عمر ۽ مارئي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

عمر ۽ مارئي جو داستان وطن جي حب ۽ محبت جو داستان آهي. سنڌ جي هڪ ڳوٺاڻي نياڻي جي ست سيل ۽ سنڌ جي هڪ عادل بادشاه جي صبر ۽ انصاف جو داستان آهي. جهوپڙن ۾ رهندڙ مارن ۽ جهانگين جي ڏکي پر آجي ۽ محبت ڀري رهڻي ڪهڻي جي شهرن ۽ ماڙين ۾ رهندڙن جي سک ۽ عيش واري پر پابند زندگي تي فوقيت جو داستان آهي. هي سنڌ جي غريبن جي اشرافت ۽ خود داري جو داستان آهي. بلڪ سنڌ جي اعلى سماجي قدرن جو آئينو آهي، جنهن ڪري صدين کان وٺي سنڌ ۾ هنڌين ماڳين ۾ مشهور ۽ مقبول رهيو آهي.

عمر سومرو همير جو پٽ هو، سومرن جي زوال واري دور ۾ عمر سومرن جو پنجويهون حاڪم ٿيو، جنهن سمن حاڪمن جي تحت عمر ڪوٽ ۾ ٿر واري علائقي ۾ سرداري ڪئي.

مارئي جو وڏو ڏاڏو ’’مهڙ‘‘ هو، ڏاڏو ’ڦل‘ ۽ ’لاکو‘ پيءَ جو نالو هو.

ڦوڳ نالي هڪڙي شخص، مارئي جو سڱ سندس مائٽن کان گهريو، پر مارئي جي مائٽن اهو سڱ پنهنجي عزيزن مان هڪ کي ڏئي ڇڏيو. پوءِ اهو ڦوڳ فريادي ٿي عمر سومري وٽ دانهن کڻي ويو. جڏهن عمر وٽ پهتو تہ حقيقت بيان ڪرڻ وقت مارئي جي سونهن صفائي جي ساراه ڪرڻ لڳو ۽ عمر کي چيائين ته آئون انهي سڱ تان دستبردار آهيان، توهان کيس پنهنجي محل ۾ داخل ڪريو. هو اهڙي ته سهڻي آهي جو منجهانئس نگاهہ ڪڍڻ بہ مشڪل آهي. عمر هڪڙي تکي اُٺ تي سوار ٿي، مارن جي ملڪ ڏانهن روانو ٿيو. جڏهن مارئي تي نظر پيس ته اکيون جهڪن نہ پيون. ڪيترا ڏينهن اتي تاڙ ۾ ويٺو رهيو. جڏهن وجھہ مليو تڏهن مارئي کي اُٺ تي اُڏائي آڻي عمرڪوٽ مان ڪڍيائين.

ان زال کي هزارين شاباسون ۽ جس هجن، جنهن پنهنجي سيل ستر بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو. عمر جي طرفان کيس ڳھہ ڳٺا، زيور، ڪپڙا ۽ ست اڇيو آڇيون ڏنيون ويون، ڊپ خوشيون ڏيکاريون ويون، مگر هو ڪنهن بہ ڳالهہ تي راضي نہ ٿي. عمر کي ايئن چوندي رهي تہ اهو ڪهڙي مذهب ۾ روا آهي تہ پنهنجي مڱيندي جو حق ڀڃي، تنهنجي بي بقا اسبابن جي چٽڪن تي لڳي ريجهي وڃان، پوءِ آخرت جي ڏينهن هلي شرمسار ٿيان. عمر جڏهن هن جي آهن دانهن کان متاثر ٿيو، تڏهن هڪ سال بعد سندس مڙس کي گهرائي ڳهن ڳٺن سميت ٻانهن ان جي حوالي ڪيائين ۽ کيس مارئي جي پاڪدامن هجڻ جي به تسلي ڏنائين. جڏهن مڙس ان کي وٺي ملڪ پهتو، تہ ان جو شڪ زال مان نه لٿو. آٿئي ويٺي کيس طعنا پيو هڻندو هو. هڪڙي ڏينهن اها خبر عمر کي وڃي پئي، جنهن تي کيس تڪليف پهتي تہ ڇا منهنجو صبر، ڇا مارئي جي پنهنجي بچائڻ جي مضبوطي ان جي هنن بيوقوفن کي ڪو بہ قدر ڪونهي! سو ڪاوڙجي هڪ وڏو لشڪر ماروئڙن تي چاڙهيائين تہ وڃي سڄو ملڪ تاراج ڪري چڏيو. جڏهن اهو لشڪر ملڪ ۾ پهتو ته ماروئڙا حيران ٿي ويا ۽ پڇيائون تہ هي فوج ڪنهنجي آهي ۽ ڇا جي لاءِ آئي آهي؟ عملدار چيو ته، توهان مارئي جي پاڪدامني تي ويساهہ نٿا ڪريو ۽ ان جو مڙس مهڻن طعنن سان مارئي کي روز ٿو وڍ وجهي، جنهن کان بادشاھہ توهان جي تباهي جو حڪم ڏنو آهي تہ ان نموني منهنجي بدنامي ٿيندي ٿي رهي، اهي ماڻهو ئي هت نہ هجن.

پوءِ مارئي پنهجي قبيلي جي ماڻهن کي دلداري ڏئي ڪي وڏڙيون عورتون پاڻ سان گڏ وٺي عمر جي خدمت ۾ پهتي، جتي عمر کي چيائين تہ ’’تون هڪ حاڪم آهين، تو کي لازم نہ هو تہ پرائي ڃائي کي هڪ سال پنهجي دٻڙ ڌونس سان بندي چڏين، پوءِ بہ بدنامي کان ڪاوڙجي پنهنجي لشڪر هٿان غريبن کي مارائين ٿو، ماڻهن جا وات ڪير بہ بند ڪري نٿو سگهي. آءُ بہ تہ انهي ڪري ئي سهن جي منهن ۾ آهيان. جي اهڙو ڪم نہ ڪرين ها تہ ڪير توکي بروڀلو چئي ها ۽ ڇو منهنجو مڙس مون کان شڪي رهي ها ۽ وري حملو بہ اسان تي ڪرايو اٿئي، انصاف ڪر تہ ان ۾ ڏوھ ڪنهن جو آهي؟ ‘‘ مارئي جي اها ڳالہ دل سان ٻڌائين ۽ ڏاڍو پڇتائين. لشڪر کي واپس گهرايائين ان سان گڏ مارئي جي مڱيندي اڳيان قسم سنهن کنيائين، جيئن ان جي دل مان غير نڪري وڃي پوءِ ان ستاوان زال مارئي بہ هندو دستور موجب پاڻ تي قسم جي پرکا قبول ڪئي، جيئن سڄي ڪڙم تان بدنامي جو ٽڪو ميسارجي وڃي. فيصلو ڪيائون تہ مارئي جي پرکا وٺجي. باهہ ۾ لوه تپائي ان جي گردن ۾ وجهجي، جي هن کي ڪا لهس نہ اچي تہ سمجهو تہ پاڪ آهي. پوءِ ان الزام ڏيڻ کان باز رهجي، جيئن اهو داغ هميشہ لاءِ مٿانئس لهي وڃي. جڏهن اها حقيقت مارئي کي ملي تہ ان خوشي سان انهي آزمائش کي قبول ڪيو. پوءِ سڀني گڏجي مچ ٻاريو. مارئي طوق پائڻ جي بجاءِ پنهنجي پروردگار جي آسري تي باھہ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ٽانڊن مٿان اڪري وئي ۽ ان جو وار بہ ونگو نہ ٿيو. پوءِ عمر جو اڳي شرمسار ٿيو بيٺو هو. سو خوش ٿيو، ڇو تہ مٿانئس ملامت لهي ويئي ۽ مارئي جي مڙس جي دل بہ صفا ٿي وئي.

ناز و نياز[سنواريو]

عمر مارئيءَ جي قصي کي مورخ سيد محمد طاهر نسياني فارسيءَ ۾ منظوم ڪري مٿس ”ناز و نياز“ نالو رکيو. [1]