الوحيد اخبار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

روزاني سنڌي -اخبار-، جيڪا 1922ع ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون، ڪراچيءَ مان -جاري- ڪئي. دراصل هن -اخبار- ذريعي 1921ع جي تاريخي خلافت ڪانفرنس ۽ خلافت تحريڪ کي زور وٺائڻ جو مقصد هو. هيءَ ئي اها -اخبار- آهي، جنهن کي سنڌ ۾ سياسي بيداريءَ جو نقيب قرار ڏيئي سگهجي ٿو. هن -اخبار- ذريعي نظرياتي تحريڪ کي وڏي مدد ملي. هن -اخبار- ۾ سنڌ جا ممتاز سياسي رهنما، عالم ۽ دانشور پنهنجون تحريرون ڏيڻ تي فخر محسوس ڪندا هئا. هن -اخبار- جي ايڊيٽرن ۾ سنڌ جو مايه ناز اديب ۽ سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي، دين محمد عليگ، قاضي عبدالرحمان ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ جهڙا فاضل شخص شامل هئا. هن -اخبار- سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ”-الوحيد-“ جو ”سنڌ آزاد نمبر“ (1936ع) تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. ’-الوحيد-‘ جو ’سنڌ آزاد نمبر‘ نئين انداز ۾ محمد ابراهيم جويي، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد پاران، نئين پيش لفظ سان ٻيهر ڇپائي پڌرو ڪيو. -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ هن نالي سان -اخبار- وري -جاري- ٿي، جنهن جا آخر ۾ -ايڊيٽر- حافظ خيرمحمد اوحدي ۽ مولانا ڪريم بخش نظاماڻي رهيا.[1] 1936ع ۾ سنڌ بمبئيءَ کان آزاد ٿي، ۽ جدا صوبو بڻيو. ان موقعي تي روزانه الوحيد پنهنجو يادگار نمبر ڪڍيو، جنهن ۾ تاريخي مضمونن سان گڏ شاعرن جا شعر به آهن. شاعرن سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. مخلص مرحوم بمبئيءَ ان سنڌ جي آزاديءَ جي موقعي تي جيڪو نظم لکيو، ان ۾ سنڌ جي تعريف ڪندي چوي ٿو: ڪريان آخر ٿو ڪجهه احوال هت مرقوم سنڌڙي جو خدا ڇا خلقيو هو خوبتر مقسوم سنڌڙي جو برابر شير جي طاقت ۾ هو هر معصوم سنڌڙي جو شگفته چون گل ريحان هر مرزوبوم سنڌڙي جو نظر ڪئي سون ته هرڪا جنس سستي ۽ سهانگي هئي مگر هڪ زندگي بيمار الفت جي مهانگي هئي. ان موقعي تي محمد صديق مسافر مرحوم (وفات 1961ع) لکيو: لک شڪر! اڄ وري ٿئينءَ آزاد سنڌ تون شل سرخرو سدا رهين آباد سنڌ تون پنهنجيءَ ئي ڪائونسل سان رهين شاد سنڌ تون فرياد پنهنجي جوئي ڪندينءَ داد سنڌ تون خود ياوريءَ سان پنهنجو اٿئي رکڻو انتظام کڻ بار پنهنجو پنهنجي ڪلهين رهه تون شاد ڪام.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. الوحيد : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. آزاديءَ جي تحريڪ ۽ سنڌي شاعري ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع