حرف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حرف __(Letter):

”حرف“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، سنڌيءَ ۽ اردوءَ ۾ به عام مروج آهي. سنڌي زبان ۾ حرف کي ”اکر“، سنسڪرت ۽ هنديءَ ۾ ”اڪشر“ چيو ويندو آهي. ”حرف“ جو مطلب آهي ”آواز کي ظاهر ڪرڻ يا اچارڻ وارو نشان“. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته هر هڪ آواز جي لکيل صورت کي ”حرف“ چئبو آهي. دراصل ”حرف“ جي بنيادي معنيٰ آهي ڪنارو يا پاسو“ڇاڪاڻ ته اهو ڪنارو يا پاسو وٺي بيهي ٿو. مطلب ته ڪنهن به سمجهڻ جهڙي آواز جي بدران ڪا به مقرر ٿيل نشاني جيڪا ڪم آڻجي ٿي، تنهن کي ”اکر“ يا ”حرف“ چئبو آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي