ويد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

ويد __(Ved):

لفظ ويد جو مصدر ’ود‘ آهي، جنهن جي معني آهي ’عقل‘، ’ڄاڻڻ‘، ’سوچڻ‘، ’سمجهڻ غور فڪر ڪرڻ‘، ’موجود هئڻ‘ ۽ ’حاصل ڪرڻ‘ وغيره. ’ويد‘ جو لفظ خود ’ويدن‘ ۾ استعمال نه ڪيو ويو آهي، پر تقريبا 2000 سالن جي عرصي ۾ هندن علمن ۽ رسمن متعلق جيڪو مواد گڏ ڪيو آهي. ان کي ’ويد‘ جو نالو ڏنو ويو بعد جا سڀ هندو مصنف انهن جو حوالو ڏيندا ۽ انهن کي مستند سمجهندا رهيا آهن[1]. هندومت جي قديم الهامي صحيفن جي مجموعي جو نالو آهي جيڪو لڳ ڀڳ پندرهين يا پنجين قبل مسيح جي دوران ظابطئه تحرير ۾ آندو ويو. هندن جي مقدس ڪتابن جا ٻه بنيادي قسم آهن يعني، شروتي ۽ سمرتي ۾ ويدن کي سڀ کان پهريون داخل سمجھيو وڃي ٿو. اپنيشدن جي توحيدي ۽ فليسوفياڻي جي برخلاف ويدن جو مرڪزي خيال منتر، هون، مذهبي رسمون باهه ۽ برهمڻن جي تقديس ۽ قرباني جي اهميت آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي