڪسر وري ڀونگر جي مائٽن پوري ڪئي جو سندن رويو بہ ان سان ڌارين جهڙو رهيو. ان مائي کي ٻہ ٻار ٻاگهل ۽ چنيسر ڀونگر منجھان ٿيا.

پنهنجي آخري وقت تي ڀونگر وصيت ڪئي هئي تہ مون کان پوء منهنجو وڏو پٽ چنيسر تکت تي ويهي. سڀني مشيرن وصيت جو پالڻ ڪندي چنيسر کي پڳ ٻڌرائڻ چاهي. پر چنيسر جيئن تہ ڪو بہ ڪم پنهنجي امڙ کان پڇڻ سواءِ نہ ڪندو هيو تنھن هيڏي وڏي ذميواري کڻڻ کان پهريان ماءُ سان صلاح ڪرڻ جي آسا ڪئي. ان تي مشيرن ڪاوڙ ۾ ڀونگر جي ننڍي ڇوري دودي کي پڳ ٻڌرائي. جنھن کي بہ چنیسر مڃيو پر ساڻن گهرڀاتين جا رويا رهندو خراب ٿيڻ لڳا. جنھن ڪري هي محل کان پري الڳ هڪ ننڍي وسنديءَ ۾ وڃي پنهنجي ڀيڻ ۽ ماءُ سان رهڻ لڳو, جتي هي کيتي ٻاڙي ڪري پيو جيئندو هيو. پر محل وارن کي سندس ان پنهنجي منھن جيئڻ سان جلن ٿيڻ لڳي ۽ انھن دودي کي ڀڙڪائڻ شروع ڪيو تہ سندس ڀاء ھن خلاف فوج گڏ پيو ڪري. سچ بہ اهو هيو تہ پرجا چنيسر کي دودي کان وڌيڪ عجت ڏيندي هئي جو هو هڪ قد آور جوان ۽ ڏاهو ماڻھو هيو ۽ منجھس راجائن جهڙا سڀ گڻ ھئا۔ جنهن ڪري ٻنهي ڀائرن ۾ وٿي وڌندي  ٿي وئي ۽ دودي چنيسر تي زور وڌو تہ يا هو محل ۾ ھلي رهي يا وري پنهنجي ماءُ کي وٺي گجرات هليو وڃي.  نيٺ چنيسر کي گجرات لڏڻو پيو. دودي چنيسر کي تہ گجرات وڃڻ ڏنو پر ٻاگهل کي ساڻن نہ ڇڏيائين اهو چئي تہ اها اسان جي عزت آ ۽ سندس ابي جي نشاني پڻ. ان دوران دهلي مان هڪ لونڊو علادين نالي سان اڀريو جو ڌوڪيباز پوري ننڍي کنڊ تي حڪمراني جا خواب ڏسندو هيو ۽ تازو گجرات سندس قبضي هيٺ ھيو. ان ٻنھي ڀائن جي اڻبڻت جو فائدو وٺي چنيسر کي اهو يقين ڏياري پاڻ سان ملايو تہ هو نہ صرف سندس ڀيڻ کيس وٺي ڏيندو پر دودي کي زنده هن آڏو پيش ڪندو. پر جنگ ايتري تہ ڏکي ٿي وئي جنهن جو اندازو نہ علادين کي هيو ۽ نہ وري چنيسر کي سو دودي کي مارڻ کان سوا علادين وٽ ڪو چارو نہ رهيو ۽ چنيسر کي پڻ ترڪن جي ڌوڪيباز مزاج جي پروڙ پئجي ويئي. چنيسر بہ علادين جي ڌوڪيبازي ڏسي علادين جي لشڪر تي ٽٽي پيو ۽ آخرڪار وڙھي مئو. اهڙي ريت هڪ پاسي جي اتھاس دودي کي شھيد تہ چنيسر کي دوکيباز ڪوٺيو. جي هڪ اڻڌري ۽ انصاف جي نظر سان ان سڄي ڪھاڻيءَ جو جائزو وٺبو تہ تاريخ اسان جي رهنمائي ڪندي تہ ممڪن آ چنيسر خلجي سان هٿ پنھنجي ڀيڻ کي ڇڏائڻ خاطر ملايو هجي يا وري لالچ ۾ پر چنيسر پاران ٻاگھل جو سڱ خلجي کي ڏيڻ واري ڳالھ چنيسر تي هڪ آروپ مڙھيل لڳي ٿي. حالانڪہ چنيسر بہ آخر ان ساڳي فوج هٿان قتل ٿيو .

سنڌ جي تاريخ جو الميو اهو آهي ته سنڌ جي سموري تاريخ فاتحن جي نقطہءِ نظر سان لکي وئي آهي يا وري فاتحن جي نقطہءِ نظر جي رد ۾ لکي وئي آهي، پر سنڌ جي تاريخ ڪڏھن بہ سائنسي نقطہءِ نظر سان ناھي لکي وئي، ان ڪري ضرورت ان شيءِ جي آھي تہ مٿي ڏنل ٻنهي نقطہء نظرن ۽ سنڌ جي لوڪ ڪٿائن جي ڇنڊڇاڻ  سائنسي نقطہءِ نظر سان ڪندي سنڌ جي حقيقي تاريخ لکي سگهجي ٿي. سنڌ ۾ قديم تاريخ تي ڪاڪي ڀيرومل جو ڪتاب ’قديم سنڌ‘، ۽ دادا گنگارام سمراٽ جو ’سنڌو سئو وير‘ انتهائي اهم آهن پر اهي ٻئي ڪتاب سنڌ جي جيالاجيڪل وجود کان وٺي عربن جي تعلقاتن تائين جي تاريخ تي لکيل آهن پر سومرن جي تاريخ تي صرف ٻہ مفصل ڪتاب لکيل آھن، ھڪ ايم ايڇ پنهور صاحب جو  ُتصوير سنڌ‘ ڪتاب آهي جيڪو سائنسي نقطہءِ نظر سان لکيل آهي، ۽ ٻيو مھر عبدالحق سومري صاحب جو ”سومرا راڄ گھراڻو“، جيڪو پڻ ھڪ سومرا دور تي اھم ڪتاب آھي. ايم ايڇ پنھور صاحب پنھنجي ڪتاب ٰتصوير سنڌ‘ ۾ دودي سومري واري قصي کي علامتي لوڪ قصو قرار ڏنو آھي ۽ ان جي دليل طور ساڳي راءِ ڏني آهي، جيڪا دوست نند لال بحث لاءِ پنھنجي فيس بوڪ وال تي رکي آھي ته، ”علاءُالدين خلجي جي دور ۾ ڪو به دودو گُذريو ئي ناهي، ڇو تہ علاءُ الدين خلجي جو دور حڪومت 1296 کان 1315 آھي، جڏھن تہ سومرا دور جي چئني دودن سومرن مان ھڪ جو بہ دور حڪومت علاءُ الدين خلجي جي دور سان نہ ٿو ملي“ پر اسان کي مٿين راءِ تي اڃا بہ تحقيق ڪرڻ گهرجي، ڇو تہ جديد تاريخ جا ڄاڻو لوڪ قصن ۽ ڏند ڪٿائن کي مڪمل رد نه ٿا ڪن پر هو ان جي سائنسي ڇنڊڇاڻ ڪري ان مان تاريخ کي الڳ ڪن ٿا ۽ ڏندڪٿائن کي الڳ ڪن ٿا، ان ڪري اسان کي پڻ اهو ڏسڻو پوندو تہ صدين کان وٺي دودي سومري جي بهادريءَ وارو اهو قصو جهڙيءَ ريت اسان جي تهذيب ۽ تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي، اهو سئو سيڪڙو ڏند ڪٿا يا ڪوڙ ڪيئن ٿو ٿي سگهي. ها پر اهو ٿي سگهي ٿو تہ دودي سومري جي جنگ علاءُ الدين خلجيءَ سان نہ ٿي هُجي پر علاءُ الدين گُجر سان ٿي هُجي، هونئن بہ تاريخ  ۽ روايتن ۾ اهو ڄاڻايل آهي تہ سومرن ۽ گُجرن جون پاڻ ۾ لڙايون ٿينديون رهنديون هُيون. ھونئن بہ تاريخ ۾ ھيءُ بيت پڻ گُجرن ڏانھن اشارو ڪري ٿو:

راءُ نہ ڳنڍين ويڻ، جي گولي ويندي گُجرين،

تہ بہ چوندا دودي ڀيڻ......

دودي ۽ چنيسر جي پيءُ ڀونگر پڻ هڪ گُجر ذات جي عورت کي اغوا ڪري ان سان شادي ڪئي هُئي، جنهن مان کيس چنيسر ڄائو هو، ان قصي بابت محترم ملوڪ لُنڊ جو ڪتاب ”تاريخ ۾ ويڙهہ سواءِ ناهي ڪا ٻي واهه“ پڙهڻ جهڙو ڪتاب آهي.

اهڙيءَ ريت جي ايم سيد پڻ ”سنڌ جا سورما“ ڪتاب ۾ دودي سومري کي قومي سورمو قرار ڏنو آهي، نہ صرف اهو پر سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز پڻ ”دودي سومري جو موت“ جي نالي سان اوپيرا ڊرامو لکيو آهي، ان ڪري ان ڪردار کي فرضي ڪردار ڪنهن بہ صورت ۾ چئي نہ ٿو سگهجي.

اسان کي دودي جھڙي ڪردار تي هڪ ڀيرو ٻيهر نئين طريقي سان سائنسي بُنيادن تي تحقيق ڪري ان جي حقيقي ڪردار کي نروار ڪرڻ جي ضرورت آھي.

تاري ٻائي

[سنواريو]

سن 481ھ / 1088ع ۾ دودي سومري (پهرين) جي مرڻ کان پوءِ سندس ڌيءَ تاري ٻائي (Tarri Bbaai) سنڌ جو راڄ سنڀاليو. ان وقت دودي جو پٽ سنگهار (Sanghaar) اڃان ننڍڙو هو ۽ تاري ڏاڍي متحرڪ ۽ رياست جي معاملن جي سمجهه رکندڙ هئي. تنهنڪري مُکين ۽ وزيرن سندس تخت تي ويهڻ جي حمايت ڪئي. تاري ٻائيءَ پورا ڏهه ورهيه ڏاڍي سٺي نموني سان راڄ هلايو ۽ سنگهار جي وڏي ٿيڻ تي 1098ع ۾ راڄ جي حڪمراني سندس حوالي ڪيائين. سنگهار ڪُل اَٺ ورهيه حڪومت ڪري مري ويو. تاريخدانن جو مڃڻ آهي ته رياستي ۽ صاحبي (حڪومتي) معاملن ۾ هو سدائين پنهنجي ڀيڻ تاريءَ جي صلاح ۽ مدد وٺندو هو. دولت علويه ۾ مائي تاريءَ جو نالو زينب ۽ سنگهار جو نالو شهاب الدين ڄاڻايو ويو آهي، پر تاريخدانن جو خيال اهو ئي آهي ته اها ڳالهه بلڪل غلط آهي ڇو جو ان دور جا سومرا، عربي نالن جي بدرآن روايتي ديسي نالا رکندا هئا.[4][5][6][7]

سومرن جي دور جا قصا

[سنواريو]

سومرن جي دور ۾ ٽن صدين اندر، جيڪي به قصا ٿي گذريا، جهڙوڪ: سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر، تن سڀني کي فارسي ۾ منظوم ڪيو ويو. [8] [9]

حوالا

[سنواريو]
  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. سنڌ: هڪ سلطنت کان اُداس واديءَ تائين :سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالم محترم يوسف شاهين جو انٽرويو :حصو پهريون
  3. سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات: محترم يوسف شاهين جو انٽرويو: عوامي آواز اخبار
  4. پيرائتي سنڌ ڪٿا
  5. منتخب التواريخ
  6. دولت علويه
  7. تحفته الڪرام
  8. سسئي پنهون، عمر مارئي، مومل مينڌرو، ليلا چنيسر | Indus Asia Online Blog, وقت 2018-08-21 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-19 
  9. اعجاز الحق قدوسي جي : تاريخِ سنڌ