ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

جنم[سنواريو]

ڄيـٺمل پرسرام گلراجاڻي (Jethhmal Parsraam Gulrajanni) جو جنم آڪٽوبر 1885ع ۾ حيدرآباد جي عامل ڪٽنب ۾ ٿيو.

سوانح[سنواريو]

جيٺمل جي والد جي مالي حالت سٺي نه هئڻ جي ڪري هو ڪاليجي تعليم پرائي نه سگهيو. هن اشروعاتي تعليم حيدرآباد ۾ ئي ورتي. ان کان پوءِ سيڪينڊري تعليم ’نولراءِ هيرانند اڪيڊمي‘ مان پرايائين. 1902ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. اسڪولي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ روزگار جي لحاظ کان ڪجهه وقت حيدرآباد ۾ ڪتابن جو دڪان کوليو، ان کان پوءِ 1903ع ۾ ’نولراءِ هيرانند اڪيڊمي‘ ۾ ماستري شروع ڪيائين. 1910ع ۾ ”سنڌ مدرسته الاسلام“ ۾ ڪجهه وقت ماستري ڪيائين ۽ پوءِ نيو هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو، پر اتان به 1911ع ۾ استعفيٰ ڏيئي ڇڏيائين ۽ راڄنيتي معاملن ۾ حصو وٺڻ لڳو. اڳتي هلي 1933ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. ان ڪاليج ۾ هن 1941ع تائين پڙهايو. ڄيٺمل يارهن سالن جو هو جو هن پنهنجن ڪجهه دوستن سان گڏجي حيدرآباد ۾ ”هوپفل سوسائٽي“ نالي سان هڪ هم عمر ساٿين جي ٽولي قائم ڪئي. جنهن جو مقصد نوجوانن ۾ سٺن خيالن جو پرچار ڪرڻ هو.

صحافتي ۽ ادبي خدمتون[سنواريو]

1911ع ۾ هيڊ ماستريءَ تان استعيفا ڏيڻ کانپوءِ هو سياست، صحافت، سنڌي ادب، ٻولي ۽ قومي تحريڪ ۽ سنڌ سڌار سندس زندگي جا مکيه مرڪز بڻجي ويا. ادب جي خدمت واسطي پنهنجي ننڍي هوندي جي دوست لالچند امر ڏني مل جڳتياڻي سان گڏ 1914ع ۾ ”سنڌي ساهت سوسائٽي“ قائم ڪيائين. جنهن پاران 1914ع کان وٺي هڪ ماهوار ادبي رسالي جي شروعات ڪئي ويئي. هر مهيني هڪ ننڍڙو ٽيهن چاليهن صفحن جو ڪتاب شايع ڪيو ويندو هو. ان رسالي جو پهريون ڪتاب ”حرمکيءَ جا“ هو، جنهن جو ليکڪ لالچند امر ڏنو مل هو. لالچند انهي سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڄيٺمل رسالي جو ايڊيٽر هو. انهيءَ رسالي جو ماهوار پرچن سان گڏ، سوسائٽي هر سال ڪجهه وڏا ادبي ڪتاب به ڇپيندي هئي. جنهن جو پهريون ڪتاب ”شاهاڻو شاهه“ لالچند امر ڏني مل جو لکيل هو. 1914ع ۾ ماهوار پرچن جي صورت ۾ ڄيٺمل جا ٻه ڪتاب شايع ٿيا، جيڪي آهن (1) هير رانجهو ۽ سمون ۽ گندري (2) مهاڀاري لڙائي. انهيءَ سلسلي جون پنجون نمبر ڪتاب به ڄيٺمل جو لکيل ”ڀائي ڪلاچند“ هو.

ڄيـٺمل پرسرام گلراجاڻي جي گرفتاري[سنواريو]

ڄيٺمل 1917ع ۾ حيدرآباد مان ”هندواسي“ نالي هڪ روزاني سنڌي اخبار ڪڍي، جنهن جو مکيه مقصد هو سنڌي عوام ۾ قومي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ هوم رول جي آواز کي ڦهلائڻ. ڄيٺمل اسڪولي جيون ۾ ئي ائني بيسنت جي ٿياسافيڪل اصولن کان متاثر ٿي چڪو هو ۽ اڳتي هلي ائني بيسنت جي ”هوم رول“ جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ لڳو هو. ”هندواسي“ ۾ ادبي ليک به شايع ٿيندا هئا، جن مان 1919ع ۾ جڏهن ”رولٽ ائڪٽ“ پاس ٿيو ته انهي جي خلاف تحريڪ شروع ٿي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ امرتسم ۾ ”جليانوالا باغ“ وارو خوني واقعو پيش آيو. انهي جي خلاف 16مئي 1919ع تي ڄيٺمل، شاهه لطيف ڀٽائي جي هڪ بيت کي کڻي پنهنجي ويچارن جو سرو بنايو ۽ زوردار ايڊيٽوريل لکيو. اها هيٺ ڏنل بيت جي آخر سٽ هئي:

