بيت

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

بيت (Couplet)، سنڌي شاعريءَ جي نج ۽ بنيادي صنف آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين محققن ’بيت‘ لفظ جو اصل عربي لفظ ’بيت‘ ڄاڻايو آهي، جيڪو سنڌ ۾ عربن جي دور (1050ع 712ع) ۾ مروج ٻن سٽن وارو شعر هو. ٻن سٽن واري شعر کي ان کان اڳ اشلوڪ سوتر، سورٺو يا دوهو چيو ويندو هوندو (جيتوڻيڪ اسلوڪ ٻن کان وڌيڪ سٽن ۽ سوتر هڪ سٽ تي به ٺهيل هوندو هو). سنڌي زبان ۾ بيت، دوهي مان اُسريو، دوهي ۾ قافيو ٻنهي سٽن جي پڇاڙيءَ ۾ آندو ويندو هو، جڏهن ته سورٺي ۾ قافيو سٽن جي وچ ۾ ڪم ايندو هو. وقت گذرندي دوهي ۽ سورٺي جي ميل سان سنڌي شاعريءَ ۾ ’بيت‘ سرجيو ويو، جنهن جي سٽن ۾ اڳتي هلي واڌ آندي وئي. بيت جي شاعراڻي صنف فن، هيئت، معنيٰ ۽ مقصد جي لحاظ کان سومرن کان ڪلهوڙن جي دور تائين ۾ عروج کي پهتي، ان جا اوائلي اهڃاڻ ڳاهن کان پوءِ قاضي قادن، لطف الله قادري، شاهه عنات رضوي ۽ شاهه عبداللطيف جي رسالن ۾ ملن ٿا.شاھه لطيف چئن ۽ پنجن سٽن وارا بيت به لکيا اھن.[1].. [2]

سنڌي بيت[سنواريو]

سنڌي بيت جو نالو فارسي بيت تان ورتل آهي. ٻنهي جو مقصد ڪنهن حد تائين ساڳيو آهي، يعني ڪنهن نُڪتي جي سمجهاڻي يا وضاحت، جيئن سعدي جي گلستان ۽ جاميءَ جي بهارستان ۾ ڏسون ٿا. پر سنڌي بيت ۾ ٽي، پنج، ست ۽ وڌيڪ تعداد ۾ به سٽون ٿي سگهن ٿيون، جيڪا فارسي شاعري جي روايت ۽ فن جو دستور ڪونهي. بابا فريد جو زمانو چوڏهين صديءَ جو آهي، جيڪو دوهي ۽ بيت جي اوسر جي دور جي ويجهو آهي. ان ڪري بابا صاحب جي ڪلام ۾، جو دوهن تي مشتمل آهي، (اسان کي سلوڪ ۽ باني وغيره نالن سان ڌوڪو نه کائڻ گهرجي) اوائلي دور جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مثال طور اوائلي دور جي ڪن دوهن ۾، جيڪي گهڻو ڪري گهڻ سٽن دوهن جا وڇڙيل دوها هئا ۽ معنيٰ طور مڪمل ٿيڻ سبب ڊگهن دوهن کان جدا ٿي مشهور ٿيا (يا ائين ئي چيا ويا هئا)، پهرين سٽ ۾ قافيو نه هوندو هو. بابا فريد جي دوهن ۾ (توڻي اُهي بابا صاحب جا هجن يا فريد ثاني جا) اهڙا مثال ملن ٿا، جن جي پهرين سٽ ۾ ”تڪ“ (قافيو) ڪونهي: 1- (فريدا) دُني وجائي وجدي، تون به وڃين نال سو اي جيو نه وجدا، جس الله ڪردا سار 2- ويکو بند چليا، چونهه جڻيان دي ڪنهه (فريدا) عمل جو ڪيتي دني وچ، درگاه آئي ڪم ظاهر آهي ته نه نال ۽ سار قافيا آهن ۽ نه ڪنهن ۽ ڪم. اها صفت اپڀرنش واري دوهي جي هئي. اپڀرنش وار دوهي جي پهرين سٽ ۾ قافيو نه هوندو هو. ان جو فني جواز به هو. رڳو ائين نه هو ته اهڙا دوها گهڻن سٽن وارن دوهن کان جدا ٿي مشهور ٿيا. بابا صاحب جي دوهن ۾ ان جو مثال به ملي ٿو. فريدا راتين کٽ سون، ڏينهن پٽ پيٽ ڪونُ جان تون کٽڻ ويل، تراهين تين سونُ رهــــيا. (فريد) انهيءَ دوهي کي ڏسي معلوم ٿيندو ته پهرين سٽ ۾ ٻنهي چرنن ۾ سونن ۽ ڪوَن قافيا آندا ويا آهن ۽ ٻيءَ سٽ ۾ ويل هوندو، جو سورٺي جي انداز ۽ قافين جي نموني ۾ آندو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته هيءُدوهو ڦُٽڪر (اڪيلو) هجي يا ڪنهن مسلسل دوهي يا جوڙي جو وڇڙيل دوهو هجي. اهڙا ڦٽڪر دوها اپڀرنش واري دور ۾ ڪافي رائج هئا، بعد ۾ دوهي جا قاعدا به زبان جي دستور جي انداز ۾ سخت ٿيندا ويا ۽ ٻنهين سٽن ۾ قافيو ضروري سمجهيو ويو. سوراشٽر (گجرات) جي روايت جي پيروي ۾ پوءِ ٽي سٽا، چار سٽا ۽ پنج سٽا بيت به عام ٿي ويا، ان جا مثال به سڀ کان اول بابا فريد جي ڪلام ۾ ملن ٿا. (1) (فريد) محل نِسڪّن ره گئي واسا آيا تل

         ٿورا سي نماڻيان، بهسن روحان مل
         آکين شيخا بندگي، چلن اڄ ڪهه ڪل.

(2) (فريدا) ديک ڪپاهي جو ٿيا جو سر ٿيا تِلانُ

         ڪمادِي ارڪا گدي، ڪني ڪويليان
         مندِي عمل ڪرينديا ايهه سزا تنهان      (فريد)

چئوسٽا ۽ پنج سٽا بيت به سڀ کان اول فريد جي ڪلام ۾ ئي ملن ٿا، پر اهڙن بيتن ۾ اڳوڻي سلسلي جي پيروي ڪئي ويندي آهي، ۽ گجرات ۽ سنڌ جي بيتن جو مٿن اثر ڏسڻ ۾ نٿو اچي. تُڪ سڀني بيتن ۾ دوهي جي انداز ۾ پڇاڙي ۾ اچي ٿو. آخري سٽ ۾ به تڪ وچ ۾ نٿو اچي. بابا فريد جي چؤسٽن بيتن جو مثال هيءُ آهي: (1) (فريدا) تون تون ڪريندي جو موئي، موئي به

  تون تون ڪرڻ

جنهين تون تون نه ڪيا، ڪنهين نه سڃاتو تن سائين سندي ناد کي دايم پري چون اب نه ڀني بوريا، سندي فقيرن. (2) (فريدا) برها برها آکيِي، برها تون سلطان جدتن يرهون نه اوپجي، سو تن جاڻ مسان فريدا جت تن برها اوپجي تت تن ڪئيسا ماس اِت تن اب ڀي بهت هئي هاڙ جام ارماس. بيت نمبر ٻيو جوڙي جو بيت آهي، ان ۾ ٻئي دوها جدا جدا تُڪن ۾ آهن. هيءُ به تمام جهونو انداز آهي، ورنه عام طور جوڙي جي بيتن ۾ قافيو ساڳيو هوندو آهي. (فريدا) ڪرن حڪومت دُني دي، حاڪم نائون دهرن اُڀي ڌول پياريان، پڇي ڪوت چلڻ چڙهه چلڻ سک واهي اپر چور جهُلڻ پج وڇاون ياهرو، جٿي جاءِ سوڻ تنهنان جنهان ديان ديريان دور وَن پيئان وسڻ. سنڌيءَ ۾ ٽي سٽا بيت سڀ کان پهرين قاضي قادن وٽ ملن ٿا ۽ سندس زماني جي ويجهڙائيءَ ۾ شاهه ڪريم بلڙي واري جي ڪلام ۾ به ڪي بيت ٽي سٽا آهن. اهڙا بيت پوءِ خواجه محمد زمان لُواري شريف ۽ فقير گرهوڙي جي ڪلام ۾ به آهن. چؤسٽا بيت قاضي قادن جي تازو مليل ڪلام ۾ موجود آهن. ٽه- سِٽي بيت جا مثال هيٺ نقل ڪجن ٿا: تون آڌار سڌار تون، تون اڏائون اڏ تون ئي اکڙين مون، تون ئي اندر هڏ ڳل لڳي ڳالهه چوان، ڪيهي حاجت سڏ.

    (قاضي قادن)

جاڳي جاڳي سسسئي جان هيجان هٿ وڌاءِ تان سُڃي سچ پرين ري، پنهون پٿر ناهه نڪرندي چتاءِ، گهوڙ گهِر نه سپرين (شاهه ڪريم) ڇڏ جاڳوٽا جوڳين، دنهيون ڪيم دکاءِ و اذڪر ربڪ في نفسڪ، اندر آڳ جلاءِ جن سڄڻ جي ساڃاءِ، تن ڪينا مٺو ڪينڪِ (خواجه محمد زمان) جوڳي پنهنجي جوءِ وئا، جهُڙ جئن نيڻ جهمن سخن ساميئڙن جا، هنئڙي منجهه هُرن سڄو موت مڱن، اڌ ڪٺا آرام لئه (شهيد گرهوڙي) قاضي قادن جي زماني ۾ چؤستن بيتن جو عام رواج نه ٿيو هوندو، پر ڪن شاعرن چوڻ شروع ڪيا هوندا. قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جي بيتن ۾ آخري سٽن ۾ به قافيو سٽ جي آخر ۾ اچي ٿو. قاضي قادن جي نئين مليل ڪلام ۾ چؤسٽا بيت ڪافي تعداد ۾ ملن ٿا، پر قافيو چوٿين سٽ جي آخر ۾ آيل آهي. سج پيارا سائيان، سائين سچ سُهاءِ سچي منگل نه دهيه، سچي سرپ نه کاءِ سچ سمنڊان سر چڙهيه، ڪوڙڪ کائين پاهِه هڏهو ڪڏهون ڪُوڙڪي، ڏيندو سچ سزاءِ (قاضي قادن) خواجه محمد زمان لُواري شريف وارا ۽ شاهه عنايت رضوي، شاهه جا بزرگ همعصر هئا. انهيءَ دؤر تائين پنجن ڇهن سٽن، بلڪه ان کان به وڌيڪ سٽن وارا بيت عام ٿي ويا هئا، پر جنهن شاعر اهڙن گهڻ سٽن بيتن کي رواج ڏنو، سو به شاهه کان ٿوروئي اڳ ٿي گذريو آهي. شاهه لطف الله قادري پنهنجي زماني جو عالم ۽ قادري طريقي جو بزرگ هو. سندس ڪلام ۾ پهريون ڀيرو پنجن، ڇهن ۽ ستن سٽن جا بيت عام جام ملن ٿا: ”پنج سٽو بيت“ ڪي مٿي ڇٽ منڊيا، ڪي مورڇل وارين ڪي پايو دونهيون اتر سامهيون پاڻ پچائين ڪن پاتا ڪينر ڪاپڙين ڪي بسمي لائين ڪي پهو لڳائين گوسايا پاڻ تنين ساڙين آديسي او آهين، جن پيهي سڃاڻ پروڙئو ”ڇهه سٽو بيت“ جـﮧ پنڌ نهايت ناهه ڪا نڪو انت نه ڇيهه سو ڪوڙي ڏسي ڪنبيا، ڏوران ڏاڍو ڏيهه ات هلڻ حيرتِ ۾، ٿيو چيتيان تون چليهه اوري ڪر مَ آسرو، ورچي تون مَ ويهه ثابت ٿي سبحان سين، منجهه حقيقت پيهه ته سوئي پسي ڏيهه، جنـﮧ کي سڪي سڀڪو ”ست سٽو بيت“ تان ڪو ڏهو پهيڙا سَنهيڙو سندون ڪئين پانڌيڙا پنڌ ۾ ڪنـﮧ پر اهڃائون ڪنهن پر هلن حق ڏونـﮧ ڪنـﮧ پر وصالون ڪئين فنا ٿيا في الله ۾ ڪنهن پر مشاهدون ڪهڙو حال حقيقت ان جي ڪهو پنڌ پرون لايعلم تاويلا الا الله اونهو انت سندون ڪونه ڄاڻي منجهون، اوءِ پڄهان بهار ٿيا ان جو مطلب آهي ته سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ان جي شاعريءَ جي روايت ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ اپڀرنش ٻولين جي تمام ويجهو رهي آهي ۽ اپڀرنش دؤر جي دوهي جي شاعريءَ ۾ ارتقا جهڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جي روايت ۾ ٿي آهي، ان جو مثال ڪنهن ٻوليءَ ۾ ورلي ملندو. ڪن لساني خصوصيتن جي ڪري سنڌي ٻولي پراڪرت ۽ اپڀرنش واري دؤر جي روايت جي امين آهي ۽ ان جي تمام آڳاٽي هجڻ جو هڪڙو پختو ثبوت اهو به آهي. ٻيو ثبوت سنڌي بيت آهي، جو پنهنجي اصل اوسر ۽ ارتقا جي ڪري پنهنجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جو ثبوت فراهم ڪري ٿو. گهڻن سٽن وارن بيتن جو ارتقا سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي، اُن جو مثال نه هندي ٻولي ۽ ان جي ڪنهن لهجي ۾ ملي ٿو، نه وري سوراشٽر جي گجراتي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ نظر ٿو اچي. شاهه ۽سندس دؤر جي شاعرن جي ڪلام ۾ ڊگهن بيتن جي اوسر جو اهڃاڻ ملي ٿو. شاهه جي ڪلام ۾ شايد سڀ کان وڏو بيت يارهن سٽن جو آهي، جيڪو سر سارنگ ۾ آهي ۽ شاهه جي نهايت مشهور بيتن ۾ شمار ٿيندو آهي. موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار وڄون وسڻ آئيون چوڏس ۽ چوڌار ڪي اٿي ويون استنبول ڏي ڪي مڻيون مغرب پار ڪي چمڪن چين تي ڪي لهن سمرقندين سار ڪي رمي ويون روم تي ڪي ڪابل ڪي قنڌار ڪي دهلي ڪي دکن ڪي گڙن مٿي گرنار ڪنهين جنبي جيسلمير تان، ڏنا بيڪانير بڪار ڪنهين ڀڄ ڀڄائيو ڪنهين ڍٽ مٿي ڍار ڪنهين اچي عمرڪوٽ تان وسايا ولهار سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

      (شاهه)

ان جو مطلب هيءُ آهي ته الف اشباع جي ڊگهن بيتن جو اثر سنڌي بيت تي پيو ۽ رفته رفته بيتن ۾ سٽن جو تعداد وڌندو ويو. انهيءَ سلسلي ۾ شهيد گرهوڙي جي بيتن جو به ڪجهه اثر پيو هوندو، ڇو جو ”ابيات گرهوڙي“ جو مقام الف اشباع جي شاعريءَ ۾ ساڳيو آهي، جيڪو لاکيڻي لطيف جي بيت واري شاعريءَ ۾ آهي. سنڌي سگهڙ به الف اشباع واري شاعريءَ، خاص ڪري سنڌين ۽ شهيد گرهوڙي جي شاعريءَ کان متاثر ٿيا ۽ انهن ڊگهن بيتن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ عروج تي رسايو. سگهڙ شاعرن جو سرتاج سانوڻ فقير آهي، جنهن جا ڊگها بيت ٻوليءَ جي سهڻائي ۽ زور بيان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سانوڻ جي شاعريءَ ۾ ڊگهي ۾ ڊگهو بيت ٻاونجاهه سٽن جو آهي. پر اصل بيتن واري ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ تمام ڊگها بيت ايترا مقبول نه ٿيا، جيترا سگهڙن واري شاعري ۾ ٿيا. سنڌي بيت شاهه سائين ۽ شاهه عنايت رضوي ۽ پڻ اهڙن ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام ۾ اوج تي رسيا، انڪري ئي ان دؤر کان پوءِ سچل سرمست، بيدل، بيڪس، شاهه شريف ڀاڏائي ۽ خليفي نبي بخش جهڙن شاعرن بيت جي شاعريءَ جي معيار کي سدائين اوچو رکيو آهي. اسان جي دور ۾ به سڀ کان پهريائين محمد خان غني ۽ ان کان پوءِ شيخ اياز، طالب الموليٰ، تنوير ۽ ٻين بيت جي روايت کي قائم رکيو آهي. هنن نئين سر بيت کي سينگاري سنواري پنهنجي دور جي ضرورت آهر ترقي ڏني آهي. سنڌي بيت جي تاريخ ۽ ارتقا کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته هي لفظي سٽاءَ ۽ معنوي خوبين جي ڪري هر زماني ۾ اوج ۽ عروج تي رهيو آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ به هندي شاعريءَ جي روايت جهڙي روايت موجود آهي، يعني ان ۾ به عشق جو اظهار عورت جي طرفان ٿئي ٿو، پر اهو هندي شاعريءَ جي روايت جو اثر ڪونهي. انهيءَ خاصيت ۾ هندي ۽ سنڌي شاعري پراڪرت ۽ اپڀرنس کان متاثر ٿيون آهن. پر انهيءَ سلسلي ۾ به سنڌ جي پنهنجي انفراديت آهي جو ٻين اهڙين ٻولين کان، جن ۾ عشق جو اظهار عورت پاران ٿئي ٿو، مختلف آهي. سبب هيءُ آهي ته عشق جو اظهار سنڌي شاعريءَ ۾ لوڪ داستانن جي حوالي سان ٿئي ٿو، توڻي اظهار عشق عام عورت جي طرفان ڇو نه هجي، داستانن جي سورمين، ليلان يا مارئي، نوري يا مومل، سورٺ يا موکي يا ڍولا ماروءَ جي مارئي جي زباني ڪيو ويندو آهي. عشق جي اظهار جي هن روايت ۾ هڪ نفيس تهذيبي عنصر شامل ٿي ويو آهي ۽ عشقيه شاعري هڪ اوچي معيار تي پهچي وئي آهي. تمثيلي ۽ اليگريءَ جي ڪري به اهڙي شاعريءَ ۾ نه رڳو وسعت بلڪ عظمت جو پهلو به نمايان ٿي ويندو آهي. انهيءَ خصوصيات جي ڪري بيت جي شاعريءَ ۾ هڪ جدا رنگ ۽ معيار پيدا ٿيو آهي، جنهن کي سنڌي روايت هڪ مڪاني ثقافت جي حيثيت ۾ ظاهر ڪري خاص انداز ڏنو آهي، تنهنڪري ان ۾ پنهنجي ڪشش ۽ پنهنجو دلڪش روپ آهي. اهو روپ سنڌي شاعريءَ کي هندي شاعريءَ کان جدا ڪري ٿو، جنهن سان سنڌي شاعريءَ جي انفراديت نمايان ٿئي ٿي. معنوي خوبين کان سواءِ بيت جي لفظي خوبين جي صورت ۾ به اها انفراديت پنهنجو هڪ جدا انداز رکي ٿي. هاڻي سنڌي بيت جي لفظي خوبين جي انهيءَ خصوصيت جو بيان ڪجي ٿو، جنهن جو سلسلو جيتوڻيڪ اپڀرنش جي شاعريءَ سان ملي ٿو، ان ۾ نج سنڌي خصوصيتون به ڏسجن ٿيون. دوهي ۽ بيت جي لاءِ لفظن جي هڪ خاص انداز ۽ ورتاءُ جي ضرورت ٿئي ٿي، ان جا مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا. پهريون مثال ڍولا ماروءَ جا ٻه دوها آهن. (1) بِي جُليان چلهاون آڀئي آڀئي ڪوڙ ڪدري ملون گي سجڻان ڪسي ڪنڪچي ڇوڙ (2) بي جُليان چلهاوي آڀئي آڀئي چار ڪدري ملون گي سجڻان، لايئي اِنهن بسار انهن دوهن ۾ لفظن جي تڪرار سبب هڪ لفظي ۽ صوتي خوبي پيدا ٿي وئي آهي. ٻئي بيت هڪجهڙن لفظن سان شروع ٿين ٿا. ٻيءَ سٽ ۾ به ساڳي خوبي آهي. سنڌي بيت ۾ اهڙا مثال عام جام ۽ وڏي تعداد ۾ ملن ٿا. اهڙن لفظن سان شروع ٿيندڙ سنڌي بيتن جو انداز هيءُ آهي: اڌر نڌر اڀري، آهيان اسونهين پرڏيهي پرينءَ ڪيا، مرڻ لئي مونهين سسئي سيد چئي، تنگن ۾ تونهين هادي ڪيئن هونهين، ري سمر سڌون ڪري. (شاهه) ______ اڌر نڌر اڀري اسونهين آئون چيٽا چور چنجن ۾، بر ۾ بلائون موٽ پنهون پانهون، متان محب مري وڃان. (شاهه) اهو لفظي جوڙجڪ جو هڪڙو عام ۽ سهڻو مثال آهي، ان کان پوءِ جيڪو بيت ڇند طور پيش ڪجي ٿو، ان ۾ هڪ ٻي لفظي خوبي آهي جنهن ۾ ڇند ڪنهن هڪ لفظ يا ڪن لفظن تي ختم ٿئي ٿو، ۽ ان کان پوءِ ايندڙ سلسليوار ڇند ساڳي ئي لفظ يا لفظن سان شروع ٿيندو آهي. اهڙي ڇند کي ”ڪُنڊليا ڇند“ جو نالو ڏنو ويو آهي. پهريون دوهو ”سائين“ لفظ تي ختم ٿئي ٿو: ڪههگرڌار ڪوي راءِ تا چَتُرن ڪي تائين ڪر توتي ڪهه ديت، آپ ڪهيي نهين سائين. ان کان پوءِ ايندڙ دوهي جي پهرين سٽ لفظ ”سائين“ سان ئي شروع ٿئي ٿي: سائين اپني برات ڪو، ڪبهو نه ديجي تراس پلڪ دور نهين ڪيجيي، سدا راکيي پاس. هاڻي هڪ اهڙو مثال ڏجي ٿو، جنهن ۾ ڇند جي آخري سٽ ڪن خاص لفظن تي ختم ٿئي ٿي، ۽ ان کان پوءِ ايندڙ بيت ساڳئي لفظ سان شروع ٿيندو آهي: 1- بِنا بچاري جو ڪري، سو پيڇي پڇتاءِ ڪام بگاڙي آپکو، جڳ ۾ هو هنساءِ. ___ جگ ۾ هوت هنساءِ، چت ۾ چين نه پاوي کان پين سنمان، راڳ رنگ من ۾ نا پاوي ______ 2- پاني باڙهي ناو ۾، گهر ۾ باڙهي دام دونون هاٿ اُليچيري، يهي سيانو ڪام. _____ يهي سيانو ڪام، رام ڪو سمرن ڪيجي پرسوُارٿ ڪي ڪاج، شيش آگي ڌر ديجيي. هندي شاعريءَ جي صنف ”ڪنڊليا“، جا گهڻو ڪري دوهي جي وزن ۾ هوندي آهي، ان ۾ لفظن جي اهڙي خوبي رکيل آهي. سنڌي بيت جي شاعري ۽خاص طور شاهه جي بيتن ۾ ساڳي ٽيڪنيڪ جا بيت جام ملن ٿا. مثال طور: داغ تنهنجو دائما، ماري معذورين سائين ڪارڻ سپرين، وڃج ۾ ڏورين آئون تو حضورين، مڻيو وجهان مچ ۾. انهيءَ بيت جا آخري لفظ ”ميڻو وجهان مچ ۾“ آهن، ان کان پوءِ ايندڙ بيت ساڳين لفظن سان شروع ٿين ٿا: (1) مڻيو وجهان مچ ۾، هائي هڻان هار ڀري جي ڀتار، ته ميريائي مان لهان. --- (2) مڻيو وجهان مچ ۾، هائي هڻي هار سوجي سک سيد چئي، ڪريئين ڪوه قرار راجا ريساڻو گهڻو، سٽاڻو سردار چوڏ چنيسر ڄام جو، ويهان ڏيهه ڏهڪار ٺاڪر اکين ٺار، مڻئي ٿي مٽئين. هندي دوهي جو هڪ ٻيو انداز الفظ جو هير ڦير به آهي، جنهن سان دوهي ۾ خوبصورتي ۽ اثر پيدا ٿيندو آهي: (1) پاس ڪهون تو پاس هئي، دور ڪهون تو دور جان اڃا جهان ۾، سڀ ۾ رهي ڀرپور. (2) دور ڪهون تو دور رهئي، پاس ڪهون تو پاس روم روم ۾ بس رهي، جو ڦولون ۾ پاس. سنڌي ٻوليءَ جي مخصوص لفظن ۽ انهن جي رِدم (Rhythm) وزن ۽ موسيقيت کي خيال ۾ رکي هيٺين بيتن ۾ لفظن جي بيهڪ ۽ هير ڦير سان پيدا ٿيندڙ موسيقيءَ جو انداز ۽ ان سان گڏ معني ۽ مفهوم جي سهڻائي ۽ اونهائي ڏسڻ ۾ محسوس ڪرڻ جهڙي آهي. گهڙو ڀڳو منڌ مئي، ويا وسيلا سار ڇڏيان سير ۾ هئي رهيا حيلا سهڻي جا سيلا، وحدت سڀ وڃائيا.

گهڙو ڀڳو منڌ مئي، وسيلا ويا تنها پوءِ سُئا، سهڻي سڏ ميهار جا. _______ پاڻ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڌ لائن تنين لڏ، عشق جيئن جا اڳ ۾. _____ پاڻ کڻج پاڻ سين، ريءَ وسيلي وڃ ڀيلو ڀــــــــــري ڀڃ، اڪنڊ کڻ عمــيق ۾. (شاهه) سنڌي بيت ۾ لفطن جي جوڙجڪ بابت ايترا مثال ڪافي آهن. انهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته انهيءَ ڏس ۾ به سنڌي شاعرن پنهنجو جدا ۽ سهڻو انداز پيدا ڪيو آهي، جنهن کي نڀائيندا پيا اچن. سوال جواب جي بيتن واري روايت به سنڌ ۾ ڪافي پختي ۽ پنهنجي انداز ۾ منفرد آهي. سوال جواب جي دوهن ۾ خاص دوها اهي سمجهيا ويا آهن، جن ۾ ڪي مشهور شخصيتن جو ذڪر آيل آهي يا انهن جي وچ ۾ دوهن جي ڏي وٺ ٿي آهي. مثال ۾ اهڙي هندي دوها پيش ڪجن ٿا. مشهور درويش شاهه ڀيڪ پنهنجي هڪ درويش دوست فقير بابا شيتل پوري ڏانهن هڪڙو دوهو موڪليو هو ته: چلتي چلاتي جڳ ڳئيو، اور ڀيڪ دواري دوُر خرچي نِبڙي پڳ ٿڪي، جا ڪوئ ڪهي حضور (شاهه ڀيڪ) ان جو جواب بابا شيتل پوري به هڪ دوهي ذريعي ڏنو هو. جن بنين تم جات هو، اُن نبين هين دور ست نام شيتل پوري جو سنمک رهي حضور (شيتل پوري) سنڌيءَ ۾ اهڙن بيتن جا مثال ڪيترائي آهن، پر سڀ کان مشهور اهي آهن، جن جي ڏي وٺ خواجه محمد زمان لقواري وارن، شاهه عنايت شهيد ۽ شاهه لطيف ڀٽائي جي وچ ۾ ٿي هئي. شاهه صاحب جڏهن خواجه محمد زماني صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته پاڻ مراقبي ۾ هئا. شاهه صاحب وٽن وڃي هيءُ بيت ڏنو: سامي سفر هليا، ڪـــــــو پروڙي پـــنڌ جن هيٺان ڪنڌ، آءُ نه جئندس ان ريءَ (شاهه) خواجه صاحب جواب ۾ هي بيت ورجايو. ڪين آهين ڪيـــــن، وڃي ڪين ڪــــــماءِ لاڳاپا لوڪ جا، لاسين سڀ لهـــــــــراءِ سامي پوءِ سلنداءِ، ڳالهه پريان جي ڳجهه جي (خواجه محمد زمان) هي بيت ٻڌي شاهه صاحب فرمايو: قلم وهي ويو ڪانهه، سرتيون ڪنهن سهاڳ لئي انگ اڳي ئي لکيو، ات نه پهچي ٻانهه ڪنهن کي ڏيان دانهه، ته پرينءَ مان سين هيئن ڪيو (شاهه) انهيءَ تي خواجه صاحب وراڻيو: ويهه وڃي وٽ تن، قلم جنينءَ جي هٿ ۾ ميٽيو انگ اڳيون، واري ٻيو لکن پنو سي پڙهن، جنهن مان پسن پرينءَ کي

