امام بخش خادم
-امام- بخش ”خادم“ سنڌي غزل جو مشهور شاعر ٿي گذريو آهي، جيڪو 1861ع ۾ محمد -بچل- بدويءَ جي گهر، شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ماءُ جي فوت ٿي وڃڻ ڪري سندس پالنا ناناڻن ڪئي. 1869ع ۾ -آخوند- قمرالدين جي مدرسي ۾ سنڌي پڙهڻ ويٺو. 1873ع ۾ پنج درجا پاس ڪري، سنڌي فائنل ڏنائين. -ان- کان پوءِ انگريزيءَ جا ٽي درجا پڙهي، ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، جتان 1879ع ۾ سرٽيفڪيٽ ورتائين ۽ حيدرآباد جي ئي هڪ اسڪول ۾ -استاد- مقرر ٿيو. اتي ئي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور شاعرن، سيد فاضل شاهه، فضل محمد ”ماتم“ ۽ خليفي محمد قاسم هالائيءَ سان ٿي. شاعريءَ جو شوق اڳ ۾ ئي هئس، ويتر سٺي سنگت جي ڪري وڏن شاعرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1880ع ۾ شڪارپور بدلي ٿي ويو، -جتي- اسڪول جو هيڊماستر ٿيو. 1886ع ۾ سکر بدلي ٿي ويو. 1896ع ۾ ئي ڪٽنب سوڌو حج ڪيائين. -ان- کان پوءِ مختلف هنڌن تي پنهنجي پيشي سان نباهه ڪيائين. 1912ع ۾ استعيفيٰ ڏيئي، لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول ٿي ويو. هن ’هير رانجهو‘ ڊرامو، ’حاتم طائيءَ جو قصو‘، ’چار درويش‘، ’-بهرام گور-‘، ’انشاءِ خادم‘، ’الف ليليٰ‘، ’فوائدالمبتدي‘ (فارسيءَ ۾)، ’نانگ وارو معجزو‘ (نظم ۾)، ’مثنوي نگار‘، ’دودو چنيسر‘ ۽ ’ڪليات خادم‘ ڪتاب لکيا. سندس ڪلام ’-بهار اخلاق-‘، ’تحفه احباب‘ ’آفتاب‘، ۽ ’سنڌ سڌار‘ جهڙن رسالن ۾ شايع ٿيو. مشهور شاعر ۽ اديب، لطف -الله- -بدوي- سندس فرزند هو. حاجي -امام- بخش ’خادم‘، -جنوري- 1336ھ/1918ع ۾ وفات ڪئي.[1]