اڳيان اڏن وٽ، پونين سر سنباهيا
ڪاٽ ته پوين قبول ۾، ڇڻ ڀائين گهٽ،
مٿا مهاين جا، پيا ته ڏسين پٽ
ڪلالڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي.
شاهه عبدالطيف ڀٽائي

ترنگ جو تيرٿ جيل ڊائري[سنواريو]

انهيءَ ايڊيٽوريل لکڻ تي ڄيٺمل کي گرفتار ڪيو ويو. کيس سورلي نالي هڪ انگريز جج جي روبرو پيش ڪيو ويو، جنهن کيس چار سال قيد جي سزا ڏني. اڳتي هلي سزا ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿيس. ڄيٺمل قيد جي سزا ڪاٽيندي، جيڪا جيل جي ڊائري لکي. اها پوءِ ترنگ جو تيرٿ جي نالي سان ڇپي. اها سنڌيءَ جي پهرين جيل ڊائري آهي.[1]

1921ع ۾ جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ ڄيٺمل ان اخبار جون ٻيهر اچي واڳون سنڀاليون، جنهن جو سندس جيل ۾ وڃڻ کانپوءِ نالو بدلائي ”ڀارت واسي“ رکيو ويو هو ۽ هو 1923ع تائين ان کي روزاني اخبار جي روپ ۾ هلائيندو رهيو. 1924ع ۾ هن ”ڀارت واسي“ کي هفتيوار اخبار بڻايو ۽ 1925ع تائين اها هلائيندو رهيو.

روح رهاڻ[سنواريو]

جيل مان نڪرڻ کانپوءِ 1921ع ۾ هن ’روح رهاڻ‘ نالي سان ماهوار رسالو شروع ڪيو. انهيءَ ۾ گهڻو ڪري صوفي مت، ٿيا سافي، سناتن ڌرم جي فلاسافي ۽ انهيءَ جي ٻين ڌرمن جي اصولن سان ڀيٽ وغيره جي موضوعن تي مضمون شايع ٿيندا هئا. 1944ع تائين اهو رسالو لڳاتار شايع ٿيندو رهيو. پوءِ ٻه سال کن بند رهيو وري 1947ع ۾ ٻيهر ڄيٺمل اهو رسالو شروع ڪيو، پوءِ ورهاڱي سبب اهو رسالو بند ٿي ويو .

نئين سنڌي لئبرري[سنواريو]

1922ع ۾ ڄيٺمل نئين سنڌي لئبرري نالي سان هڪ ڪتابي سلسلو شروع ڪيو. انهي سلسلي جو پهريون ڪتاب شاهه جون آکاڻيون (ڀاڱون پهريون) هو. ڪتاب جو ليکڪ خود ڄيٺمل ئي هو. پهرين سال ۾ جيڪي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا ويا. انهن مان ڪجهه آهن هئمليٽ (شيڪسپيئر جي ڊرامي جو ترجمو)، دکي انسان (وڪٽر هيو گو جي ناول جو ترجمو)، ۽ سچل سرمست.

انهيءَ ساڳئي سال (1922ع) ڄيٺمل ٻه ٻيا ڪتابي سلسلا جاري ڪيا، جن ج انالا هئا ”سستو عمدو ساهت مالا“ ۽ ”برهم وديا مالا“، پهرين ڪتابي سلسلي هيٺ اصلوڪن لکيل ڪتابن سان گڏ، جدا جدا ٻولين جي ادب مان چونڊ شاهڪار رچنائون ترجمو ڪري ڇپيون وينديون هيون. ’برهم وديا مالا‘ هيٺ وري گهڻو ڪري ڌار ڌار مذهبن جي ڄاڻ ڏيندڙ ڪتاب، ٿياسافي، فلاسافي جا عام ننڍا ننڍا ڪتاب شايع ڪيا ويندا هئا. انهن ڪتابي سلسلن هيٺ ڄيٺمل سنڌي ۾ هڪ سئو کان به وڌيڪ ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيا، جيڪا اُن زماني ۾ سنڌي ادب جي وڏي خدمت هئي.

