آغا سليم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آغا سليم
پيدائش آغا سليم خالد
اپريل 07 1935(1935-04-07)ء
شڪارپور ضلعو، سنڌ، برطانوي هندستان، (هاڻوڪي پاڪستان)
وفات اپريل 12 2016(2016-04-12)ء
ڪراچي، پاڪستان
قلمي نالو آغا سليم
ڌنڌو افساني نگار، ڊراما نويس، ناول نگار، سنڌيڪار ۽ براڊڪاسٽر
ٻولي سنڌي، اردو
شهريت پاڪستانپاڪستاني
مُکيه ڪم همہ اوست
شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي رسالي جو ترجمو
ڌرتي روشن آهي
گناهه
روشني جي تلاش
ايوارڊ ستارو امتياز
صدارتي تمغو براءِحسن ڪارڪردگي
لطيف ايوارڊ

آغا سليم (Agha Saleem) (پيدائش: 7 اپريل، 1935ع - وفات: 12 اپريل، 2016ع) پاڪستان سان تعلق رکندڙ سنڌي ٻولي جو مشهور افساني نگار، ڊراما نويس، ناول نگار، ترجما ڪندڙ، صحافي ۽ براڊ ڪاسٽر هيو. هو شاهه جو رسالي جو اردو ترجمو ڪرڻ سبب وڏي ساک رکندو هيو.

سوانح[سنواريو]

سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب ۽ ناول نگار آغا سليم جو اصل نالو آغا خالد سليم ولد آغا عبدالڪريم خان آهي. هن 7 اپريل 1935ع تي شڪارپور شهر ۾ جنم ورتو. سندس تعلق شڪارپور جي پاڙي ڪڙي عطا محمد سان آهي. آغا سليم ستين اپريل 1935ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين ۽ 1948ع ۾ حيدرآباد ۾ رهڻ جي ڪري ميٽرڪ حيدرآباد مان ۽ انٽر ميڊئيٽ لاهور مان ۽ بي- اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين. پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ مختلف شهرن جي ريڊيو اسٽيشنن ۾ پنهنجي صلاحيتن سان فرضَ سر انجام ڏيندو رهيو، پروگرام مينيجر کان ترقي ڪندو، ريڊيو پاڪستان مان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. بهترين افسانه نگار، ڊراما نگار، شاعر ۽ ناول نويس طور سڃاتو وڃي ٿو. رٽائرمينٽ کان پوءِ صحافت جي ميدان ۾ گهڙيو. پهرين روزاني ”جاڳو“ ۽ پوءِ روزاني ”سچ“ اخبار جو ايڊيٽر رهيو.

آغا سليم منفرد مزاج وارو انسان آهي خود انتظامي ۽ پنهنجي پروگرامن کي اهميت ڏيئي اڄ جو ڪم سڀاڻ ته نه ڇڏڻ جي خوبين هئڻ ڪري هن ڏاڍي ڪامياب زندگي گذاري. تصوف جي مطالعي ۽ ٻين علمن جي اڀياس سبب هو ظاهري ۽ باطني مشاهدن سان مالا مال آهي. هو پڙهڻ ۽ لکڻ کان سوائي اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به ٺيٺ شڪارپوري هئو. انساني حسن ۽ ڪائناتي جمال سندس جيءَ ۾ نين روشنين سان، جيڪو سوجھرو پيدا ڪيو ، سو آغا جھڙو ئي سهڻو ۽ سهائو آهي. ان سونهن ڀري سوجھري جي چمڪ سندس هر لکڻيءَ ۾ نظر اچي ٿي، هن جي لکڻين جو حسن اهڙو آهي جو پڙهندڙن کي حيران ڪري ڇڏي ٿو.[1]

آغا سليم جي شخصيت بابت عبدالقادر جوڻيجي جي راءِ[سنواريو]

اهو هڪڙو سنگت جو اڻ لکيو دستور آهي ته چوياريءَ ۾ ڪڏهن “الف” جي هلندي آهي ته ڪڏهن “ب” جي پر آغا جي سنگت ۾ “الف - ب نه پر رڳو آغا جي مرضي هلندي آهي. تنهنڪري آغا کي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن سنگتي ساٿي جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي هو لفظن جون چُونگون ڏيئي پنهنجو اندر ٺاري سگھي. سندس اهڙن يارن ۾ ڪئپسٽن سگريٽ کي اهم مقام حاصل آهي. جيڪو اندر ٺارڻ سان گڏوگڏ اندر ساڙيندو به اٿس. [2] آغا جي دل جي اوطاق ۾ عورتن لاءِ ڪيئي ڪوچ ڪرسيون رکيل آهن، هي ٻانهن ڀڳل ڪرسي اديبا ڀيڻ لاءِ آهي، هي ڪوچ ڀاڄائي وڏي لاءِ آهي، هت صرف محبوبا ويهي سگھي ٿي، ان معاملي ۾ آغا صفا رُڄ ڳوٺاڻو آهي. پنهنجائي ۾ ته ڪک به ڪونه سهندو، ٻيو سنگت به ست ڪوهه ٽپي رکندو، ياري به شڪل سان ڪونه رکي، “عقل” سان پيچ ڳنڊيندي دير ڪونه ڪندو، عقل کي ڏسي ڏيل ٽڙي پوندا اٿس.[3]

آغا سليم جو تعارف[سنواريو]

آعا سليم، بيمثال ۽ يگاني نثر نويس جي حيثيت ۾ پاڻ کي سنڌي علم ادب ۾ ڏاڍي سٺي نموني مڃايو. پاڻ مختلف صنفن ۾ شعر به چيا اٿس. آعا هائي اسڪول ۾ پڙهائي دوران ادب ڏانهن آيو ۽ محنت ڪندي اڳتي هلي پختو قلم جو ڌڻي ٿي ويو. آغا جي علم ادب ڏانهن لاڙي بابت ڊاڪٽر انور فگار، پنهنجي پي- ايڇ- ڊي جي ٿيسز “شڪارپور شهر جو علم ادب ۾ حصو” ۾ لکي ٿو ته: “آغا سليم سنڌي ٻولي جي ادب جو مهان نالو آهي، جنهن ادب کي پنهنجي بهترين فني، فڪري ڪاوشن ۽ تخليقن سان سرشار بڻايو آهي. هو هڪ ئي وقت بهترين ڪهاڻيڪار، ناول نويس، ڊرامانگار، شاعر، اديب ۽ ترجمان آهي، هو جنهن به صنف ۾ پنهنجي احساسن جذبن ۽ خيالن جو اظهار ڪرڻ ٿو چاهي، ان کي سولائيءَ سان ڪري سگهي ٿو. آغا، ڪهاڻين ۽ ناولن کانسواءِ ڪوين (شاعرن) جي قطار ۾ به نظر اچي ٿو، ٻي ڳالهه ته سندس افسانا ۽ ناول سندس ڪويتائن تي حاوي محسوس ٿين ٿا، اُهي به آغا جي افسانن ۽ ناولن جيان اهم آهن، ڇو ته انهن سڀني جو سرجڻهار آغا سليم آهي. آغا سليم جي هر هڪ تخليق پنهنجي وجود ۾ وڏا ولولا ۽ فڪر آڻي ٿي. جيڪي ادب ۽ سماج لاءِ سون آهن. [4]

آغا سليم جن جي علم ادب جي لاڙي بابت يوسف سنڌي پنهنجي ڪتاب“ سنڌي ادب (هڪ سؤ سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو) ۾ لکي ٿو ته: آغا سليم جي وڏي ڀاءُ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هوندو هو، هو ڪتاب وٺي ايندو هو ۽ آغا صاحب جي لاءِ ٻاراڻا ڪتاب به وٺي ايندو هو، جيڪي آغا پڙهندو هو. ائين آغا جو ادب ڏانهن لاڙو وڌندو ويو. آغا پهرين آغا شاهين جي نالي سان لکندو هو، سندس پهرين تخليق“ لذتِ گناهه” جي نالي سان پهريون افسانن جو مجموعو شايع ٿيو. آغا صاحب سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين ۾ لکندو رهيو آهي. [5]

