مواد ڏانھن هلو

شاعري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعري (Poetry) کي سنڌيءَ ۾ ’ڪويتا‘ بہ چئبو آهي. شاعري جذبن جي اظھار جو نالو آهي، جيڪا بي ساختہ ڪئي ويندي آهي. وليم وزڊس ورٿ چيو هو تہ ”شاعري اندر جي اڌمن جو بي ساختہ اظھار آهي.“ شاعري قدرتي ڏات هوندي آهي، جنھن سان اندر جي ترجماني ٿئي ٿي. شاعر جي ھڪ اھڙي تخليق جيڪا انسان جي جذبن ۽ احساسن سان واسطو رکي ٿي. پر ان ۾ خيال جي پرواز بہ اعليٰ هوندي آهي. شاعري انساني زندگيءَ جي تصوير ۽ اندروني ڪيفيتن جو اظھار آھي. شاعري قدرت جي دلفريب ۽ دلڪش منظرن جو عڪس بہ ڪري ٿي. سنڌي زبان ۾ شاعري عام طرح ٽن نمونن جو آهي، جھڙوڪ[1]:

  • قديم شاعري.
  • عروضي شاعري.
  • جديد شاعري.
  1. سنڌي ادب ۾ شاعريءَ جي صنف تمام قديم اھي. عربن جي زماني کان بہ گهڻو اڳ سنڌ ۾ شعر چيو ويندو ھو. قديم شاعري ۾ گنان، ڪبت (الف اشباع)، ڏوهيڙو، بيت، وائي، ڪافي ۽ سلوڪ، وغيره شامل آهن. شاعريءَ جون هي صنفون هندي ڇند وديا ۽ موسيقيءَ جي ماترائن تي ٻڌل هونديون آهن. ۽ منجهن سٽون موزون ۽ قافيي واريون ٿينديون آهن. هن ۾ لوڪ، لوڪ-ڪلاسيڪل ۽ ڪلاسيڪل شاعري اچي وڃي ٿي.
  2. عروضي شعر اهو آهي، جو علم عروض جي قانونن پٽاندڙ جوڙيل هجي؛ يعني شعر ۾ مصرعون نہ رڳو وزن ۽ قافيي واريون هجن، پر ان سان گڏ اهي مقرر بحر جي وزنن ۽ ارڪانن موجب هئڻ کپن. اهڙي شعر ۾ قافيي سان گڏ ”رديف“ بہ ڪم آندو ويندو آهي. هن قسم جي شعر ۾، حمد، نعت، قصيدو، غزل، نظم، مثنوي، رباعي، قطعو، مستزاد، فرد، مسمط، ترجيع بند، ۽ ترڪيب بند، وغيره اچي وڃن ٿا.

اهي لفظ، جيڪي ڪو شاعر، شاعريءَ/نظم لاءِ مناسب سمجهي ڪم آڻي، تن کي ”شاعراڻا لفظ“ چئبو آهي. انهن لفظن ۾ ردم، تجنيس ۽ موسيقي هوندي آهي. جديد سنڌي شعر اهو آهي، جو جديد لاڙن، جدت، ترقي پسندي ۽ روشن خيال جو آئينہ دار آهي. هن ۾ بيت، دوهو، گيت، نظم، غزل، آزاد نظم ۽ ڪي نيون طرزون، جھڙوڪ؛ ماهيا، هائيڪو، سانيٽ، ترائيل، پنجڪڙا ۽ چوسٽا، وغيره شامل آهن. شاعريءَ جون هي نيون صنفون سٽاءَ ۽ جوڙجڪ جي لحاظ کان بلڪل مختلف ۽ نياريون آهن. سنڌ جا نوجوان شاعر بہ انهن طرزن تي طبع آزمائي ڪندا رهن ٿا.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.

حوالا

[سنواريو]