مواد ڏانھن هلو

نسيم کرل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نسيم کرل
Naseem Kharal
ڄمڻ نسيم احمد کرل
جون 29 1939(1939-06-29)
ڳوٺ عبدالڪريم کرل، خيرپور ضلعو، سنڌ، برطانوي هندستان
وفات 14 جولاءِ 1978 (عمر 39 سال)

خيرپور
قلمی نالو نسيم کرل
پيشو ڪهاڻيڪار
ٻولي سنڌي
قوميت پاڪستاني
تعليم بي اي
مادرِ علم سنڌ مسلم ڪاليج، ڪراچي
صنف ڪھاڻي
موضوع سنڌي نثر
نمايان ڪم نسيم کرل جون ڪهاڻيون
چوٽيهون در
شبنم شبنم ڪنول ڪنول

نسيم کرل (انگريزي:Naseem Kharal) سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ نثر نويس هو. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.

زندگي جو احوال

[سنواريو]

نسيم کرل جو پورو نالو نسيم احمد کرل هو. نسيم ضلعي خيرپور جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ عبدالڪريم کرل ۾ حاجي عبدالڪريم کرل جي گهر ۾ 29 جون 1939ع ۾ جنم ورتو.[1]

تعليم

[سنواريو]

نسيم کرل پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان 1948ع ۾ پاس ڪيائين. ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول هاء اسڪول، خيرپور مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. ۽ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان 1969ع ۾ گريجويشن ڪيائين.[2]

ادبي خدمتون

[سنواريو]

ڪهاڻيڪار نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻين ۾ جتي اپرڪلاس سوسائٽيء جي ماڻهن جي نفسيات جي ترجماني ڪئي آهي. اتي ئي وچئين طبقي جي ماڻهن جي مسئلن جي بہ خوب چترڪاري ڪئي آهي. ۽ ان سان گڏوگڏ هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ جاگيرداري سماج هٿان پيڙهيل هيٺاهين طبقي جي ڏکن ۽ اهنجن کي بہ بيان ڪيو آهي.

ڪتاب

[سنواريو]

1.شبنم شبنم ڪنول ڪنول(ڪهاڻيون)[3]

2.چوٽيهون در (ڪهاڻيون)[4]

3.ڊمي (ڪهاڻيون)

4.نسيم کرل جون ڪهاڻيون (ڪهاڻيون)[5]

وفات

[سنواريو]

ڪهاڻيڪار نسيم کرل کي ذاتي دشمني سبب 14 جولاء 1978ع تي قتل ڪيو ويو.[6]

حوالا

[سنواريو]
  1. "SindhSalamat", SindhSalamat, حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔
  2. "سنڌي شخصيتون", sindhipeoples.blogspot.com, حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔
  3. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (سنڌي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔
  4. "انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا : (Sindhianaسنڌيانا)", www.encyclopediasindhiana.org (سنڌي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔
  5. "سنڌ سلامت ڪتاب گهر", books.sindhsalamat.com (انگريزي ٻولي ۾), حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔
  6. "SindhSalamat", SindhSalamat, حاصل ڪيل 04 مئي 2019۔