آغا جو نظريو هو ته، هيءَ زندگي پنهنجين تمام اوڻاين ۽ اڻ سهڻاين جي هوندي به رهڻ جي لائق آهي، جنهن ۾ پيار کي ازلي چڱائي جو مرتبو مليل آهي. آغا، ماهوار پرک کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ادب ۾ پير پائڻ بابت ڪجهه هن طرح ٻڌائي هو ته “ اها شڪارپور جي زماني جي ڳالهه آهي، مان سوچيو هو مان دنيا گھمندس، مان ڏاڍا ڪتاب پڙهندس جيئن ٿورو شعور ٿيو ته ڪتابن جي دنيا ۾ شامل ٿيس، شڪارپور ۾ هڪ مشهور پبليشر هوندو هو پوڪرداس ان جو هڪ بازار ۾ دڪان هوندو هو، مونکي جيڪا به خرچي ملندي هئي، ان جا ڪتاب خريد ڪندو هيس، پوءِ جڏهن آئون حيدرآباد آيس، تڏهن به ڪتابن پڙهڻ جو سلسلو جاري رکيم، انهن ڏينهن ۾ آئون ڪرشن چندر کان تمام گھڻو متاثر هيس، ان وقت مونکي خبر نه هئي ته ترقي پسندي ڇا آهي، باقي جيڪي ترقي پسند رائيٽر هئا، جن ۾ ڪرشن چندر هو. ابراهيم جيلس جنهن جو ڪتاب “چاليس ڪروڙ بکاري” هو. ان وقت سڄي هندستان جي آبادي چاليهه ڪروڙ هئي. ڪرشن چندر مونکي ڏاڍو وڻندو هو، جنهن انقلاب کي ڏاڍو رومانٽڪ ڪيو. ادب سان منهنجو شوق هو، اديب مون لاءِ ڏاڍيون پُراسرا شخصيتون هوندا هئا.[6]

تنهن کانپوءِ تنوير ۽ سراج سان سندس بطور ڪاليج فيلو ملاقات ۽ دوستي ٿي. انهن جي رنگن ۾ رنڱجي، هن 1952ع ۾ آکاڻيون لکڻ شروع ڪيون. پهرين آکاڻي، جيڪا هن لکي تنهن جو نالو “ آههه! اي ظالم سماج” هئي، جيڪا هالا مان نڪرندڙ “فردوس رسالي” ۾ ڇپي. [7]

چنڊ جا تمنائي: هي سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن ۾ هيٺين عنوانن سان ڪهاڻيون آهن.

  • نيٺ بهار ايندو
  • خوابن جا سوداگر
  • سڄڻ نت سوجھرو
  • ڊڄڻي
  • ماريس پنهنجي پرين کي
  • جُڳن جا جُڳ
  • ٽهڪ
  • خوني

سندس لکڻيون[سنواريو]

  • اڻ کٽ فاصلا (آکاڻي)
  • ڌرتي روشن آهي (آکاڻيو)
  • رت ورنو روءِ (ڪهاڻي)
  • مان ئي وار وجود جو ( ڪهاڻي)
  • شبنم شبنم ڪنول ڪنول جو اڀياس (مضمون)
  • سنڌي ڪهاڻي تي هڪ نظر ( مقالو)
  • جھولي لال (سفرنامو)
  • برف پنکڙيون ۽ چنڊ (سفرنامو)
  • پن ڇڻ ۽ چنڊ ( شاعري)
  • پٺاڻ ( تاريخ تي لکيل ڪتاب)
  • سچل سارو سچ (سچل تي لکيل)
  • صدين جي صدا (شيخ اياز تي لکيل)
  • سندهي ڊرامي ڪي تاريخ (اردو ڪتاب)
  • سنڌ مين موسيقي ( اردو ڪتاب)
  • اونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)
  • هم اوست (ناول)
  • روشني جي تلاش ( ناول)
  • اڻ پورو انسان ( ناول)
  • گل ڇنو گرنار جو ( ٽي وي ڊرامو)
  • دودو چنيسر (ٽي وي ڊرامو)
  • گلن جھڙا گھاءُ (ٽي وي ڊرامو)
  • روپ ٻهروپ (ٽي وي ڊرامو)
  • خواب جو سورج (ٽي وي ڊرامو)
  • واپسي (ٽي وي ڊرامو)
  • پاڳل خانو (ٽي وي ڊرامو)
  • تماشو (ٽي وي ڊرامو)
  • ٽيليفون ( ٽي وي ڊرامو)
  • پرهه جا مسافر ( ٽي وي ڊرامو)
  • چانڊوڪي جو زهر ( ٽي وي ڊرامو)
  • پاس ناپاس ( ٽي وي ڊرامو)
  • سک جي وستي ( ٽي وي ڊرامو)
  • پوياري جا پاڇا ( ٽي وي ڊرامو)
  • درد جي روشني ( ٽي وي ڊرامو)
  • دولهه دريا خان ( ٽي وي ڊرامو)
  • چانڊوڪي (سنڌي فلم1969ع)
  • محبوب مٺا (سنڌي فلم1971ع)
  • رت جا رشتا (سنڌي فلم1975ع)
  • بابا فريد جا دوها ( ترجمو ۽ تحقيق)
  • ڍولا مارو (تحقيق)
  • لات جا لطيف جي ( لطيفيات)
  • سُر سارنگ، سُر ڪلياڻ، سُر سورٺ، سُر مومل راڻوجو ترجمو (لطيفيات)
  • لالن لال لطيف ڪهي (لطيف جي ڪلام جو منظوم اردو ترجمو)
  • (شاه جي رسالي جو مڪمل اردو ترجمو)
  • Alexander's Conquest of Sindh (ترتيب)[8][9][10]

نه رڳو اهو پر آغا سليم اليگزينرس ڪانڪيوئسٽ آف سنڌ (Alexander's Conquest of Sindh) پڻ سهڙي ڇپرايو. آعا سليم ٽن سنڌي فلمن رت جا رشتا ۽ چاندني ۽ محبوب مٺا جون اسڪرپٽون پڻ لکيون. ان کان سواءِ صحافت جي شعبي سان به لاڳاپيل رهي سنڌي ۽ اردو ۾ لکيو. [11][12]

اعزازا ۽ تمغا[سنواريو]

پاڪستان جي حڪومت آغا سليم جي خدمتن جي مڃتا ۾ کيس ستارو امتياز، صدارتي تمغو برائي حسن ڪارڪردگي ڏنو ۽ هن لطيف ايوارڊ (Latif Award) پڻ ٻه دفعا ماڻيو. [11]

لاڏاڻو[سنواريو]

آغا سليم 81 سال جي عمر ۾ 12 اپريل، 2016ع تي ڪراچي، سنڌ، پاڪستان ۾ وفات ڪئي.[13]

  1. ڪتاب:آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس
  2. عبدالقادر جوڻيجو : ٿوهر جي ماکي آغا سليم” خاڪو” رسالو مهراڻ 1977ع: ص 163
  3. جوڻيجو عبدالقادر: ٿوهر جي ماکي آغا سليم” خاڪو” رسالو مهراڻ 1977ع: ص 164
  4. هڪڙو انور فگار: “شڪارپور شهر جو ادب ۾ حصو” ص 134-135 ڇ پهريون2009ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
  5. سنڌي يوسف: سنڌي ادب (هڪ سؤ سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو) ڇ پهريون جولاءِ 2011ع پبليڪيشن سچائي اشاعت گھر، دڙو سنڌ حيدرآباد ص 16.15
  6. ماهوار پرک: جولائي، آگسٽ 2001ع، آغا سليم جو انٽرويو
  7. يوسف سنڌي: سنڌي ادب (هڪ سؤ سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو) ڇ پهريون جولاءِ 2011 پبليڪيشن سچائي اشاعت گھر، دڙو سنڌ حيدرآباد
  8. آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس (ارم فاروق جمالي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-09-11 
  9. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آغا%20سليم
  10. ڪتاب:آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس، ارم فاروق جمالي
  11. 11.0 11.1 نامور ادیب اور براڈ کاسٹر آغا سلیم چل بسے - BBC News اردو
  12. Bio-bibliography.com - Authors
  13. Sindhi writer Agha Saleem passes away at 81 - The Express Tribune