زميندار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

زميندار يا ياگيردا ھر اُنھيءَ ماڻھوءَ کي چئي سگھجي ٿو، جيڪو ھڪ سؤ ايڪڙ زرعي زمين کان مٿي پنھنجي زمين رکي ٿو. سنڌي سماج جي ھن حصي کي سنڌي سماج ۾ تاريخ جي ھڪ ڊگھي عرصي کان وٺي خاص اھميت حاصل رھي آھي. ھي طبقو برطانوي سلطنت جي حڪمرانن پنھنجي مفاد لاءِ ”مالڪاڻا حَق“ ڏيئي پيدا ڪيو هو ۽ پوءِ پنھنجي سرشتي ۾ ھِن طبقي کي سموري سنڌي سماج جي ٻَڌي ڇوڙيءَ جو مالڪ ۽ مختيار بڻايو. نتيجي طور ھي طبقو انتھائي صالح ۽ فرمانبردار اولاد وانگر برطانوي راڄ جا ڪم ڪندو رهيو. ھن طبقي کي ھر دور ۾ سنڌي سماج تي پنھنجو سياسي، اقتصادي ۽ معاشي اَثر برقرار رکڻ لاءِ سرڪار جي طاقت جي ڇَٽيءَ جي ضرورت پوندي رھي آھي پوءِ اُھا سرڪار پنھنجي ھجي يا پرائي، ڇو ته سنڌي سماج ۾ ڪنھن به سرڪاري مشنريءَ جي ڇَٽيءَ کان سواءِ ھيءُ ننڍڙو گروھ ڪنھن به صورت ۾ پنھنجو سياسي، اقتصادي ۽ معاشي غلبو برقرار رکي نٿو سگھي. ان ڪري ھي طبقو ھر دور ۾ ھر حڪومت، ديسي توڙي بديسيءَ جو وفادار چمچو ۽ دلال رھندو پئي آيو آھي ۽ جبر ۽ ڏاڍ جي قوتن سان گڏجي عوام جي ڦرلٽ ڪندڙ ڌرين جي مدد ڪندو آيو آهي. جيئن ته ھيءُ طبقو بنيادي طرح سُست، عياش، بي ڍنگو، جاھل ۽ فَني قوتن کان محروم آھي، ان ڪري ھِن طبقي نين سائنسي ۽ فني قوتن کان ڪم وٺي، سنڌ جي زراعت ۾ ڪو به واڌارو ۽ ترقي نه آندي آهي، بلڪي زمينون وڪڻي، مقاطعن تي ڏيئي، فصل لھڻ کان اڳ فصل ۽ زرعي جنسون وڪڻي پنھنجي عياشيءَ جون ضرورتون پوريون ڪندو رھيو آھي. ھيءُ طبقو سنڌي معاشري جي ڪنگالپڻي جو وڏو سبب آھي. ھيءُ طبقو نه رڳو ھاريءَ، پورھيت ۽ ڌنار جي ڦرلٽ ٿو ڪري، پر سماجي طرح سماجي ڏوھن، ڌاڙن، خونريزين ۽ چورين ۾ شامل آھي ۽ پاڻ به ڪرائي ٿو. ھيءُ طبقو سرڪاري مشنريءَ جي مقامي شاخن ۾ رشوت، بي ايماني ۽ بدانتظامي پيدا ڪري انھيءَ مشنريءَ کي پنھنجي مرضيءَ مطابق ٿو ھلائي. مقامي سرڪاري مشنريءَ ۾ ڊي سي، ايس پي، ميڊيڪل آفيسر، سرجن ۽ انھن کان ھيٺ اي سي، مختيار ڪار، صوبيدار، آرميءَ جا ننڍا آفيسر ۽ پوليس جا عملدار اچي وڃن ٿا. جن سڀني جي آڌار تي اھو پنھنجو سماجي ۽ سياسي اثر ۽ اقتدار برقرار رکي ٿو. ھِن صنعتي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ، ڪارخانن لڳائڻ ۽ ٻھراڙيءَ جي عوام کي ڪارخانن سان سلهاڻڻ کان ڄاڻي واڻي لنوايو آھي. ڇو ته ھن طبقي يا گروهه کي خبر آھي ته ھاريءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ سولو آھي پر صنعتي مزدور ڪڏھن به سولائيءَ سان قبضي ۾ ڪونه ايندو. اُھو ھاري ئي آھي، جنھن جي آڌار تي اھو آسانيءَ سان پيڙھي به پيڙھي اسيمبلين ۽ وزارتن تائين پھچندو رھيو آھي.

ھڪ پاسي اُھا صورتحال آھي ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ ٻاھران آيل سرمائيدار، سمورن اقتصادي ۽ معاشي وسيلن، واپار، ڪارخانن، ٺِيڪن، کاڻين، مارڪيٽن ۽ اڏاوتي صنعت جو مالڪ آھي. انھن سڀني ادارن ۾ ھو افرادي قوت به ٻاھران گھرائي استعمال ڪري ٿو. اھو سرمائيدار، مارڪيٽن ۽ درآمدي برآمدي واپار تي قبضي وسيلي سنڌ جي زرعي جنس جي قيمت به مقرر ڪري ٿو. زميندار جا مفاد، اتي اچي سرمائيدار جي مفاد سان ٽَڪر کائين ٿا، پر زميندار يا جاگيردار ۾ نه اُھو شعور آھي نه اُھا ھمٿ ۽ رِٿابندي، جنھن جي ذريعي ھو پنھنجي مفادن لاءِ پاڻ کان طاقتور ڌُر سان مُھاڏو اٽڪائي ۽ کيس شڪست ڏئي سگهي. اھوئي سبب آھي جو اهو، سرمائيدار جي اڳيان آڻ مڃي ويٺو آھي. ھونءَ به جاگيرداراڻي اخلاقيات موجب، پاڻ کان ڪمزور جي مقابلي ۾ اهي متحد ھوندا آھن، پر پاڻ کان بالاتر ۽ سگھاري طاقت جي مقابلي ۾ ٻَڌي ڪرڻ بدران ھڪ ٻئي جي خلاف سازشون ڪندا آھن. ننڍي کنڊ (برصغير) تي انگريزي قبضي وقت ديسي راجائن، مھاراجائن، نوابن، والين، سلطانن، ميرن ۽ پِيرن جو ڪردار انھيءَ ڳالھ جو ثبوت آھي ته جاگيرداراڻي اخلاقيات ۾ رٿابندي، گڏيل سوچ ۽ طبقاتي مفادن لاءِ گڏيل جنگ ھِن طبقي کان پڄڻي نه آھي.[1] [2]