مواد ڏانھن هلو

ادبي ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ادبي ٻولي (Literary Language) اھا چئبي، جنھن جي حرفن ۽ لفظن جا آواز رواجي آوازن جھڙا نہ ھجن، بلڪ سھڻا، سريلا ۽ سوادي ھجن. ادبي زبان ۾ اصطلاح، محاورا، تشبيھون، ڪنايا، مثال ۽ پھاڪا گهڻا ھوندا آھن. انھيءَ ڪري منجهس فصاحت ۽ بلاغت جون خوبيون ججهيون ھونديون آھن. ادبي زبان ۾ ھڪ معنيٰ لاءِ گهڻا لفظ ۽ ھڪ لفظ جون گهڻيون معنائون ھونديون آھن. دنيا جي ھر ڪنھن شيءِ جا نالا ۽ ھر ھڪ معنيٰ جا لفظ ادبي زبان ۾ لڀندا اھن. ھم قافيہ، تجنيس ۽ لفظي اظھار حرفيءَ وارا لفظ ادبي زبان جي خاص خوبي هوندا آھن. ادبي ٻولي، ڌارين ٻولين مان ڪيترا لفظ پاڻ وٽ آڻي پنھنجا بنائي ڇڏيندي آھي. ادبي زبان ۾ صرف نحو جا قاعدا ۽ قانون قدرت طرفان موجود ھوندا آھن. سڌريل ۽ ادبي زبان ۾ ”علم بديع و بيان“ ۽ ”علم معانيءَ“ جو خزانو خوب ڀريل ھوندو آھي. ادبي ٻوليءَ جي ھيءَ بہ خاصيت ھوندي اھي، جو ٻين ٻولين کي پنھنجي ذخيري ۽ خزاني مان مدد ڏيڻ ۾ ڪوتاھي ۽ ڪنجوسي نہ ڪندي آهي، بلڪہ ڪشاديءَ دل سان سخاوت جو ھٿ ڊگهيري پنھنجو مال، ٻين جي اڳيان رکندي آهي. جيئن جيئن دنيا ۾ علم ۽ ھنر پيا وڌندا سائنس جون ايجادون پيون ٿينديون نيون نيون شيون پيون معلوم ٿينديون. نوان نوان اصطلاح پيا گهڙبا، تيئن تيئن سڌريل ۽ ادبي زبان، اھڙن علمن ۽ ھنرن، اصطلاحن ۽ ايجادن جي معنائن لاءِ، پاڻ وٽان يا ٻين سڌريل ۽ ادبي ٻولين مان ڪي نہ ڪي لفظ کڻي پيش ڪري سگهندي ۽ انھيءَ ڏس ۾ پوئتي نہ پوندي. [1]

سنڌ[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.