1923ع ۾ حيدرآباد ۾ ’رابيند ناٿ ڊراميٽڪ ڪلب‘ قائم ڪئي ويئي. جنهن جو پايو وجهندڙن ۾ ڄيٺمل به هو. هن ڪن ناٽڪن ۾ پاڻ به رول ادا ڪيو. 1929ع ۾ هن ڪراچي مان ”سنڌ هيرلڊ“ نالي هفتيوار اخبار شروع ڪئي. انهيءَ سان گڏ گوپالداس ليکراج جي جاري ڪيل ”پرڪاش“ سنڌي اخبار جي پڻ ايڊيٽري ڪرڻ لڳو. 1931ع ۾ ”سنڌ هيرلڊ“ جو سنڌي روزاني اخبار جي روپ ۾ به ايڊيشن ڪڍڻ لڳو. اها اخبار 1932ع ۾ سرڪار پاران پريس ضبط ڪري نيلام ڪرڻ سبب بند ٿي ويئي.

هفتيوار اخبار سنڌڙي[سنواريو]

34-1933ع ڌاري ڄيٺمل هفتيوار اخبار ”سنڌڙي“ جو اعزازي ايڊيٽر به مقرر ٿيو. ڄيٺمل پرسرام سنڌي ٻولي جو ٺيٺ روپ قائم ڪرڻ لاءِ آواز اُٿاريو. 1940ع ۾ جڏهن علاما دائود پوٽي درسي ڪتابن ۾ اعرابن جو جيڪو عربي ٻوليءَ وارو طريقو اختيار ڪيو هو. انهي جي خلاف هلچل هلايائين، ڊسمبر 1940ع ۾ حيدرآباد ۾ ”سنڌي ساهت سڀا“ کولي ويئي، جنهن جو صدر ڄيٺمل ۽ سيڪريٽري ’موتي رام لڇيرام بٽاڻي‘ هئا. ان سڀا طرفان ڪيترائي پمفليٽ ڇپائي ورهايا ويا.

پنهنجي وزارت واري دور ۾ محترم جي ايم سيد ”سنڌ يونيورسٽي“ قائم ڪرڻ جي لاءِ جيڪا ڪاميٽي مقرر ڪئي هئي، ان ۾ ڄيٺمل پرسرام به ميمبر هو. تنهن کانسواءِ جي ايم سيد ”وزارت تعليم“ طرفان جيڪا ”سنڌي ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار ڪميٽي“ (پوءِ سنڌي ادبي بورڊ) قائم ڪيو. ڄيٺمل کي انهيءَ ۾ ميمبر ڪري کنيو ويو.

1947ع ۾ چوڏهين آگسٽ تي پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ تي ڄيٺمل ڪراچي ۾ جناح صاحب جي آجيان ۾ ”سنڌ هيرلڊ“ جو خاص پرچو وڏي اهتمام سان شايع ڪيو. ان کان اڳ ۾ ئي سنڌ مان هنڌن جي لڏپلاڻ شروع ٿي ويئي هئي. ان تي ڄيٺمل ٻين ڪن ساٿين سان گڏ سنڌ جو دورو ڪيو ۽ هندن کي سمجهايو ته اوهين پنهنجي جنم ڀونءُ ڇڏي نه وڃو. ان مقصد ۾ ڄيٺمل ڪامياب نه ٿيو. ملڪي بگڙيل حالتن کي ڏسي هو دلگير ۽ بيمار ٿي پيو. مارچ 1948ع ۾ ڄيٺمل جا ساٿي کيس بيماري جي حالت ۾ زوري علاج واسطي بمبئي وٺي ويا. جت ڄيٺمل بيمار رهڻ کانپوءِ 6 جولاءِ 1948ع تي پرلوڪ پڌاري ويو.

ڄيٺمل جي ادبي حيثيت[سنواريو]

ڄيٺمل مکيه طور تي سنڌي اخبارن ۽ رسالن لاءِ لکندو هو، جنهن ڪري انهن جو هڪ وڏو انگ انهن جي صفحن ۾ ڇپيل آهي. ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي تحقيق موجب ڄيٺمل جا مختلف موضوعن تي سٺ ڪتاب سنڌي ۽ انگريزي ۾ ڇپيل آهن. انهن کي مکيه طور هيٺين ريت ورهاهي سگهجي ٿو.

(1) اصلوڪيون لکڻيون: مضمونن جي لحاظ کان اهي هن ريت آهن.

  • (الف) شاهه لطيف، سچل، سامي ۽ ٻين صوفين، سنتن جي زندگي ۽ ڪلام جواڀياس.
  • (ب) ٿيا سافي ۽ اپنشد جي فلاسافي ۽ جدا جدا مذهبن جي واقفيت.
  • (ٻ)سياسي ۽ سماجي مسئلا
  • (پ)يادگيريون
  • (ڀ)ڪهاڻيون

(2)ترجما ۽ اختصار

  • (الف) مذهبي اڳواڻن، اوتارن ،فلاسافرن جا جيون چرتر.
  • (ب)ٿياسافي جي مکيا مسئلا ۽ فلاسافي.
  • (ٻ)هندستان ۽ يورپي ٻولين جي سٺن ڪتابن جا ترجما ۽ اختصار.

ڄيٺمل جي ڇپيل ڪتابن جو وچور رهن ريت آهي.

  • اصلوڪيون

1- شاهه جون آکاڻيون (ڀاڱو پهريون 1922ع) 2- شاهه جون آکاڻيون (ڀاڱون ٻيو 1923ع) 3- شاهه جي آکاڻين جي سمجهاڻي 1923ع. هنن ٽنهي ڪتابن کي گڏي ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي 1990ع ۾ ڄيٺمل جي زندگيءَ جي مفصل احوالن سان مرتب ڪري هندستان ۾ شاهه جون آکاڻيون جي نالي سان ڇپرايو. 4- سچل سرمست (1922ع) 5- هيررانجهو ۽ سمو گندري (1914ع)6- ڀائي ڪلاچند (1914ع)7- شاهه ڀٽائي جي حياتي (1915ع)8- ترنگ جو تيرٿ (جيل جون يادون) 9-چمڙا پوش جون آکاڻيون (1923ع) 10- ساميه واد (1926ع) 11- ميران، 12- سهڻي ميهار ۽ مومل راڻو، 13- صوفي سڳورا (ليلارام پريمچند سان گڏ لکيل 1921ع) 14- ڀڳت گيتا ۽ راڄ گيان 15- جپ صاحب سمجهاڻي جا ڪي اشارا،16- سنڌي سونهارا، 17- مهاڀاري لڙائي (1914ع) 18- ڪامل مرشد (1923ع)، 19- هند سنڌ جا سنت، 20- سنڌي چمن، 21- ڏکن ڏڌي ڏيوي، 22- شاهه جي رسالي جو صحيح نسخو ڇا کي چئجي؟

  • ترجما

(1)يوگ جي سمجهاڻي (2)امرسن (3)پورب جوتي (گوتم ٻُڌ جي زندگي تي لکيل ايڊن آرنلڊ جي مشهور ڪتاب Light of Asia جو ترجمو (1923ع) (4)سناتن ڌرم (1925ع) (5)هندو ڌرم جي بچاءُ ۾ (ايني بيسنت جي تقرير) (6)آنند درٻار (جي ڪرشنا مورتي جي ڪتاب The kingdom of Happiness جو ترجمو (1927ع) (7)شري ڪرشن (ايني بيسنت) (8) اپنشد گيان ’ايني بيسنت‘ (1920ع) (9) موت آهي ئي ڪونه (10) پرلوڪ وارا پيغام (11)حسابي حساب(شيڪسپيئر جي ڊرامي Measure of measure جو ترجمو) (12) طوفان (شيڪسپيئر جو- Temporal) (13) هئمليٽ (شيڪسپيئر) (14) وسنت لکشمي (15)جڳت جا نيتائون (16) گيان سر (جي ڪرشنا مورتي جو Pool of wisdom جوترجمو) (17)سڌيون ۽ چڪر (1922ع) (18)شبد اناهت (1925ع) (19)آتم ويچاريا ويدانت ولاس (1927ع) (20) اوم جي آکاڻي (1927ع)(21)قول ٿو ڪريان (22)سوراج ساگر (ايني بيسنت جي تقرير) (23)مارگ جوئي ڪرم (24)سگر جي چرنن ۾ (جي ڪرشنا مورتي) (25)فائوسٽ (گوئٽي) (26)مونا وانا (1926ع) (27)گلابلاس (اسپين جو ناول) (28) ٻڏل ٻيڙي (شيڪسپيئر جو The wreak) (29) پٿا گورس (30)يوگ جي سمجهاڻي (31)ٻال هتيا-ٽالسٽائي (32) اسلام (ايني بيسنت) (33)رڃ روسڻ ودوا (1926ع)(34)ڀڳوت گيتا سمجهڻ لاءِ اشارا (1925ع).

انگريزي ۾ ڪتاب[سنواريو]

(1) Sindh and its Sufis (2) Shakespeare Through India eyes (Unpublished) (3) Anthology of sindhi poetry (unpublished) (4) Machit vad of Rohal (Unpublished) (5) Sindh Culture (unpublished).

سنڌي ۾ اڻ ڇپيل ڪتاب[سنواريو]

1) شيڪسپيئر جي سانيٽ جو ترجمو (2) سنڌي ادب جي مختصر تاريخ (3) سونجهي جا چٽڪا (اخباري ڪالم).

ديهانت[سنواريو]

ڄيـٺمل پرسرام گلراجاڻي 6 جولاءِ 1948ع تي بمبئي (ممبئي) ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. [2] [3]

حوالا[سنواريو]