مدرسو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مدرسة أولوغ باك، سمرقند، ca. 1912

مدرسو(انگريزي: Seminary ) ھڪ اهڙو اداري کي چئبو آهي جتي شاگرد تعلیم حاصل ڪرڻ لاء ويندا آهن۔ مدرسي ۾ شاگرن ۽ شاگردياڻن کي مختلف جماعتن ۾ مذھبي تعلیم ڏني ويندي آهي۔ مدرسو عام اسڪول يا مڪتب وانگر ھڪ ادارو آهي جيڪو اسلامي مذھبي تعليم فراھم ڪرڻ لاء مخصوص ھوندو آھي. ان جو انتظام ۽ تدريسي عملو مذھبي عالمن تي مشتمل ھوندو آھي جنھن۾ مفتي، عالم، حافظ قرآن شامل ھوندا آھن. انھن جو نصاب اسلامي ھوندو آھي. پاڪستان ۾ مدرسن جي رجسٽريشن لازمي عمل آھي ۽ انھن جي نگراني لاءِ مذھبي بورڊ جوڙيل آھي.

مدرسي جي ابتدا[سنواريو]

مدرسي جي قيام کان اول مذھبي تعليم استاد گھرن ۾ ڏيندا هئا ۽ پوء سن جو آغاز مسجدن ۾ ٿيو جتي ھڪ ئي وقت استاد پنھنجا پنھنجا دائرا ٺاهي چونڪڙين ۾ شاگردن کي پڙھائيندا ھيا ۽ اھا تعليم به عام طور تي ذاتي نوعيت جي ھوندي ھئي ء رياستي مدد تمام گھٽ ھوندي ھئي ۽ ان تعليم جو خرچ گھڻي ڀاڱي مخير ماڻھن جي مٿان ھوندو ھو. اھو ايئن بنو اميہ جي دور ۽ بنو عباس جي شروعاتي ۽ وچولي دور م ٿيندو ھيو. جڏھن بنو عباس جي خلافت ڪمزور ٿي ۽ صوبن ۾ آزاد حڪومتون قائم ٿيڻ شروع ٿيون تہ اھڙن تربيت يافتہ عالمن جي ضرورت وڌي وئي جيڪي قاضي، مفتي ء صدر جي عھدن لاءِ گھربل ھئا. اھڙين حالتن م باقاعده مدرسن جي ضرورت پيدا ٿي وئي جتي باقاعده تعليم۽ تربيت ڏئي عالمن کي تيار ڪري سگھجي، اھڙي طرح پھريون مدرسو خراسان ۾ قائم ٿيو ۽ پوء ان جي تقليد ۾ اسلامي دنيا جي مختلف حصن ۾ مدرسا قائم ٿيڻ شروع ٿي ويا[1]. جيئن ته ھڪ مدرسي لاءِ ضروري هو ته عمارت ھجي، جنھن ۾ استادن ۽ شاگردن لاءِ ڪتب خانو (لائبريري) ھجي، ملازمن ۾ باقاعده پگھاردار استاد ھجن ۽ شاگردن جي رھائش لاءِ ھاسٽل ھجي تنھن ڪري اھڙو ادارو چندي کانسواءِ ھلڻ ممڪن نه ھيو تنھن ڪري باقاعده آمدني لاء رياست جي مدد جي ضرورت پيدا ٿي اھڙي طرح رياستي مدد جي شروعات ٿي ۽ مدرسن تي رياستي ڪنٽرول کان پوءِ حاڪمن مذھبي تعليم کي پنھنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو[1]. انھن مدرسن جو پھريون مقصد فقھي معاملن ۾ مھارت رکندڙن کي پيدا ڪرڻ ھو جن جي عدالتي عھدن تي مقرري جي ضرورت ھئي تنھنڪري جلد ئي اھڙن مدرسن قائم ڪرڻ جي شروعات ٿي جتي چئني سني فقھہ جي مذھبن جي تعليم ڏني ويندي هئي. اھڙي طرح مدرسو معاشري جي مذھبي ضرورتن کي پورو ڪندو ھو ۽ مذھبي قدرن جو تحفظ ڪندو هو[1]. سني اسلام جي مقابلي ۾ مصر ۾ فاطمي خلافت (909 کان 1171) مشھور الازھر جو بنياد وڌو جيڪو ھونءَ تہ مسجد جو نالو ھو پر درحقيقت مدرسو ھو جنھن جي قيام جو مقصد اھڙا مشنري يا تبليغي عالم پيدا ڪرڻ ھو جيڪي سني عقيدن خلاف تبليغ ڪري ماڻھن کي شيعت طرف مائل ڪري سگھن. فاطمي رياست الازھر جي باقائده سرپرستي ڪئي ۽ مشھور عالمن کي اتي استاد مقرر ڪيو ويو جن جون ڳريون پگهارون مقرر ڪيون ويون. تقريبن 200 سالن تائين الازھر اھو ڪردار ادا ڪيو جنھن سني معاشري کي پريشان ڪري ڇڏيو ۽ ان ۾ خطري جو احساس پيدا ڪري ڇڏيو.ان صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ سلجوقي خاندان جي مشھور وزير نظام الملڪ (وفات 1092) مدرسن جو ھڪ نئون سلسلو پنھجي نالي سان مدرسہ نظاميہ شروع ڪيو جيڪي بغداد، نيشاپور، ھرات، اصفهان ۽ موصول ۾ قائم ٿيا. انھن مان بغداد واري مدرسي جو پرنسپال مشھور مذھبي عالم امام غزالي (وفات 1111) ھيو.انھن نظاميہ مدرسن ۾ شيعہ، اسماعيلي۽ قرامطي تحريڪن جو مقابلو ڪرڻ جي تربيت ڏني ويندي ھئي تہ جيئن اھي عقيدا رد ٿين. ان جنگ جو نتيجو اھو نڪتو تہ ٻنھي پاسن ڏي عالمن کي اھميت ملڻ شروع ٿي وئي کين نه رڳو مالي امداد ملي پر حڪومتن جي سرپرستي پڻ ملي ء معاشري ۾ عالمن جو سماجي رتبو وڌي ويو. ھاڻي مدرسن مان سماجي ضرورت کان وڌيڪَ عالم نڪرڻ شروع ٿي ويا جن رياستي عھدا نہ ملڻ جي ڪري ، غربت ۽ بي روزگاري ڪري حڪومتن جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي.رياستي عھدن تي فائز ۽ انھن بي روزگار عالمن ۾ پڻ ٽڪراء ٿيڻ لڳو[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 علما اور سیاست؛ مصنف: ڈاکٹر مبارک علی؛ صفحہ 23, 24-