مضمون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مضمون __(Essay):

لفظ”مضمون“ سنڌي زبان ۾ تمام وسيع مفهوم رکي ٿو. ان جو استعمال ڪيترين معنائن ۾ ٿئي ٿو. مثال طور نثر جي ڪنهن به بياني لکت، ان جي موضوع (Subject)، متن(Text) ، عنوان (Topic)، مرڪزي خيال (Them) يا شعر جي مواد (Content) کي عام طور مضمون سڏيو ويندو آهي. اردو ۾ مضمون کي ’انشائيه‘ چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ ٻنهي اصطلاحن ۾ فرق به آهي. لفظ مضمون عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ضمن“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي”گڏ ڪرڻ“، ان ڪري ڪنهن به موضوع کي دليلن، مثالن ۽ حوالن سان تشريح، وضاحت، مناسب ترتيب ۽ موزون لفظن کي پيش ڪرڻ کي مضمون چئبو آهي. لفظ مضمون جي وصف اسان وٽ انگريزي لفظ Essay مان آئي آهي. ”ايسي“ (Essay) فرانسيسي ٻوليءَ جي لفظ ”Essai“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سعيو“ يا ”ڪوشش“ (Attempt) ڪرڻ. ان جو مطلب ٿيو ته مضمون ڪنهن موضوع تي لکڻ جي ڪوشش جو نالو آهي، مضمون نگاريءَ جو بنياد فرانسيسي دانشور مائيڪل ڊي مانٽين (1533-1592ع) وڌو. سندس ابتدائي تخليقون 1650ع ڌاري مجموعن ۾ آيون. هن پنهنجي ذاتي تاثرن ۽ تخليقي جي روپ ۾ شايع ٿيل لکيڻن کي ”ايسز“ (Esais) جو نالو ڏنو. انگريزيءَ ۾ فرانسسز بيڪن (1561- 1626ع) هن صنف کي مشهور ڪيو. سنڌيءَ ۾ مضمون نگاري انگريز دَور کان زور ورتو. مرزا قليچ بيگ، ڏيارام گدومل، پرمانند ميوارام، ڀيرومل مهر چند، لعلچند، امر ڏنومل، ڄيٺمل پرسرام، ڊاڪٽر دائود پوٽي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، عبدالحسين موسوي، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر بلوچ، محمد ابراهيم جويي، هيري ٺڪر، ڪيرت ٻاٻاڻي، مرليڌر جيٽلي، اي. جي. اُتم، ستيش روهڙا ۽ ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ ٻين مضمون جي صنف کي وڏي هٿي ڏني آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي