حيدر بخش جتوئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حيدر بخش جتوئي
ڪامريڊ
چيئرمين، سنڌ ھاري ڪميٽي
ذاتي تفصيل
پيدائش 7 آڪٽوبر 1901
ڳوٺ بکوديرو ، ڏوڪري تعلقو
وفات 1973 (72سال)
حيدرآباد
سياسي جماعت سنڌ ھاري ڪميٽي

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، 7 آڪٽوبر 1901ع تي ڳوٺ ’بکو ديري‘ تعلقي ڏوڪريءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو فقير الهداد جتوئي هو.

مشهور انقلابي ۽ شاعر، حيدر بخش ”حيدر“ ولد الهداد خان جتوئي (1900ع - 1970ع)، هڪ سياسي اڳواڻ ۽ زمينداري پيشي سان تعلق رکندو هو. قومي ڪمن، خاص طرح سان هارين جي حقن لاءِ حياتي وقف ڪيائين. انهيءِ سلسلي ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جو عهدو به ڇڏي ڏنائين. هارين جي حقن خاطر، انگريزن خلاف خوب جدوجهد ڪيائين. ڪجهه وقت ”هاري“ اخبار به جاري ڪيائين. ڪامريڊ حيدر، غريبن جو همدرد ۽ مددگار هو. وٽس وڏو علمي سرمايو جمع ٿيل هو، جيڪو سندس ڳوٺ ”بکو ديرو“ (تعلقو ڏوڪري) ۾ پيل آهي. هڪ اندازي مطابق ٽن هزارن جي لڳ ڀڳ وٽس انگريزي، سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ ڪتاب، رسالا ۽ پمفليٽ موجود هئا. سنڌ سرڪار، سندس قومي خدمتن کي خيال ۾ رکندي، ڳوٺ جي سامهون، ”حيدر هالٽ ريلوي اسٽيشن“ قائم ڪئي آهي. لاڙڪاڻي جي گجن پور محلي ۾ سندس گهڻگهرن ”ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي لائبرري“ قائم ڪئي آهي، جنهن ۾ ست - اَٺ سؤ ڪتاب آهن[1]

سنڌ ھاري عورتن پاران حيدرآباد ۾ ڪيل مارچ

تعليم[سنواريو]

حيدر بخش جتوئي (Hyder Bux Jatoi) ابتدائي تعليم پنهنجي ويجهي ڳوٺ پٺاڻ تعلقي ڏوڪريءَ مان 1911ع ڌاري ورتي. جتان هن سنڌي ست درجا پڙهي فائنل جو امتحان سڄي سنڌ ۾ پهرئين نمبر سان 31 آڪٽوبر 1918ع تي پاس ڪيو. لاڙڪاڻي جي مدرسة الاسلام مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. 1927ع ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ بي. اي (آنرس) جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيائين. ان کان پوءِ عملي دنيا ۾ پير رکيائين.

نوڪرين بابت[سنواريو]

  • 1931ع ۾ هيءُ بدين جو مختيارڪار ٿيو. نوڪريءَ دوران هي ڊگهڙي، ڏوڪري، گهوٽڪي، بدين، ميهڙ ۽ جيڪب آباد ۾ رهيو.
  • سن 1943ع کان 1944ع تائين اسپيشل رڪوري آفيسر ڪو آپريٽو سوسائيٽيز هو. جتان کيس ڊپٽي ڪليڪٽر بڻايو ويو.
  • 1944ع ۾ حرن خلاف قائم ٿيل اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو ۽ پنهنجي مقرريءَ واري عرصي دوران فقيري مزاج هئڻ ڪري، هن هڪ ٻن حر مجاهد کي ڦاسيءَ جي سزا ڪا نه ڏني. آخرڪار عام ماڻهن سان ظلم ڏسي هن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تان 1935 ۾ استعيفا ڏئي ڇڏي. هن پنهنجي باقي بچيل حياتيءَ کي ملڪي ۽ قومي خدمت وارن ڪمن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. سندس شخصيت قرب، وفا، سچائي، محبت، نيڪي، خدا ترسي، همدردي، قول ۽ فعل جي پابنديءَ جهڙن اعليٰ گڻن سان سنواريل هئي. حيدر بخش جتوئي جيڪو ڪجهه چيو اها خالي لفاظي هرگز نه هئي، پر عملي طور هن اهو سڀ ڪري ڏيکاريو. نوجوانن جا ذهن آدرش سان سنوارڻ خاطر هن نوجوانن سان ملاقاتون ڪيون. فڪر انگيز ليڪچر ڏنا. هن اٻوجهه ۽ اياڻن هارين ۽ عام ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. هن جي نرالي سڀاءَ واري شخصيت ۾ شاعراڻو مزاج منڍ کان فطري طور شامل رهيو. هو هڪ ’انقلابي‘ ۽ ’ترقي پسند‘ شاعر هو ۽ هڪ قومي، انقلابي ۽ سماجي تبديليءَ واري راهه جو پانڌيئڙو هو.

ادبي دنيا[سنواريو]

ڪاليج جي زماني ۾ حيدر بخش جو نالو شاعري ۾ مشهور ٿيو. ڪاليج ۾ 1927ع ڌاري شاگردن جي هڪ جماعت نالي ”سر سوتي گروپ“ هئي اتي مشاعره ٿيندا هيا. سال 1931ع ۾ بحيثيت مختيار ڪار بدين پهريون ڪتاب تحفه سنڌ شايع ٿيو. جنهن ۾ شڪوه جو انساني انداز پنهنجي مالڪ سان پيش ڪيو. هن ڪتاب سنڌ ۾ ان وقت هڪ وڏو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو. جڏهن سنڌ ۾ مذهبي ڪٽرپڻي وارن ماڻهن کي سندس جو مخالف ڪري ڇڏيو ۽ هڪ تحريڪ ايوانن ۾ ويهندڙن شروع ڪئي. ڪيترائي اجلاس منعقد ٿيا ۽ حيدر بخش جتوئي کي ملازمت تان هٽائي سندس ڪتاب ضبط ڪري ڦاسي چاڙهڻ جي فتوى پڻ شامل هئي. ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ هڪ وڏو جلسو ٿيو ۽ نامياري گادي نشين کان علاوه مخالفت ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر سيد ميران محمد شاهه، خان بهادر محمد ايوب کهڙو، پير علي محمد راشدي، نظر محمد پٺاڻ جهڙا سياستدان ۽ پير حسام الدين راشدي جهڙا اديب شامل هيا. سيد ميزان محمد شاهه صاحب سنڌ اسيمبلي جي مسلمان ميمبرن جي وفد جي قيادت هيٺ بمبئي جي گورنر وٽ حيدر بخش جتوئي خلاف شڪايت کڻي ويا. حيدرآباد جي ڪمشنر مسٽر گبسن وٽ به دانهين ٿيا. جنهن حيدر بخش کي گهرائي سمجهايو ته اهو ڪتاب واپس وٺي پر جتوئي صاحب انگريز ڪمشنر کي صاف جواب ڏنو. جڏهن فائيل بمبئي جي گورنر وٽ پهتي تڏهن گورنر صاحب فائيل ان وقت جي چيف ايگزيڪيوٽو ايڊوائيزر ٽو گورنر بمبئي سر شاهنواز خان ڀٽو ڏانهن موڪليو. جنهن تي سر شاهنواز خان ڀٽو نوٽ لکيو ته سڄي سنڌ ۾ حيدر بخش جتوئي واحد قابل، لائق ۽ هوشيار مسلمان آفيسر آهي. قابليت کان علاوه ايماندار ۽ ديانتدار به آهي. اهڙي قسم جا ڪتاب اڳ پڻ شايع ٿيا آهن جن تي ڪو به قدم کنيو ناهي ويو. لحاظه هن ڪيس ۾ به خاص قسم يا قدم جي ضرورت ناهي. سر شاهنواز ڀٽو جي سفارش کانپوءِ فائيل داخل دفتر ٿيو. حيدر بخش جتوئي جي ملازمت بچي وئي. سر شاهنواز خان کان علاوه ان وقت جي اخبارن ۾ صرف مولانا دين محمد وفائي ۽ محمد هاشم ٻه اهڙا ايڊيٽر هيا جن حيدر بخش جتوئي جي خيالن جي مخالفت نه ڪئي ۽ اهو چيو ته اها ڪا خاص ڳالهه ڪونهي. جيئن ته هو وطن ۽ قوم سان محبت ڪندڙ شاعر هيو تنهن ڪري سندس خاص شعرن جهڙوڪ سنڌ جو دلبر هوش محمد، پاڪستان زنده آباد، جيئي سنڌ جيئي سنڌ ڏاڍا مشهور ٿيا. جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ ڏاڍا مشهور ٿيا. جيئي سنڌ جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ ته اڄ تائين هر محفل ۾ هر فنڪار جي آواز ۾ جهونگار جي پيو شاعري ۾ سندس تخلص ”حيدر“ هيو. شاعري ۾ خاص طرح تحفه سنڌ نظم آزادي قوم مخصس سال 1943ع سنڌ پياري (نظم) اي مٺي جيجل سونهاري سنڌ (ضبط ٿيل) بلوچستان زنده آباد (ضبط ٿيل) هاري انقلاب (نثر) ۾ هاري گيت (شعر) ڪمدار جا ڪارناما (نثر) سال 1952ع پنهنجو مثال پاڻ آهن. سندس شاعري ۾ هر هڪ شيءِ جو ذڪر هئڻ ۽ سنڌ جي هر هڪ شيءِ ساڻ عشق سبب ماڻهو هن کي چريو به سڏيندا هيا. اڄ به وڏا شاعر ايئر ڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي ڌرتيءَ قوم ۽ ٻوليءَ بابت شاعري ڪن پيا پر حيدر بخش جيلن ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ ويهي ڌرتيءَ جا گيت ڳايا. مرڻ گهڙي تائين سنڌ ۽ سنڌي سنڌي ڪندو رهيو. هو روزانو زندگي جي وهنوار ۾ قسم به سنڌ جو کڻندو هيو. سندس شاعري ۾ جذبو پيدا ڪندڙ، جوش ڏياريندڙ ۽ غيرت جاڳائيندڙ شاهڪار شامل آهن. ماڻهن ۾ حقن جي قومي جدوجهد جي رهبر جي شايع ٿيل ڪتابن جو تعداد اٽڪل 18 آهي. جن ۾ سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (انگريزي) سال 1950ع ڊيمو ڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان (انگريزي چار حصا سال 1955ع) ڊيمو ڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (انگريزي) سال 1956ع لينڊس ان سنڌ، هوشڊ اون ڊيم (انگريزي) شل سنڌي لينگويج سٽي ان ڪراچي آر ناٽ (انگريزي)، انجسٽس لينڊ اسيسمينٽ ريٽس (انگريزي) ۽ ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (انگريزي) سال 1957ع، ون يونٽ اينڊ ڊيموڪريسي (انگريزي) سال 1962ع، ان جسٽس ٽو سنڌ (انگريزي) ٻه حصا ليٽ اس سيو پاڪستان (انگريزي) ٻه حصا، هاير لينڊ ٽيڪسيشن (انگريزي) سال 1966ع کان علاوه رويو آف قرآن شريف شامل آهي جيڪو شايع نه ٿيو.[2]. هن جڏهن ادب جي دنيا ۾ پير پاتو ته اهو دؤر سنڌي شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ گل ۽ خار، جام ساقي، ناز ۽ انداز، حسن ۽ عشق، وفا ۽ بيوفائيءَ جهڙن موضوعن سان ڀريل هو. هن ان دؤر ۾ نواڻ ۽ جدت پسنديءَ جي چونڊ ڪئي. سندس شاعريءَ کي ٽن حصن: (1) ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي شاعري، (2) قومي ۽ انقلابي شاعري، (3) اصلاحي ۽ طنزيه شاعري ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سنڌ جي محب وطن، جفاڪش ۽ محنتي هارين جي خوب ساراهه ڪري ٿو. هو هڪ مرد مجاهد هو، سنڌ جو سچو عاشق هو. هن جي قومي ۽ انقلابي شاعريءَ ۾: (1) سلام سنڌ (1947ع)، (2) حيوان انسان (1947ع)، (3) جيئي سنڌ! جيئي سنڌ! جام محبت پيئي سنڌ (1947ع)، (4) بلوچستان زنده باد (طنزيه) (1947ع)، (5). اي! مٺـي جيـجـل اي! سـنـڌ سـونهـاري (1947ع)، (6) پاڪستان زنده باد (1947ع)، (7) ائٽم بم (طنزيه) (1953ع)، (8) سنڌ پياري (1954ع)، (9) اي سنڌي وڏيرا ڪجهه انسان ٿي (1954ع) ۽ درياهه شاهه جهڙا لافاني نظم شامل آهن. هن جا طويل مخمس نظم ’آزاديءِ سنڌ‘ ۽ ’تحفهء سنڌ‘ برصغير جي ورهاڱي کان اڳ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيا هئا ۽ مٿس ڪفر ۽ ملڪ دشمنيءَ جي پرچارڪرڻ جو الزام هڻي سندس ٻئي ڪتاب انگريز حڪومت ضبط ڪيا. سندس اهي طويل نظم سنڌي شاعريءَ ۾ طويل نظم جي تاريخ جو پهريون ۽ انوکو تجربو مڃيا وڃن ٿا، کيس ان ڳالهه ۾ پختو ايمان هو ته جڏهن به سنڌ ۾ تبديلي رونما ٿيندي ته ان جي واڳ نوجوانن جي هٿن ۾ هوندي. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو تعلق سنڌ جي ٻهراڙيءَ واري علائقي سان هو. جتي هن پنهنجي هوش سنڀالڻ واري عمر کان وٺي اٻوجهه، مسڪين هارين، غريبن کي بيڪسي واري حالت ۾ جيئندي ڏٺو.

سياسي جدوجهد[سنواريو]

هو شروع کان وٺي هارين مزدورن جو هڏ ڏوکي ٿي رهيو ۽ اهڙي وقت جي انتظار ۾ رهڻ لڳو، جنهن ۾ هو عملي طور تي انهن خاطر ڪجهه ڪري سگهي. سنڌ ۾ هاري ڪاميٽي جو پايو وجهندڙ مثالي ۽ جاکوڙي انسانن ۾ دادا ڄيٺمل پرسرام، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جمشيد مهتا ۽ سائين جي. ايم. سيد شامل هئا، جن هاري ڪاميٽيءَ جو بنياد 1930ع ۾ وڌو هو، جنهن جو بنيادي مقصد غريب هارين جي حقن جي حفاظت ڪرڻ هو، جيڪي جاگيرداري ظلم جي جنڊ ۾ پيسجي رهيا هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ڊپٽي ڪليڪٽري تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد ٿوري ئي عرصي دوران سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو باضابطه پهريون جنرل سيڪريٽري بڻيو، پوءِ ستت ئي 1947ع ۾ رتيديري واري اجلاس ۾ کيس سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. جنهن عهدي تي آخري وقت تائين رهيو.

حيدر بخش جتوئيءَ جو ذڪر ڪندي، مشهور اديب شورش ڪاشميريءَ لکيو آهي ته: ”جيل جي زندگيءَ ۾ ڪامريڊ جتوئيءَ جهڙو بهادر ۽ شريف انسان مون تمام گهٽ ڏٺو آهي.“ شورش جي ملاقات، ڪامريڊ سان ڪراچي جيل ۾ ٿي هئي، جڏهن ٻئي اُتي، ايوبي آمريت جي آخري دور ۾ گڏ هئا. ڪامريڊ لاءِ اِهو ڊگهو قيد، گهڻو ڪري آخري ڊگهو قيد ثابت ٿيو ۽ هو جڏهن ڪراچي جيل مان آزاد ٿي حيدرآباد پهتو، تڏهن حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي هزارين ماڻهن سندس شاندار استقبال ڪيو. اُنهيءَ استقبالي هجوم ۾ آئون (عبدالواحد آريسر) به هوس. رڳو ايترو چيائين ته سڀ کان پهرين سنڌ جي آزاديءَ جي شهيد هوشوءَ جي قبر تي هلبو. هزارين ماڻهن جو هجوم ڪامريڊ جي اڳواڻيءَ ۾ هوشوءَ جي قبر ڏانهن راهي ٿيو. قبر تي هن رڳو ايترو چيو ته: ”هوشو! ڏس تنهنجا وارث جاڳيا آهن. [3] جيئي سنڌ جو نالو جيئي سنڌ قومي تحريڪ تي اصل ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جي گيت جيئي سنڌ، جيئي سنڌ جام محبت پيئي سنڌ تان پيو. جيڪو جيجي زرينا بلوچ به گهڻو ڳايو آهي. [4]

خدمتون[سنواريو]

هن هارين جي حقن لاءِ جيڪي قابل تحسين خدمتون سر انجام ڏنيون آهن، تن جو وچور ڪجهه هن ريت آهي:

  • 1. حيدر بخش جتوئي صحافت ڏانهن پڻ هاري انقلاب خاطر لاڙو کاڌو، 1945ع ۾ هاري حقدار اخبار جاري ڪيائين، پوءِ سال 1946ع ۾ لاڙڪاڻي مان هفتيوار اخبار ”ڪسان“ ڪڍيائين جيڪا قسمت ڇڳاڻي جي پريس مان ايڊيٽر ڪامريڊ عبدالواحد سومرو ۽ سب ايڊيٽر نبي بخش تونيه جي قيادت ۾ سال 1950ع تائين جاري رهي[2]. هن هفتيوار اخبار ’هاري حقدار‘ شروع ڪئي ۽ ان ۾ ايڊيٽر جي حيثيت سان هارين جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريائين.
  • 2. سنڌ جي هر هڪ تعلقي ۽ ضلعي سطح تي سنڌ هاري ڪاميٽيءَ جون آفيسون قائم ڪيائين.
  • 3. ننڍن وڏن شهرن ۾ هاري ڪانفرنسون ۽ جلسا جلوس منعقد ڪرائي هارين ۾ جاڳرتا آندائين.
  • 4. سنڌ جا دورا ڪري هارين کي پنهنجن بنيادي حقن کان آگاهي ڏنائين.
  • 5. 1945ع کان 1947ع تائين اڌ بٽئيءَ جي تحريڪ شروع ڪري، ان کي ڪامياب ڪيائين.
  • 6. 1951ع ڌاري صوبائي اسيمبليءَ اڳيان هزارين هارين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هڻي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرايائين.
  • 7. 1947ع ۾ حيدرآباد ۾ هارين جي حقن بابت اديبن، شاعرن ۽ محققن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، هارين لاءِ آواز اٿاريائين ۽ انهن جا مطالبا مڃرايائين.
  • 8. 1958ع ۾ هارين جو هڪ وفد تيار ڪري ان وقت جي صدر اسڪندر مرزا سان ملاقات ڪري، هارين جي بنيادي مسئلن بابت آگاهي ڏنائين.
  • 9. هارين جي حقن خاطر ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا لکيائين، اشتهار ۽ پمفليٽ شايع ڪرايائين.

ذڪر ڪيل خاص ڪارنامن جي ڪري هن مختصر عرصي دوران سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هارين کانسواءِ عام ماڻهن ۾ به مقبوليت ماڻي ورتي. ان حد تائين جو کيس عزت احترام طور ’باباءِ سنڌ‘ جي لقب سان سڏيو ويو. هن هاري تحريڪ کان سواءِ عملي طرح سياست ۾ حصو ورتو. سن 1945ع واري اليڪشن ۾ لاڙڪاڻي مان بيٺو. 1951ع ۾ قمبر- شهدادڪوٽ مان اليڪشن ۾ بيٺو، پر وڏيرڪي نظام مضبوط هئڻ سبب ڪامياب نه ٿي سگهيو. ننڍين ضمني چونڊن لاءِ دادو، نوابشاهه ۽ سانگهڙ ۾ چونڊن ۾ بيٺو، پر مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا ۽ سرڪار مٿس پابندي مڙهي ڇڏي. سنڌ ڌرتيءَ جي هن عظيم فرزند پنهنجي زندگي سماجي قومي، ادبي ۽ صحافتي ميدان ۾ ايمانداري ۽ آدرش سان گذاري، 3 مارچ 1970ع ۾ کيس جگر ۽ ڪينسر جو مرض ظاهر ٿيو، پر پوءِ به اديبن، عالمن، شاعرن، نثر نويسن سان رهاڻيون ۽ ملاقاتون ڪري کين ڌرتيءَ جي مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ وڙهڻ جي تاڪيد ڪندو رهيو.

ڪتاب[سنواريو]

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڇپيل ڪتابن ۾:

  • (1) تحفة سنڌ (شاعري-1930)
  • (2) آزاديءِ قوم (شاعري- 1943ع)
  • (3) سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن (نثر، انگريزيءَ ۾: 1950ع)
  • (4) هاري ڪهاڻيون (نثر: 1950ع)
  • (5) بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ائڪٽ (نثر، انگريزيءَ ۾: 1950ع)
  • (6) اپيل ٽُو سٽيزنس آف پاڪستان (نثر، انگريزيءَ ۾: 1951ع)
  • (7) هاري انقلاب (نثر: 1953ع)
  • (8) هاري گيت (1951ع)
  • (9) ڪمدار جا ڪارناما (ڊراما: 1953ع)
  • (10) ڊيموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽرشپ ان پاڪستان- چار حصا (نثر، انگريزيءَ ۾: 1955ع)
  • (11) ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس (نثر، انگريزيءَ ۾: 1956ع)
  • (12) ان جسٽ لئنڊ اسيسمينٽ ريٽس (نثر، انگريزيءَ ۾: 1957ع)
  • (13) سنڌي لئنگئيج اسٽي ان ڪراچي آر ناٽ (انگريزي: 1957ع)
  • (14) لئنڊس اِن سنڌ،هو شُڊ اون ديم؟ (انگريزي: 1957ع)
  • (15) ون يونٽ ۽ ڊيموڪريسي (انگريزي: 1962ع)
  • (16) ڊسپوزل آف اويڪيو پراپرٽي (انگريزي: 1957ع) شامل آهن.

ان کانسواءِ هن قرآن مجيد جو موضوع وار انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو به سندس شاهڪار ڪارنامو آهي.

وفات[سنواريو]

سنڌ جي هن اڳواڻ ۽ انساني درد رکندڙ انسان، 21 مئي 1970ع تي لاڏاڻو ڪيو. جي ايم سيد، خير بخش مري، اڪبر بگٽي ۽ ٻيا ڪامريڊ جي جنازي جي جلوس ۾ شريڪ هئا، جلوس سِڌو وڃي غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي صدر دورازي ۾ داخل ٿيو. اُتي غلام شاهه ڪلهوڙي جي مقبري جي احاطي ۾ هن کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. [5][6] [1]

  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ لاڙڪاڻو ليڊرن جي ڌرتي: مصنف؛ عبدالستار ڀٽي: ايڊيشن؛ پهريون جنوري 1998ع ڇپائيندڙ؛ لاڙڪاڻو، ريسرچ اڪيڊمي
  3. ويراڳي جي وڃڻا ها (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2020-05-06 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-10 
  4. Jiye Sindh Jiye Sindh Song By JiJi Zarina Baloch - YouTube
  5. ڪتاب: ويراڳي جي وڃڻا ها، عبدالواحد آريسر
  6. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد ٽيون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-40-6) سال: 2011