نسيم کرل
| نسيم کرل Naseem Kharal | |
|---|---|
| ڄم | نسيم احمد کرل جون 29 1939 ڳوٺ عبدالڪريم کرل، خيرپور ضلعو، سنڌ، برطانوي هندستان |
| وفات | 14 جُولاءِ 1978 (عمر 39 سال) خيرپور |
| قلمي نالو | نسيم کرل |
| ڌنڌو | ڪهاڻيڪار |
| ٻولي | سنڌي |
| قوميت | پاڪستاني |
| تعليم | بي اي |
| مادرِ علمي | سنڌ مسلم ڪاليج، ڪراچي |
| صنف | ڪھاڻي |
| موضوع | سنڌي نثر |
| مُکيه ڪم | نسيم کرل جون ڪهاڻيون چوٽيهون در شبنم شبنم ڪنول ڪنول |
نسيم کرل (انگريزي:Naseem Kharal) سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.
زندگي جو احوال
[سنواريو]نسيم کرل جو پورو نالو نسيم احمد کرل هو. نسيم ضلعي خيرپور جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ عبدالڪريم کرل ۾ حاجي عبدالڪريم کرل جي گهر ۾ 29 جون 1939ع ۾ جنم ورتو.[1]
تعليم
[سنواريو]نسيم کرل پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان 1948ع ۾ پاس ڪيائين. ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول هاء اسڪول، خيرپور مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ۽ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان 1969ع ۾ گريجويشن ڪيائين.[2]
ادبي خدمتون
[سنواريو]ڪهاڻيڪار نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻين ۾ جتي اپرڪلاس سوسائٽيء جي ماڻهن جي نفسيات جي ترجماني ڪئي آهي. اتي ئي وچئين طبقي جي ماڻهن جي مسئلن جي بہ خوب چترڪاري ڪئي آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ جاگيرداري سماج هٿان پيڙهيل هيٺاهين طبقي جي ڏکن ۽ اهنجن کي بہ بيان ڪيو آهي.
ڪتاب
[سنواريو]1.شبنم شبنم ڪنول ڪنول(ڪهاڻيون)[3]
2.چوٽيهون در (ڪهاڻيون)[4]
3.ڊمي (ڪهاڻيون)
4.نسيم کرل جون ڪهاڻيون (ڪهاڻيون)[5]
وفات
[سنواريو]ڪهاڻيڪار نسيم کرل کي ذاتي دشمني سبب 14 جولاء 1978ع تي قتل ڪيو ويو.[6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "SindhSalamat", SindhSalamat, حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔
- ↑ "سنڌي شخصيتون", sindhipeoples.blogspot.com, حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔
- ↑ "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔
- ↑ "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ سنڌي), حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔
- ↑ "سنڌ سلامت ڪتاب گهر", books.sindhsalamat.com (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔
- ↑ "SindhSalamat", SindhSalamat, حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