تاريخ معصومي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

تاريخ مَعصُومِي سنڌ بابت لکيل فارسي تاريخن مان هيءُ هڪ آڳاٽو ۽ جهونو ڪتاب آهي، جيڪو ظاهر ۾ ته مير محمد معصوم پنهنجي پٽ مير بزرگ جي ڄاڻ ۽ هدايت لاءِ تصنيف ڪيو، پر هن ڪتاب ۾ قديم دؤر کان وٺي سنڌ جي مغليه غلاميءَ تائين، ڏيهي حالتن تي سٺي روشني وڌل آهي. مير صاحب ارغوني دؤر جي سنڌ جي مشاهيرن جو الڳ ذڪر به هن تاريخ ۾ ڪيو آهي.

ترجما[سنواريو]

هيءُ ڪتاب اصل ۾ مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل آهي، جنهن جو ترجمو مخدوم امير احمد ڪيو آهي. واضح هجي ته “تاريخ معصوميءَ“ جا هن ترجمي کان اڳ ٻه ٽي ترجما ٿي چڪا هئا. پهريون ترجمو ڪئپٽن ماليٽ (G.G Malet) انگريزي“ٻوليءَ ۾ ڪيو، جيڪو 1855ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿيو؛ ٻيو ترجمو ديوان ننديرام، سنڌيءَ زبان ۾ ڪيو، جيڪو 1861ع ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيو. ٽيون هڪ بلڪل گمنام ترجمو، اردوءَ ۾ پنجاب جي ڪنهن صاحب ڪيو ۽ لاهور مان شايع ٿيو. اهي اوائلي ترجما، “تاريخ معصوميءَ“ جي ڪنهن هڪ اڌ قلمي نسخي کي آڏو رکي ڪيا ويا هئا. ان کان پوءِ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، تاريخ معصوميءَ جا ڇهه اصلوڪا نسخا سامهون رکي، فارسيءَ ۾ هڪ مستند متن تيار ڪيو، جيڪو 1938ء ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿيو. هن سنڌي ترجمي جو بنياد، ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب جي تيار ڪيل فارسي متن تي رکيل آهي.

تذڪرو[سنواريو]

تاريخ معصوميءَ ۾ وليد بن عبدالملڪ جي زماني کان وٺي ارغون دور تائين سنڌ جو تذڪرو شامل آهي. ڊيمي سائيز جي 419 صفحن تي مشتمل، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سنڌي ادبي بورد جي سيڪريٽري محمد ابراهيم جويي، 1959ء ۾ اسلاميه پرنٽنگ پريس، حيدرآباد مان ڇپائي، پڌرو ڪيو ۽ اُن جي قيمت 5 رپيا رکيل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]