سنڌي ادبي سنگت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌي ادبي سنگت (Sindhi Adabi Sangat) سنڌي اديبن جي هڪ اهم اثرائتي تنظيم آهي، جنهن نہ صرف سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو آهي پر سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بچاءَ لاءِ عملي جدوجهد پڻ ڪئي آهي. ترقي پسند ۽ روشن خياليءَ جي لحاظ کان ڪابہ تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ سان برابري ڪري نہ سگھي آهي. ”سنڌي ادبي سنگت“ جي پهرين شاخ جو بنياد پاڪستان ٺهڻ کان ڪجھ مهينا اڳ (يعني اپريل 1947ع ڌاري) ڪراچيءَ ۾ پيو، جنهن جو پهريون سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي (1921-2001ع) هو.

سنگت جي انهيءَ شاخ قائم ڪرڻ کان اڳ، 1946ع ۾ پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ (1884-1947ع) جي سربراهيءَ ۾، ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ”سنڌي ادبي سرڪل“ قائم ٿيو هو. 1954ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش هڻڻ کان پوءِ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“جي سرگرمين کي پڻ روڪيو ويو. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌي ليکڪن ”سنگت“ جون نئين سر گڏجاڻيون شروع ڪري ڏنيون. اهڙي قسم جا ميڙ احسان بدوي (1925-1965ع) ۽ نورالدين سرڪيءَ (1927-2007ع) جي هاسٽلن وارن ڪمرن، واقع جناح ڪورٽس ۽ ميٺارام هاسٽل کانسواءِ ڊاڪٽر اياز قادريءَ (1927-1997ع) جي جاءِ ڌني رام بلڊنگ تي ٿيڻ لڳا. 1956ع ۾ ڪراچيءَ ۾ سنگت جي مرڪزي تنظيم ڪاري ڪئي وئي، جنهن ۾ 12 شاخن شرڪت ڪئي. سنگت جو آئين منظور ڪيو ويو ۽ اياز قادري ان جو سيڪريٽري جنرل ٿيو، جنهن بعد شمشير الحيدري (1932-2014ع)، تنوير عباسي (1934-1999ع)، رشيد ڀٽي (1933-1988ع)، تاج بلوچ، تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، شمس سومرو، مختيار ملڪ، ذوالفقار سيال، ممتاز بخاري (قائم مقام)، يوسف سنڌي ۽ مشتاق گل ان جا سيڪريٽري جنرل رهيا آهن.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. "سنڌي ادبي سنگت سنڌ : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-08-21.