اشتراڪيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search


اشتراڪيت __ ڪميونزم__(Communism):


ڪارل مارڪس (1818-1883ع) ۽فريڊرڪ اينجلس (1820-1895ع) جي فڪر تي مبني هڪ نظريو جنهن مطابق جائداد جا حقيقي مالڪ ۽ وارث رياست يا معاشرو آهن.

چين جي شھر شنگھائيء ۾ ڪارل مارڪس(کاٻو) ۽ فريڊرڪ اينگلز (ساڄو) جو يادگار

اهڙيءَ ريت تمام جائداد اجتماعي ملڪيت هوندي آهي. هن نظرئي موجب تمام پيداواري وسيلا ۽ انهن جي تقسيم به رياست جي ڪنٽرول ۾ هوندي آهي. ڪميونزم، سوشلسٽ نظام جي سڀ کان وڏي ترقي يافته شڪل آهي، جنهن ۾ دولت (ناڻي) جي پيداوار ايتري وڌي وڃي، جو معاشرو ماڻهن جي سڀنن ضرورتن کي پورو ڪرڻ تي قادر ٿي وڃي. رياست جو ڪم ماڻهن مٿان حڪومت ڪرڻ نه هوندو ، بلڪه پيداوار جي تنظيم ڪاري ڪرڻ هوندو. سنڌي ادب ۾ جديديت واري دورکان اڳ وارو ترقي پسند ادب اشتراڪي نظرئي کان گهڻو متاثر هو. ساڳيو رجحان 1980ع کان 1985ع تائين هڪ دفعو ٻيهر وڏي زور شور سان نظر آيو. [1] حڪومت جو اهڙو سرشتو، جنهن ۾ ملڪ جي ملڪيت ۾ سڀني جو هڪ جيترو حصو هجي. اهو معاشي نظريو، جيڪو نجي ملڪيت جو مخالف ۽ دولت جي عوامي استعمال جو حامي هجي، اُن کي ”سوشلزم“ چئبو آهي. انگلستان ۾ صنعتي -انقلاب- ارڙهين صديءَ ۾ شروع ٿيو، ۽ پوءِ سڄي يورپ ۾ پکڙجي ويو. -ان- جي نتيجي ۾ سرمائيداريءَ جو سماجي نظام اُڀريو، -ان- جي خلاف -اشتراڪيت- جي نظريي ”انقلابي“ رخ اختيار ڪري ورتو، اهو متبادل سماجي نظام طور سوويت يونين ۾ 1917ع ۾ نافذ ٿيو ۽ پوءِ دنيا ۾ ٻيون اشتراڪي رياستون به وجود ۾ آيون، سوويت يونين جي اشتراڪي مملڪت 70 سال قائم رهي.[2]

وڌيڪ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%B4%D8%AA%D8%B1%D8%A7%DA%AA%D9%8A%D8%AA