مواد ڏانھن هلو

وفاقي اردو يونيورسٽي

وفاقي اردو يونيورسٽي
Other name
FUUAST
اڳوڻو نالووفاقي اردو سائنس ڪاليج، وفاقي اردو آرٽس ڪاليج
قسمپبلڪ
سرگرم2002 (2002) as university
تعليمي لاڳاپوPEC
HEC
پاڪستان بار ڪونسل
فارميسي ڪائونسل آف پاڪستان
نيشنل ڪائونسل فار هوميوپيٿي
چانسلرپاڪستان جو صدر
وائيس چانسلرZia Ul-Qayyum (Acting)[1][2]
ڊين
  • Mohammad Zahid[1]
  • Muhammad Zia-ud-Din[1]
  • Masood Mashkoor Siddiqui[1]
  • Meh Jabeen[1]
تدريسي عملو
450
شاگرد~13,500
پتواسلام آباد، اسلام آباد راڄڌاني علائقو، پاڪستان
24°54′43″N 67°05′27″E / 24.9120°N 67.0907°E / 24.9120; 67.0907
ڪيمپسبنيادي ڪيمپس
رنگ   سائو ، اڇو
ويب سائيٽfuuastisb.edu.pk
fuuast.edu.pk

وفاقي اردو يونيورسٽي آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي (اردو: جامعہ اردو)؛ متبادل طور تي FUUAST طور سڃاتو وڃي ٿي) هڪ عوامي يونيورسٽي آهي جيڪا بنيادي طور تي اسلام آباد، پاڪستان ۾ واقع آهي. [3] يونيورسٽي وٽ ٻه سيٽلائيٽ ڪيمپس آهن؛ سينٽرل ڪيمپس اسلام آباد ۾ آهي جڏهن ته سيڪنڊري ڪيمپس ڪراچي ۾ آهي.[4] هي يونيورسٽي پاڪستان سرڪار پاران 13 نومبر 2002ع ۾ قائم ڪئي وئي.[5]

تاريخ

[سنواريو]

وفاقي اردو يونيورسٽي پهرين ڪاليج هئي، جيڪو باباءِ اردو مولوي عبدالحق قائم ڪيو هو[5].

ڪيپمس ۽ شعبا

[سنواريو]

مکيا ڪيمپس اسلام آباد ۾ اٿس[5]، ۽ ٻيو ڪيمپس ڪراچي ۾ اٿس[5]، ڪراچي ۾ ٻن هنڌن تي ڪيمپس اٿس هڪ مولوي عبدالحق ڪيمپس، ٻيو ڪيمس گلشن اقبال ۾ نيپاچورنگي ڀرسان اٿس، جتي وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ ٻيو عملو اٿس[5].

سنڌي شعبو

[سنواريو]

وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جو سنڌي شعبو عبدالحق ڪئمپس ۾ آهي[5]. سنڌي شعبو مُنڍ کان وٺي وفاقي اردو آرٽس ڪاليج ۾ قائم هو[5]. سنڌي شعبي جو پهريون سربراهه پروفيسر علي بخش بهڻ بڻيو[5]، انکانپوءِ ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري جنوري 2006ع کان جولاءِ 2012ع تائين سنڌي شعبي جو چيرمين ٿيو[5] ۽ جولاءِ 2012ع کان 2020 تائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو شعبي جو چيرمين رهيو[5].

سنڌي شعبي ۾ چئن سالن وارو پروگرام بي ايس ايم. اي، ايم. فل ليڊنگ ٽو پي ايڇ.ڊي پروگرام هلايو پيو وڃي[5]. سال 2013ع کان ايم. اي (سنڌي) پرائيويٽ به شروع ڪيو ويو[5]. سنڌي شعبو سيمينار ۽ ڪانفرنسون به ڪرايون آهن ۽ هڪ ڇهه ماهي تحقيقي جرنل ’ڪارونجهر‘ به ڇپايو وڃي ٿو[5]، جنهن جا هيئر تائين 8 شمارا ڇپجي چڪا آهن[5]. ان جرنل ۾ سنڌي ٻولي ۽ ساهت سان لاڳاپيل مقالا ڇاپيا ويندا آهن[5].



حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 3 4 5 "University Organization – FUUAST". fuuast.edu.pk.
  2. "President Appointed Dr Zia-ul-Qayyum As Acting VC Federal Urdu University". UrduPoint. 3 November 2021. 15 November 2021 تي حاصل ڪيل.
  3. Google maps. "Address of Federal Urdu University". Google maps. 11 May 2018 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: |last= has generic name (مدد)
  4. Amanullah Bashar (6 October 2006). "Urdu University: A Gift Of The Present Government". Pakistan Economist (magazine). اصل نسخو مان 12 May 2018 تي محفوظ ڪيل. 11 May 2018 تي حاصل ڪيل.
  5. 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 "سنڌي شعبو وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org. 2022-05-05 تي حاصل ڪيل.