مواد ڏانھن هلو

نظم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نظم عربيءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ”هڪ ٻئي سان ملڻ يا ملائڻ“ لغوي معنيٰ آهي ”پوئڻ“. شاعريءَ جي هن صنف ۾ خيالن، لفظن ۽ موسيقيءَ جو خاص خيال رکيو ويندو آهي. نظم ۾ وزن ۽ قافيي سان ڪيترائي بند هوندا آهن. هر هڪ بند جو ٻئي بند سان لاڳاپو هوندو آهي. نظم ۾ سٽن يا بندن جو انداز مقرر نہ هوندو آهي. ڪي نظم ننڍا ٿيندا آهن تہ ڪي ڊگها هوندا آهن. ڪي وري ايترا تہ ڊگها ٺاهيا ويندا آهن، جو انھن جو هڪ پورو ڪتاب ٺھي پوندو آهي. عام طور تي هر نموني جي ڪلام کي نظم چيو وڃي ٿو، پوءَ ان ۾ ٿوري ۾ ٿوريون يعني ٻہ يا چار سٽون بہ ڇو نہ هجن. پر دراصل نظم هڪ ڊگهي شعر جو نالو آهي، جنھن ۾ موزون سٽن جو انداز گهڻو هجي. مضمون جي لحاظ کان نظم ۾ هر قسم جو مضمون اچي سگهي ٿو.

سنڌي شاعريءَ ۾ نظم جا جديد دؤر جا اوائلي شاعر مرزا قليچ بيگ ۽ حيدر بخش جتوئي رهيا آهن. اڳتي هلي نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، هري دلگير، فاني، شيخ اياز، محمد خان مجيدي، سرويچ سجاولي، استاد بخاري، ابراهيم منشي، امداد حسيني ۽ عبدالحڪيم ارشد جديد نظم جا شاعر ليکيا ويا آهن.[1]

ڪلمات

[سنواريو]

طويل نظمن کي ڪلمات چيو ويندو آهي. مخدوم غلام احمد بگائي ۽ عبدالرحيم گروهڙيءَ اهڙا نظم لکيا هئا. جن کي ڪلمات جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. جنھن کان پوءِ هن قسم جي اسلوب واري شاعريءَ تي ٻين بہ گهڻن ئي طبع آزمائي ڪئي، پر هاڻوڪي دؤر۾ ايڏي طويل شاعري نہ ٿي ٿئي. هن قسم جي شاعريءَ جو بنياد ڪلھوڙا دؤر ۾ پيو.[2]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.