وائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

وائي __(Vaee):

وائيءَ جي لغوي معنيٰ آهي ”ڳالهه ٻولهه“، ”وائي“، “واڪو”، “پُڪار”، “سَڏُ” ”گفتگو“. شاعريءَ جي اصطلاح ۾ ”وائي” ڪلام/سخن کي چئبو آهي. وائي، سنڌي شاعريءَ جي اهم صنف آهي، جنهن ۾ عشق محبت ۽ وحدت جو ذڪر ڪيل هوندو آهي، وائيءَ جي پهرين بند کي ”ٿلهه“ چئبو آهي. ٿلهه کان سواءِ باقي مصرعون (سٽون) الڳ الڳ ٿين ٿيون، جن جو قافيو آخر ۾ اچي ٿو، بناوت جي لحاظ کان وائي هيڪوڻي، ڏيڍوڻي ۽ ٻيڻي پڻ ٿيندي آهي، جنهن جو وزن ڇندوديا تي رکيل هوندو آهي.وائيءَ جو عام طرح مؤجد شاھھ لطيک کي چيو ويندو آهي. پر وائي جي صنف ”صدا“ جي عنوان سان شاهه عنايت رضوي وٽ ملي ٿي ۽ ان کان اڳ دادو ديال جون به ٻه ٽي وايون ملن ٿيون. وائي، اصل ۾ ’واڻي‘ يا ’ٻاڻيءَ‘ جي بگڙيل صورت آهي. وائي جو بنيادي موضوع وڇوڙو آهي پر جديد شاعرن وائي جي موضوع ۾ وسعت آندي ۽ ٻيا موضوع به شامل ڪيا. وائي موسيقي جي لحاظ کان مٿانهن سُرن ۾ ڳائبي آهي. هڪ وائيءَ جو مثال: آئي مند ملار، آءٌ کهنبا ڪنديس ڪپڙا؛ وسڻ جا ويس ڪيا، اڄ منهنجي يار، آئي مند ملار. لار لائيندي وڇڙا، ڀنڙس، ڀنڀا ور، آئي مند ملار. پکي آءُ پرين تون، لهه مهجي سيد سار، آئي مند ملار. (شاهه) [1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. "وائي بابت آسان مضمون". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2019-07-18.