سنڌي نثر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌي نثر جي اوسر صحيح معنيٰ ۾ انگريزن جي دَور ۾ شروع ٿي. اُن جي ارتقا جا اولين اُهڃاڻ هئا سنڌي درسي ڪتاب ۽ انگريزي ۽ ٻين هندستاني ٻولين مان ترجما. انگريزن جي دَور جي شروع ٿيڻ (1843ع) کان اڳ ڪابه باقاعده ۽ معياري صورتخطي ڪانه هئي. مسلمان ۽ هندو عامل (Officer) عربي رسم الخط واري سنڌي استعمال ۾ آڻيندا هئا، جڏهن ته عام هندو ۽ ڀائيبند ديوناگري (Devnagri) لپيحرف علت (Vowel Signs) کان سواءِ ڪتب آڻيندا هئا. جيڪي هندو سک مت جو مطالعو ڪندا هئا ۽ سک پنٿي سڏائيندا هئا، سي وريگرمکي لپي استعمال ڪندا هئا، برهمڻ ۽ ودوان طبقو عام علمي وهنوار ديوناگري لپيءَ ۾ هلائيندو هو. سڀ کان اول سنڌي ڪتاب، جيڪو ديوناگري لپي ۾ مليو، سو هو بائبل جو ترجمو ”متي جو انجيل“ ."Gospel according to St. Matthew”(1825). هي ڪتاب ڪلڪتي ۾ ڇپجي حيدرآباد مان 1825ع ڌاري پڌرو ٿيو. حيدرآباد جو ڊپٽي ڪلڪيٽرڪئپٽن اسٽئڪ (Captain Stack) ۽ ارنيسٽ ٽرمپ (Ernest Trumpp) ، جيڪو هڪ جرمن پادريءَ ۽ مبلغ هو، تن به مذهبي ڪارج ۽ مقصدن ڪري سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ باقاعده نثر، جنهن جو گرامر لسانيات جي قاعدن جي مقرره اصولن تي بيٺل هجي ۽ جنهن جي پيڙهه پُختي هجي، جو بنياد رکيو. 1850ع/1849ع کان پوءِ شروعاتي دور ۾ خاص طور تي اِهي ٻئي يورپي صاحب قابل تعريف ۽ قابل ذڪر آهن، جن سنڌي نثر جي ترقي ۽ ترويج لاءِ ابتدائي ڀرپور ڪوشسون ورتيون. اُن ئي زماني ۾ جيڪي گرامر تي ڪتاب ڇپيا، تن جو تفصيل هن ريت آهي: Wathen’s Grammar and Vocabulary of Sindhi Language (1836) جيڪو بقولپروفيسر اجواڻي ڪو به خاص علمي ڪم نه هو] Vocabulary of Sindhi Language-j.b.Eastwick(1843) Vocabulary of Seven Languages Spoken in Countries West of Indus-Robert Leach (1843) Dictionary and Grammar-Captain George Stack (1849).

هي آخر الذڪر ڪتاب، جيئن اُن جي نالي مان ظاهر آهي، انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، پر آخر ۾ ضميمي ۾ ”آکا ڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي“ ديوناگري آئيوٽا ۾ لکيل آهي؛ ڇاڪاڻ ته موجوده عربي-سنڌي لپي اڃا تائين سرڪاري طور ٺاهي مروج ڪانه ڪئي ويئي هئي. اجواڻي صاحب جي لکڻ موجب هيءُ قصو سنڌي-ديوناگري لپيءَ ۾منشي اُڌارام ٿانورداس لکيو هو. ديوناگري جي حامي علمي حقلن جي سخت مخالفت جي باوجود سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر جي لاڳيتي دلچسپي سان عربي-سنڌي اسڪرپٽ 1852ع ۾ تيار ڪري سرڪاري طور تي رائج ڪيو ويو. پهريان سنڌي ڪتاب هئا تعليم کاتي جا اسڪولي درسي ڪتاب. اهي گهڻو ڪري هئا قصا، لوڪ ڪهاڻيون ۽ آکاڻيون جيڪي به گهڻي قدر ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل هئا. اوائل ۾ ته گهڻو ڪري انگريزي خوانده ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هوندا هئا ۽ عام پڙهيل لکيل مسلمان عربي، فارسي، ۽ هندو پڙهيل لکيل وري سنسڪرت، هندي ۽ گجراتي جا ڄاڻو هئا، تنهن ڪري اِهي درسي ڪتابهندي ۽ فارسي ٻولين تان ترجمو ٿيا. هن نشست ۾ 1854ع ۾ لکيل ”ڀنڀي زميندار جي ڳالهه“ جو نثري نمونو پيش ڪجي ٿو. آئنده ارادو آهي ته ڪئپٽن اسٽئڪ جي اولين سنڌي گرامر جي پٺيان ضميمي ۾ ڏنل ”آکاڻي راءِ ڏياچ ۽ سورٺ جي“ به نموني طور پيش ڪجي. جيڪڏهن پڙهندڙن جي دلچسپي قائم رهي ته سيد ميران محمد شاهه (اول) جي ”سڌاتوري ڪڌاتوري جي ڳالهه (1855ع) ۽ 1861ع ۾ لکيل ”مفيد الصبيان“ جا نثري شاهڪار به نموني طور پيش ڪبا. اِهي ٽيئي مضمون اصل ۾ هنديءَ تان ترجمو ٿيل آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ”آڳاٽو ادب“-1 سنڌي نثر جي اَوسر ۽ اُن جا ڪلاسڪ نمونا---گل محمد عمراڻي ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 2004ع