حمل فقير لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

حمل فقير لغاري مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ ذات جو لغاري هو، ۽ لنواري شريف جي چوٿين گادي نشين خواجه محمد حسن مدنيءَ جو مريد هو. پير سائين پاڳاري وارن سان به گهرو روحاني لاڳاپو رکندو هو.

جنم[سنواريو]

حمل فقير ڳوٺ مير خان لغاري، رياست خيرپور ۾ 1225ھ ۾ ڄائو. سندن والد جو نالو رحيم خان لغاري ھو.

سوانح[سنواريو]

سندس تعليم ۽ تربيت جو بندوبست، نواب سعيد خان ڪيو. جيئن ته ھو فطري طرح ذھين ھو، ان ڪري پڙهائي جا مرحلا جلدي طئي ڪري عربي، فارسي، ھندي، سنڌي ۽ سرائڪي زبانن جو وڏو عالم بڻجي ويو. ھن جي علمي قابليت کان متاثر ٿي، نواب سعيد خان کيس، پنھنجن ٻارن جو استاد مقرر ڪيو. ان ڪري ھو ڳوٺ مير خان تعلقي سڪرنڊ لڏي ويو ۽ اتي ئي مڪتب (اسڪول) کوليائين. نواب مير خان جي پٽ، ميان بختيار خان سندس وڏو قدر ڪيو ۽ مدرسي کولڻ ۾ سندس مدد ڪئي. طريقت ۽ معرفت جي راھ ۾، حمل خواجا محمد حسن رح جو پانڌيئڙو ھو، جيڪو لواري شريف وارن بزرگن مان ھو. ھو به حمل جي سچائي ۽ صداقت علم ۽ فضل، تصوف ۽ طريقت جو قدر ڪندو ھو ۽ کيس ھمٿائيندو به ھو.

سنڌ ۾ حمل فقير، ھڪ شاعر جي حيثيت ۾ عوام ۾ مقبول رھيو آھي. سندس شاعريءَ جي وڏي خوبي لفظن جي جڙاوت ۽ بناوت آھي. لفظَ سندس گولا آھن، جيڪي ھن جي اڳيان، ائين ٿو نظر اچي ته ھٿ ادب جا ٻڌيو بيٺا آھن. بس ھو کڻندو، شعر جي لڙيءَ ۾ کين پوئيندو ٿو وڃي. لفظن جي بيھڪ ائين آھي، ڄڻ مُنڊيءَ تي ٽِڪ: خود سندس چوڻ آھي ته “ابا، اسان ٻين شاعرن وانگر ويھي، لفظ ڪين ڳڻيندا آھيون. جيڪڏھن ڪو قافيو خيال تي چڙھي ويو ته پوءِ قرآن شريف جي حافظ وانگر، باقي الفاظ، خود بخود زبان تي چڙھي ويندا.” [1] سندس فن جي عظمت کي، پير صاحب حزب الله شاھ، مڃيندي چيو ھو ته “فقير حمل جي مصرع تي، اسان جي طرفان 5 روپيا انعام ڏنو ويندو.”

حمل شاعريءَ جو شھنشاھ آھي. محبت جي عام احساسن، جذبن ۽ تجربن جي اپٽار ڪرڻ ۾، ھن ڪا به ھٻڪ محسوس نه ڪئي آھي. سندس شعر، سندس قلبي آئينو آھي. ھن جيڪي به محسوس ڪيو آھي، سي عشق ۽ محبت جون ڳالھيون، کلئي عام ظاھر ڪيون آھن ۽ اھوئي سبب آھي جو ، حمل جو ڪلام اڄ به سنڌ جي نوجوان ڳوٺاڻن جي دلين جي ڌڙڪن آھي. سندس ھيءُ بيت،مجازي ماحول جو حقيقي عڪس آھي:


ستي لوڪ سڄڻ لنگھ آيا، نال ٻڪل دي ٻڪ ڪر،
لؤڪون لڪ ڪر،
ڇپندا، ڇپندا، ٻھندا آيا، ساھ سمورا سڪ ڪر،
لؤڪون لڪ ڪر،
“حمل” ڪون ڳل لا، ڳرھاٽيان پاوي ڄليا ول ڄڪ ڪر،
لؤڪون لڪ ڪر،


حمل ھڪ زندھ دل انسان ھو، جنھن جي طبيعت ۾ مزاح جو لاڙو وڌيڪ ھو ۽ سندس انھيءَ روش ۽ طبيعت جو رنگ، ھن جي ڪلام ۾ به موجود آھي. حمل سنڌي ادب جو اھو پھريون شاعر آھي، جنھن مڪمل طرح ماحول تي طنز ۽ ٽوڪ ڪئي آھي ۽ ھن موضوع تي گھڻو ڪلام چيو آھي. حمل جي تنقيدي پر، تعميري نگاھ، معاشري جي جھرندڙ ديوارن تائين پھچي وڃي ٿي. ھيٺئين بيت ۾، ھن گھريلو بگاڙي کي جنھن طنزيه ۽ ظريفانه انداز ۾ پيش ڪيو آھي: اھو ڏسو ۽ اندازِ بيان تي به نظر ڪريو!


ھڪ ھڪڙيان دي، عادت ايھ جو، ٻيٺيان ٻوٿ سڄائي،
بيان، چڪم ڏٽيان، گھمن گھٽيان، ڪڇ وچ پلئه پائي،
اوڙي پاسري نال عداوت، ٻيٺيان جنگ جپائي،
ڪم ڪار، وڃن بازو ڏھون، ول آون رات اونداھي،
ھئي جو حمل آکي، انھان لوٺيان لڄ وڃائي.


حمل جي شاعري ۾، ڳوٺاڻي ماحول جي مڪمل عڪاسي ڪئي ويئي آھي ۽ ٻھراڙيءَ جي عوام ان کي ، پنھنجو ڪلام سمجھي، دلچسپيءَ سان پڙھي ٿو. ٻھراڙي جي غير ذميوار نوجوان جي ڏسو ته ڪيئن نه عڪاسي ڪري ٿو! انداز ِبيان تي نظر ڪريو!


ڏنگي ٽور، تي ڏنگي پٽڪي، ھٿين پنج ڇھ ڇلي،
ڪڍ ڪڍ ٻٽوين تين وٽ ڏيندي،ابتي پيچ اولي،
آڪڙ شاڪڙ نال شھر وچ، ٽوٽ ٽرن ڪر ٽلي،
سار ڏينھن گھٽيان وچ گھمندي، ول ول ڏيون ولي،
لک روپئي دي لوڏ ڪرن تي، گھر وچ ٺڪر ٺلي،
گھر وچ کلا بجا، ٻاھر شير بھادر بلي،
حمل جنھن گھر حال اھو، سو آک ڪيوين گھر ھلي.


حمل جي شاعري، ھر دور جي شاعري آھي، جنھن ۾ معاشري جي صحيح عڪاسي ۽ ترجماني سان گڏ، ان تي طنز ۽ ٽوڪ به آھي، ته تعميري پاسو به آھي ۽ انھن ٻنھي پاسن کي، عوام پنھنجو سمجھي ان ۾ دلچسپي وٺي ٿو. [2]

لاڏاڻو[سنواريو]

ڇنڇر رات، 2 صفر 1296هه تي وفات ڪيائين.


حوالا[سنواريو]

  1. ڪليات حمل- مرتب ڊاڪٽر بلوچ- ص نمبر 21
  2. سنڌ جا عوامي ڪردار (دادا سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر