ليلا چنيسر واري داستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سومرن جي دَور جو مشهور رومانوي داستان. ليلا هار تي هرکجي، پنهنجي مڙس چنيسر کي پنهنجي هٿان وڃايو. شاهه لطيف هن قصي کي پنهنجي شاعريءَ ۾ امر ڪيو آهي. ’ليلا‘ جو ڪردار عورت جي زيور لاءِ هيڻائي ۽ لالچ جي علامت آهي، پوءِ منجهس نماڻائي ۽ سادگي آهي. ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته هن سر تي اهو نالو ان جي مضمون مطابق رکيو ويو آهي ۽ منجهس هيءَ تمثيل رکيل آهي: ڌڻي نهايت ”ريساڻو“ حاڪم آهي. جن جي هڪ واري ساڻس محبت رکي، تن کي ساڻس پڇاڙيءَ تائين نباهڻو آهي.[1]

سنڌي لوڪ ادب ۾ ليلا چنيسر واري داستان پڻ تمام مشهور آهي، جنهن ۾ ليلا جي محرومي سندس غلطي ڪري آهي، سطحي سوچ هيٺ قيمتي هار جي بدلي ۾ هڪ رات چنيسر حوالي ڪرڻ واري فيصلي سبب هوءَ پنهنجو سهاڳ وڃائي ويٺي. هن فيصلي ڪرڻ مهل دور انديشي ڪا نه ڪئي، جنهن سبب سڀ ڪجهه وڃائي ويٺي، پوءِ پڇتائيندي رهي. اهڙي نموني راڻو مومل واري داستان ۾ پڻ راڻي جي رسڻ تي مومل پيار وڃائڻ سبب آهون ۽ دانهون ڪندي رهي. ائين جي غور ڪبو ته سنڌ جي اڪثر لوڪ داستانن ۾ محرومي ۽ مجبوري بيان ٿيل آهي.

شاهه لطيف جي مکيه سرن جون هيروئنيون به عورتون ئي آهن، جيڪي پنهنجي محرومي ۽ پاڻ سان ڏاڍائي خلاف آواز اٿارينديون رهيون. ان حوالي سان هڪ خيال اهو به آهي ته اهي سماج جي ناانصافين خلاف مزاحمتي ڪردار هئا، اتي اهي به سوال اٿن ٿا ته ڇا ڏاڍ فقط عورتن سان هيو. جي ها ته پوءِ عورتن سان جنسي مت ڀيد اسان جي سماج ۾ گهڻو اڳ کان موجود هو، پر جي اهو روايتي ڏاڍ خلاف هو ته به سماج ۾ انصاف گهٽ هئڻ جو اشارو ته ملي ٿو. هڪ طرف سنڌي سماج امن ۽ ڀائيچاري واري هئڻ جي دعوا ڪريون ٿا ۽ صدين کان سهپ واري ماحول هئڻ جي ڳالهه ڪريون ٿا پر اتي جي لوڪ داستانن جي حوالي سان ناانصافين جو اشارو ملي ٿو. ان جو سهپ وارو رويو فقط ڌارين ۽ مردن تائين محدود هو، عورتون ڏچي ۾ هيون. اهو ته پوءِ اسان جي سهپ ۽ ڀائيچاري واري دعوا تي سوال اٿاري ٿو.[2]

حوالا[سنواريو]