  (خواجه محمد زمان)

چون ٿا ته عرفان جي منزلن ۾ جڏهن شاهه صاحب قبض ۽ سبط جي حالت ۾ هو ته شاهه عنايت الله جهوڪ وارن، جيڪي پاڻ به درويش ۽ خدا رسيده بزرگ ۽ عمر ۾ شاهه سائينءَ کان وڏا هئا، تن انهيءَ حالت کي ڏسي هيٺيون بيت پڙهيو: ڏسي ڏونگر ڏار، مٿان هلن هيري ٿئين ڪي مجازاڻيون موٽيون، سُئي پنڌ پچار پويون پائج پرين کي، حقيقي هار سگهي لهندي سار، آريجا عنايت چئي

    (شاهه عنايت)

جواب ۾ شاهه صاحب فرمايو: پسي ڏونگر ڏاهه، متان هلڻ هيري ٿئين پڇي پوج سسئي مهندا بلوچاڻي باهه اڻ ورائتي ور جو، آسرو هڏ مَ لاهه اکين اوڏو آهه، پرين پراهون مَ چون فني ۽ معنوي خيال کان بيت سدائين سنڌي شاعريءَ ۾ مانواري صنف رهي آهي. چئي سگهجي ٿو ته بهترين سنڌي شاعري بيتن واري شاعري آهي ۽ سنڌي بيت جي روايت ڪنهن صورت ۾ به هندي دوهي جي روايت کان گهٽ ناهي. سنڌي لوڪ ادب ۾ ڏور بيت جي جيڪا صنف آهي، اهڙي ڪا به صنف هندي دوهي جي شروعات ۾ نظر نٿي اچي. فني توڙي شاعرانه خوبين جي اعتبار کان سنڌي بيت هڪ مڪمل، منفرد ۽ خوبصورت صنف آهي، جنهن کي ڪنهن به ٻوليءَ جي بهترين شاعري جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. [3]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
  2. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  3. سنڌي بيت جو بُڻ بنياد، از: الياس عشقي؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع