انور فگار هڪڙو
| ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو | |
|---|---|
| ڄم | انور 1961 شڪارپور |
| ڌنڌو | سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جو پروفيسر |
| ٻولي | سنڌي، |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | بي اي ، ايم اي ۽ پي ايڇ ڊي |
| مادرِ علمي | سنڌ يونيورسٽي |
| صنف | شاعري ، نثر ، تنقيد |
| موضوع | سنڌي |
| ايوارڊ | زندگي گولڊن جوبلي ايوارڊ ڊاڪٽر تنوير عباسي يادگار ڪميٽي ايوارڊ |
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو ولد محمد صديق هڪڙو پهرين اپريل 1961 تي شڪارپور ۾ ڄائو. سندس شمار سٺن شاعرن ۽ نثر نويسن ۾ ٿئي ٿو.انور فگار انٽر تائين تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي.بي اي ۽ ايم اي جا امتحان سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪري اتي ئي سنڌي شعبي ۾ استاد جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. 1996 مان شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪيائون.
جيئين ته سندس ڏاڏو ۽ والد علمي ۽ ادبي ذوق رکندڙ هئا ۽ وٽن بهترين ڪتب خانو پڻ هئو. سو لکڻ پڙهڻ ۽ ڪتان ورثي ۾ مليا. ان ماحول ۾ رهندي کيس لکڻ لاءِ شوق جاڳيو. ادبي دنيا ۾ کيس نقش ناياب منگي جي سرپرستي ۽ شيخ اياز جهڙي شاعر جي گهڻي ويجهڙائپ نصيب ٿي ڳن ڪري پاڻ هڪ وڏو ۽ پختو شاعر ۽ اديب بڻجي پيو.
پاڻ ڪيئي ڪتاب ۽ اڻ کٽ مقالا ۽ مضمون لکيا آهن. کيس مڄتا طور نئين زندگي گولڊن جوبلي ايوارڊ ۽ ڊراڪٽر تنوير عباسي يادگار ڪميٽي ايوارڊ مليل آهن[1][2].
نوجوان اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر -انور- فگار هڪڙي جو اصل نالو محمد -انور- محمد صديق هڪڙو آهي. هن پهرين -اپريل- 1961ع تي شڪارپور ۾ -جنم- ورتو. پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي -تعليم- شڪارپور مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ. ايم. اي (سنڌي) ۽ پي. ايڇ. ڊي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين. سندس پي. ايڇ. ڊيءَ جو موضوع ”شڪارپور شهر جو سنڌي ادب ۾ حصو“ هو[2][3]. هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري جي سنڌي شعبي ۾ اُستاد آهي. -انور- فگار هڪڙي، سنڌي جديد شاعريءَ جي اهم نامور شاعر کيئلداس ”فاني“ جي شاعري وڏي -تحقيق- بعد گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏني، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري پاران 1995ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. -ان- کان سواءِ -انور- فگار هڪڙي، ڊاڪٽر عمر -بن- محمد دائودپوٽي جي ٻوليءَ ۽ ادب بابت ترتيب ڏنل مضمونن جو هڪ مجموعو ”سون برابر سڳڙا“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 1997ع ۾ ڇپايو آهي[2]. -انور- فگار هڪڙي، شيخ -اياز- جي ڪهاڻين کي ”جي -تند- برابر توريان“ جي عنوان سان ترتيب ڏنو آهي، جيڪو ڪتاب سنڌي ادبي اڪيڊمي ڪراچيءَ 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ -اياز- جي سوانح ۽ شاعريءَ بابت سندس تحقيقي ڪتاب ”-جنم- جي جيت اياز'>-جنم -جنم- جي جيت اياز-“ 1999ع ۾ گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. -انور- فگار هڪڙي جا علمي، ادبي ۽ تحقيقي مصمون وقت به وقت سنڌ جي ادبي ۽ عليم رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا[2]. هن وقت به هو ڪيترن موضوعن تي تحقيقي ڪم ڪري رهيو آهي. جڏهن تہ هن وقت هو سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ چيئرمين طور خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آهي[2][1][4]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾. http://www.punjnud.com/PageList.aspx?BookID=17159&BookTitle=Shikarpur-Tarikh-Je-Aaine-Main.
- 1 2 3 4 5 "انور فگار هڪڙو : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 11 جون 2019۔ -
- ↑ ڪتاب جو نالو: شڪارپور تاريخ جي آئيني ۾ مصنف:نقش ناياب منگي / حسيب ناياب منگي؛ ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد شايع ٿيڻ جو سال:2017 آرڪائيو ڪيا ويا 2020-12-02 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. -
- ↑ "سنڌ جو ڏاهو اديب ڊاڪٽر پروفيسر انور فگار هڪڙو", SindhSalamat, حاصل ڪيل 11 جون 2019۔-
پڻ ڏسندا
[سنواريو]| ھي مضمون ڪچو مضمون آھي. توھان وڪيپيڊيا جي مدد ڪري سگھو ٿا ان کي سنواري. |