علم عروض
علم عروض (Arabic Prosody) يا علم عروض شاعري ۾ موسيقي آڌارڻ جو جو علم آهي. عروض ان علم کي چئبو آهي، جنهن جي وسيلي شعر ۾ موسيقي قائم ڪئي ويندي آهي ۽ ان جي جوڙجڪ تحت شعر چئي سگهجي.[1] علم عروض جا مقرر ڪيل پيمانا، جن جي وزن ۾ شعر چئي سگهجي. عروض جا مروج بحر خليل بن احمد عروضيءَ (وفات 175ھ/791ع) جا ايجاد ڪيل آهن. ڪن استادن ۽ شاعرن ان کانپوءِ نوان بحر به ايجاد ڪيا آهن. غزلن، قصيدن ۽ قطعن لاءِ 19 بحر، مثنويءَ لاءِ 9 بحر رائج آهن، جڏهن ته هاڻي غزل، عروضي وزنن کان سواءِ ڇند تي به لکيو وڃي ٿو. عام مشهور اوڻيهه بحر آهن: ’بحر طويل‘، ’بحر مزيد‘، ’بحر بسيط‘، ’بحر ڪامل‘، ’بحر وافر‘، ’بحر هزج‘، ’بحر رجز‘، ’بحر رمل‘، ’بحر مُنسوح‘، ’بحر مضارع‘، ’بحر مقتضب‘، ’بحر مُجتث‘، ’بحر سريعُ‘، ’بحر جديد‘، ’بحر قريب‘، ’بحر خفيف‘، ’بهر مشاڪِلُ‘، ’بحر متقارب‘ ۽ ’بحر متدارڪ‘.[2] بحر (Meter) شعر جي ارڪانن ۽ وزنن جي مجموعي کي ڪوٺيندا اھن. ”بحر“ عربي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”سمنڊ. اصطلاحي معنيٰ موجب، اهو مقرر ڪيل تُڪن جو نظام، جنهن سان شعر جو وزن پورو ڪري بيهارجي. ”بحر“ جي مقرر تُڪن کي عربيءَ ۾ ”ارڪان“ چئبو آهي. اهي ارڪان شعر جي وزن جا ماپا آهن. مطلب ته شعر جي وزن واري ماپي يا تارازيءَ کي علم عروض جي قاعدي موجب ”بحر“ چئبو آهي. عام طور شعر ٻن مصرعن جو ٿيندو آهي ۽ هر هڪ مصرع ۾ چار رڪن هوندا آهن. اهڙيءَ طرح ٻن مصرعن ۾ ڪل اٺ رڪن ٿين ٿا، جن مان هڪ ”بحر“ جڙي ٿو. جيڪو ’سالم‘ يا ’مثمن‘ هوندو آهي. بحرن ۾ ارڪانن جو انداز گهٽ وڌ به ٿيندو آهي، ان حوالي سان انهن بحرن کي محذوف ۽ مقصور به چوندا آهن. عربي ۽ فارسيءَ ۾ شعر جا مکيه بحر 19 آهن، جن مان عام مروج 11 آهن، جن مان ڇهه بحر ’رجز‘، رمل، ڪامل، متدارڪ، متقارب ۽ هزج آهن ۽ ٻيا 5 بحر، خفيف، سريع، محبتث، مضارع ۽ منسرخ آهن. ا[3].
حوالا
[سنواريو]- ↑ Prosody | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ بحر (شاعري) : (Sindhianaسنڌيانا)
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي