مومل راڻو
| ليکڪ | مرزا قليچ بيگ |
|---|---|
| اصل عنوان | مومل راڻي جو قصو |
| ملڪ | سنڌ, پاڪستان |
| ٻولي | سنڌي |
| موضوع | لوڪ داستان لوڪ ادب |
| صنف | لوڪ ادب |
| ڇاپيندڙ | پوڪرداس ٿانورداس |
| ڇپائي تاريخ | 1947 (ڏھون ايڊيشن) |
| سلسلو |
| سنڌي لوڪ ادب Sindhi folklore |
|---|
|
درويش
|
|
|
مومل راڻي جو قصو (انگريزي: Moomal Raney Jo Qiso) ”مومل راڻي“ جي قصي ۾ مومل مکيه ڪردار هئي.[1] هي قصو سومرن جي دَور حڪومت سان تعلق رکي ٿو.[1] پندرهين صدي جي شروعاتي وقت ۾ گجر ذات جو راجا نند، ميرپور ماٿيلي جو حاڪم هيو،[2][1] جنهن کي نَو ڌيئر هيون،[1] جِن ۾ مومل سدنرتا ۾ سڀني کان سرس هئي.[1] مومل جي وڏي ڀيڻ سومل سياڻپ ۾ سرس هئي.[3][1] مومل جي داستان سان واڳيل ڪاڪ محل آهي.[1]
”مومل راڻي جو قصو“ ڏهون ڀيرو سن 1947ع ۾ ”پوڪرداس ائنڊ سنس پبلشر ۽ بڪ سيلر شڪارپور“ ڇپائي پڌرو ڪيو.[4]
سنڌ جي لوڪ ڪهاڻي مومل راڻو تي شاهه لطيف هڪ پورو سُر مومل راڻو لکيو[5] جيڪو شاهه جو رسالو ۾ موجود آهي.
مومل راڻو جي حوالي سان ٿرپارڪر ۾ هڪ لوڪ گيت راڻو سنڌ جي مشهور رومانوي داستان ’مومل راڻي‘ تي ٻَڌل آهي،[6][7] جيڪو مينهوڳي مُند ۾ چوڏس ساوڪ ٿيڻ کانپوءِ مالوند ڀٽن تي مال کي چاريندا آهن ته اهو گيت گونجاريندا آهن.[6]
پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 "مومل | Online Sindhi Dictionaries | آن لائين سنڌي ڊڪشنريون". dic.sindhila.edu.pk. Retrieved 2020-10-23.
- ↑ "راجا نند : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2020-10-23.
- ↑ "سومل : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2020-10-23.
- ↑ {ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو جو مضمون "مرزا قليچ بيگ ۽ شڪارپور", مھراڻ رسالو سال 2003, شمارو 53, سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو}
- ↑ "راڻو 2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2020-10-23.
- 1 2 "راڻو 3 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. Retrieved 2020-10-23.
- ↑ کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=16487&BookTitle=Khathori%20Khep%20Me. Retrieved 2020-10-23. آرڪائيو ڪيا ويا 2020-10-31 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.