مواد ڏانھن هلو

جرمن ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Germanic languages، High German languages، يا Standard German سان ڀل نہ کائو.
    جرمن ٻولي
    Deutsch (جرمن)

    دنيا ۾ جرمن ڳالهائيندڙ ملڪ ۽ برادريون
    ٻولي جو وطن جرمني، آسٽريا، سوئٽزرلينڊ ۽ ليختنسٽائن، لڪسمبرگ، بيلجيم، اٽلي
    ٻولي ڳالهائيندڙ
    پهرين ٻولي: 95 ملين[1]
    ٻئي ٻولي: 80 - 85 ملين
    (2014ع
    [2]
    هند۔يورپي
    • جرمنڪ
      • اولهائين جرمنڪ
        • هاءِ جرمنڪ
          • جرمن ٻولي
    پراڻيون صورتون
    پراڻي هاءِ جرمن
    • وچين هاءِ جرمن
      • ابتدائي نئين هاءِ جرمن
    معياري صورتون
    معياري جرمن (جرمني، آسٽريا ۽ سوئٽزرلينڊ جي جرمن ٻولي)
    • پراڻي هاءِ جرمن کان وٺي: لاطيني لکت (جرمن الفابيٽ)
    • جرمن بريل
    • 20هين صدي جي وچ تائين: عبراني اکر[3][4][5][6][7]
    اشاري واري جرمن ٻولي
    سرڪاري حيثيت
    سرڪاري ٻولي وغيره


    مختلف بين الاقوامي ادارا
    اقليت جي
    ٻولي 
    ٻولي جا ڪوڊ
    ISO 639-1 de
    ISO 639-2 ger (B)
    deu (T)
    ISO 639-3 Variously:
    deu  معياري جرمن
    gmh  وچين هائي جرمن
    goh  پراڻي هائي جرمن
    gct  ڪولونيا تووار جرمن
    bar  باويريائي جرمن
    cim  سمبريائي جرمن
    geh  هترائٽ جرمن
    ksh  ڪولسخ
    nds  هيٺين جرمن

    [lower-alpha 1]
    sli  لوئر سيليشيائي
    ltz  لگزمبرگ واري

    [lower-alpha 2]
    vmf  مئنفرانڪش
    mhn  موخينو
    pfl  پلاٽينئٽ جرمن
    pdc  پينسلوانيا ڊيوش
    pdt  پلاڊويچي

    [lower-alpha 3]
    swg  سوابيائي
    gsw  سوئس جرمن
    uln  انسرڊويخي
    sxu  اپر سئڪسن
    wae  والسير جرمن
    wep  ويسٽ ڦاليائي
    hrx  ريوگرانڊنسر هنسٽرڪچ
    yec  يئنش
    yid  يدش
    گلوٽولوگ stan1295[9]
    لنگاسفيئر
      واحد سرڪاري ٻولي
      شريڪ سرڪاري ٻولي
      قومي يا تسليم ٿيل اقليتي ٻولي
      اقليتي ٻولي
    This article contains IPA phonetic symbols. Without proper rendering support, you may see question marks, boxes, or other symbols instead of Unicode characters. For a guide to IPA symbols, see Help:IPA.

    جرمن ٻولي (جرمن: Deutsch)،[10] هند-يورپي ٻولي خاندان ۾ هڪ اولهائين جرمنڪ ٻولي آهي، جيڪي خاص طور تي اولهه ۽ وچ يورپ ۾ ڳالهائي ويندي آهي. اها جرمني کانسواء، آسٽريا، سوئٽزرلينڊ ۽ ليختنسٽائن ۾ اڪثريتي ۽ سرڪاري (يا گڏيل سرڪاري) ٻولي آهي ۽ لڪسمبرگ، بيلجيم ۽ ڏکڻ ٽائرول (اٽلي جو خودمختيار صوبو) جي سرڪاري ٻولي آهي ۽ انهي سان گڏ نميبيا ۾ هڪ تسليم ٿيل قومي ٻولي پڻ آهي. [11] يورپ جي ٻين حصن ۾ پڻ قابل ذڪر جرمن ڳالهائيندڙ برادريون آهن، جنهن ۾؛ پولينڊ (مٿيون سيلشيا)، چيڪ جمهوريا (اتر بوهيميا)، ڊينمارڪ (اتر شليسوِگ)، سلوواڪيا، رومانيا، هنگري (سوپئرن) ۽ فرانس (السيس) جا علائقا شامل آهن. جرمن ٻولي ڳالهائيندڙ جي سڀ کان وڏي برادريون آمريڪا ۾ آهن.

    سال 2024ع تائين، جرمن ٻولي، تقريبن اٺ ڪروڙ (80 ملين) مقامي ڳالهائيندڙ ۽ 13ڪروڙ (130 ملين) کان وڌيڪ ڪل ڳالهائيندڙن سان، دنيا جي وڏين ٻولين مان هڪ هئي.[12] اها يورپي يونين جي اندر سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ مادري ٻولي ۽ انگريزي کان پوءِ، پهرين ۽ ٻئي ٻنهي طور، ٻي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائي ويندڙ جرمنڪ ٻولي آهي. جرمن کي پرڏيهي ٻولي طور پڻ وڏي پيماني تي سيکاريو ويندو آهي، خاص طور تي يورپ جي مکيه زمين تي، جتي اها انگريزي ۽ فرانسيسي کانپوء ٽئين سڀ کان وڌيڪ سيکاري ويندڙ پرڏيهي ٻولي آهي ۽ آمريڪا ۾، جتي اها K-12 نظام هيٺ، ٽئين سڀ کان وڌيڪ سيکاري ويندڙ ٻئي ٻولي آهي ۽ اعليٰ تعليم ۾ اسپيني ۽ فرانسيسي کان پوءِ، سڀ کان وڌيڪ پڙهي ويندڙ پرڏيهي ٻولي آهي.[13] مجموعي طور تي، جرمن ٻولي دنيا ۾ چوٿين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ سکي ويندڙ ٻي ٻولي آهي.[14] هي ٻولي فلسفي، الهيات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ اثر انداز رهي آهي. اها سائنس ۾ ٻي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ۽ ويب سائيٽن تي ٽئين نمبر تي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ٻولي آهي.[15] [16] جرمن ڳالهائيندڙ ملڪ نئين ڪتابن جي سالياني اشاعت جي لحاظ کان پنجين نمبر تي آهن. دنيا ۾ سڀني ڪتابن (e-books سميت) جو ڏهون حصو جرمن بولي ۾ شايع ٿئي ٿو.[17]

    جرمن ٻولي ٻين اولهائين جرمن ٻولين؛ آفريڪي، ولنديزي (ڊچ)، انگريزي، فريسيائي ۽ اسڪاٽ بولي، سان تمام گهڻي ويجهڙائي رکي ٿي. ان ۾ اتر جرمن گروپ جي ڪجهه ٻولين، جهڙوڪ ڊينش، نارويجين ۽ سوئيڊش، سان لفظيات ۾ ويجهڙائي پڻ آهي. جديد جرمن ٻولي، پراڻي هاءِ جرمن ٻولي، جيڪا ابتدائي وچين دور ۾ پروٽو-جرمنڪ مان ترقي ڪئي، کان وقت سان گڏ ترقي ڪئي.

    جرمن هڪ ڦهليل ٻولي آهي. هن ۾ اسم، ضمير ۽ صفت لاءِ چار، ٽي جنس لاء ٽي صورتون آهن. ان ۾ مضبوط ۽ ڪمزور فعل آهن. ان جي لغت جو گهڻو حصو انڊو-يورپي ٻولي خاندان جي قديم جرمنڪ شاخ مان نڪتل آهي، جڏهن ته هڪ ننڍڙو حصو، فرانسيسي ۽ جديد انگريزي مان قرض ورتل گهٽ لفظن سان گڏ، جزوي طور تي لاطيني ۽ يوناني مان نڪتل آهي. [18] بهرحال، انگريزي تازي ورتل لفظن جو مکيه ذريعو آهي. هن جي ٽي معياري قسم جرمن، آسٽريائي ۽ سوئس معياري جرمن آهن. جرمن پنهنجي وسيع ٻولين جي دائري لاءِ پڻ قابل ذڪر آهي.

    جرمن دنيا جي اهم ٻولين مان هڪ آهي. ان ۾ اٽڪل 122 ملين ڳالهائيندڙ آهن. دنيا ۾ گهڻا ترجما جرمن ۾ آهن ۽ رومن لپي ۾ لکيل آهن. ان ۾ ڪيترائي تلفظ آهن. جرمني جي لوئر سڪسوني ۾ ھينور (ھينور) جي ٻولي مستند سمجھي ويندي آھي. ٻي عالمي جنگ تائين، سائنس جي ٻولي جرمن هئي.

    ٻاهريان ڳنڍڻا

    [سنواريو]

    حوالا

    [سنواريو]
    1. Thomas Marten, Fritz Joachim Sauer (Hrsg.): Länderkunde Deutschland, Österreich und Schweiz (mit Liechtenstein) im Querschnitt. Inform-Verlag, Berlin 2005, ISBN 3-9805843-1-3, S. 7.
    2. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named eurobarometer
    3. "Moses Mendelssohn's Be'ur: Translating the Torah in the Age of Enlightenment – TheTorah.com", www.thetorah.com, اصل کان 29 January 2024 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 August 2023۔
    4. "Sefer Netivot ha-shalom: ṿe-hu ḥibur kolel ḥamishat ḥumshe ha-torah ʻim tiḳun sofrim ṿe-targum ashkenazi u-veʾur. - 1783. Translated from the Hebrew into German by Moses Mendelssohn. Berlin : Gedruckt bey George Friedrich Starcke", digipres.cjh.org, اصل کان 10 August 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 August 2023۔
    5. "המאסף ha-Me'asef. 6644-5571 [1783-1811] [Newspaper in German printed in Hebrew characters]. Königsberg, Prussia.", اصل کان 10 August 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 August 2023۔
    6. "YIVO | Dostrzegacz Nadwiślański - / Der Beobakhter an der Vayksel. 1823–1824. Warsaw.", yivoencyclopedia.org, اصل کان 28 August 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 August 2023۔
    7. "Birgit Klein. 1998. Levi von Bonn alias Löb Kraus und die Juden im Alten Reich. Auf den Spuren eines Verrats mit weitreichenden Folgen, p. 200.", اصل کان 10 August 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 10 August 2023۔
    8. 1 2 Goossens 198327.
    9. Hammarström, Harald; Forkel, Robert; Haspelmath, Martin et al., eds (2016). "جرمن ٻولي". Glottolog 2.7. Jena: Max Planck Institute for the Science of Human History. http://glottolog.org/resource/languoid/id/stan1295.
    10. "Deutsch", Digitales Wörterbuch der deutschen Sprache (ٻولي ۾ جرمن), 31 October 2022, اصل کان 24 نومبر 2023 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 27 مارچ 2024۔
    11. "جرمنيءَ جو رهاڪو، جرمن ٻولي | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون", dic.sindhila.edu.pk, حاصل ڪيل 03 نومبر 2020۔
    12. "What are the top 200 most spoken languages?", Ethnologue, 2025, حاصل ڪيل 8 March 2025۔
    13. "Foreign Language Enrollments in K–12 Public Schools", American Council on the Teaching of Foreign Languages (ACTFL), February 2011, اصل کان 17 آگسٽ 2014 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 17 آڪٽوبر 2015۔
    14. "German is world's fourth most popular language", The Local, 15 اپريل 2015, حاصل ڪيل 03 سيپٽمبر 2024۔
    15. Abdumannonovna, Akhmedova Dilnoza (2022-02-13). "GERMAN AS THE LANGUAGE OF SCIENCE: PROBLEMS AND PERSPECTIVES". World Bulletin of Social Sciences 7: 22–24. https://scholarexpress.net/index.php/wbss/article/view/522. Retrieved 2024-09-02.
    16. "Usage statistics of content languages for websites", w3techs.com, 03 سيپٽمبر 2024, حاصل ڪيل 03 سيپٽمبر 2024۔
    17. Lobachev, Sergey (17 December 2008). "Top languages in global information production". Partnership: The Canadian Journal of Library and Information Practice and Research 3 (2). doi:10.21083/partnership.v3i2.826.
    18. Chase, Jefferson (25 سيپٽمبر 2016), "Preserving endangered German dialects", Deutsche Welle (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 02 سيپٽمبر 2024۔
    1. The status of Low German as a German variety or separate language is subject to discussion.[8]
    2. The status of Luxembourgish as a German variety or separate language is subject to discussion.
    3. The status of Plautdietsch as a German variety or separate language is subject to discussion.[8]
    حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو