رسالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search

رسالو_(_Treatise )بنيادي طرح ’رسالو‘ عربي زبان جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي ”پيغام، سنيهو يا نياپو“. اهو ڪتاب، جنهن ۾ڪنهن بزرگ شخصيت جو ڪلام هوندو آهي، ان کي به ’رسالو‘ چوندا آهن[1] ڪن اهم مفيد موضوعن تي مختصر ڪتاب هوندو آهي، جن ۾ ڪنهن علم يا فن بابت مختلف، ڪارائتا ۽ دلچسپ مضمون لکي محفوظ رکبو آهي.جيئن ته مشهور فارسي لغت ”غياث اللغات“ ۾ موسيقي، منطق ۽ عروض وغيره جي موضوعن تي رسالا شامل آهن. اهڙا رسالا فارسي ۾ جام لکيا ويا آهن. فارسي ۾ ننڍي کنڊ ۾ نظم جي ڪتابن کي به رسالو چيو ويو آهي. حضرت ميان مير سنڌي لاهوريءَ جي مريد خاص ۽ شاهجهان، ان جي ڌيءَ جهان آرا ۽ پياري ،پٽ دارا شڪوه جي مرشد ملا شاهه بدخشي جي مثنوين کي ”رسالي“ جو نالو ڏنو ويو آهي، جيئن ته ”رساله حمد و نعت“ ، ”رساله ولوله“ ۽ ”رساله نسبت“ . ڪن رسالن ۾ هڪ کان وڌيڪ موضوعن تي ننڍا ننڍا مقالا گڏ ڪري ”رسالي“ جو نالو ڏنو ويندو آهي. سنڌي ۽ اردو ۾ ماهوار ميگزين کي رسالو انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو ته ان ۾ جدا جدا موضوعن تي مضمونن کان سواءِ شاعرن جو ڪلام به هوندو آهي. محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جهڙي محقق ۽ عالم به شاهه عبداللطيف ۽ لطف الله قادريءَ جي رسالن جي سلسلي ۾ اهڙن رسالن جو ذڪر ڪيو آهي، پر خبر نه ٿي پوي ته سنڌي شاعرن جي ڪلام کي رسالي جو نالو ڪڏهن کان وٺي ڏنو ويو آهي ۽ پهريون رسالو ڪنهن ۽ ڪڏهن گڏ ڪيو هو..[2]

سنڌي شاعرن جا رسالا[سنواريو]

سنڌي شاعرن جي ڪلام کي ”رسالي“ جو نالو انهيءَ ڪري ڏنو ويو آهي ته ان جي هر سُر (فصل) ۾ جدا جدا راڳن، لوڪ داستانن ۽ موضوعن بابت ڪلام گڏ ڪيو ويندو آهي. اهڙا رسالا رڳو سنڌي شاعرن ئي مرتب ڪيا آهن. ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ شاعرن جي ڪلام کي رسالو نه چيو ويو آهي. سنڌي رسالي جي ترتيب نهايت سهڻي ۽ مڪمل آهي. رسالي جي انهيءَ ترتيب جي جاچ ڪبي ته معلوم ٿيندو ته اهڙو سهڻو انداز ۽ نئين ترتيب اک ڇنب ۾ پيدا نه ٿي هوندي، ان جو ضرور ڪو پس منظر هوندو، ڪا تاريخ هوندي. هن مختصر مضمون جو مقصد انهيءَ پس منظر جي ڳولا آهي..[2]

شاھ جو رسالو[سنواريو]

سنڌي رسالي جي معياري ترتيب اسان کي حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رسالي جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. دراصل رسالي جي ترتيب جا تجربا انهيءَ رسالي جي سلسلي ۾ ئي ٿيا آهن ۽ رسالي جي ترتيب ۾ شاهه جي رسالي کي ئي مرڪزي حيثيت حاصل رهي آهي. شاهه جي رسالي کان اڳ ڪو رسالو اهڙي ترتيب هيٺ مرتب ٿيو هو يا نه ؟ ٿيو هو ته ان جي ترتيب ڪهڙي هئي ؟ ان ۾ ڪهڙا ڪهڙا سر هئا ، ان بابت ڪجھ چئي نه ٿو سگھجي ، ڇو جو ان کان اڳ جو ڪو رسالو اڃا تائين ملي نه سگھيو آهي..[2] شاهه جي بزرگ همعصر شاعر ميين شاهه عنات رضوي به رسالو مرتب ڪيو يا ان جو ڪلام بياض جي صورت ۾ هو؟ ٻنهي صورتن ۾ ان جي ترتيب ڪهڙي هئي؟ ميين شاهه عنات رضوي جي ڇپيل رسالي جي ترتيب تي ته شاهه جي رسالي جو ا ثر نمايان آهي. ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ انهيءَ خاندان جي ٻين شاعرن جو ڪلام به شامل هو، پر ڇپيل رسالي ۾ موجوده ترتيب ۾ گڏ ڪيل آهي. جيڪڏهن اصل خطي نسخي ۾ ائين آهي ته شاهه عنات جو ڪلام به بياض جي صورت ۾ هوندو. شاهه عنات رسالي يا بياض جو انداز ڪهڙو آهي، اسان کي پڪ نه آهي، پر ڇپيل رسالو شاهه جي رسالي جي انداز ۽ ساڳي ترتيب ۾ مختصر ڪيل آهي..[2]

شاهه جي رسالي کان اڳ سنڌي شاعرن جو ڪلام مجموعن جي صورت ۾ نٿو ملي ۽ گھڻو ڪري بياضن، ملفوضات يا تصوف جي ڪتابن ۾ درج ٿيل آهي. پر شاهه جي رسالي جي ترتيب (توڻي بياض جي صورت ۾ ڇو نه هجي) خاص آهي. انهيءَ ترتيب جا ٻه نمونا آهن. پهريون نمونو سُر سهڻي سان شروع ٿئي ٿو ۽ ٻئي سلسلي جي شروعات سُر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي. پر ٻي ترتيب وڌيڪ رائج ۽ مقبول آهي. اڄ بازار ۾ عام طور جيڪي رسالا ملن ٿا، انهن جي شروعات سُر ڪلياڻ سان ٿئي ٿي ۽ محققن انهيءَ ترتيب کي معياري قرار ڏنو آهي، ڇو جو انهيءَ جو سلسلو شاهه ڪريم جي درگاهه واري گم ٿيل رسالي سان ملي ٿو. البت شاهه جي درگاهه تي رکيل سڀ کان جھوني رسالي ”گنج“ جي شروعات سُر سهڻي سان ٿئي ٿي..[2]

رسالي جي ترتيب موسيقي تي ٻڌل آهي. ان جي هر هڪ باب يا فصل کي سرود يا سُر چون ٿا ۽ وڌيڪ تعداد ۾ سُر ڪنهن نه ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب آهن هر سُر ۾ جيترو ڪلام آهي، سو انهيءَ سُر سان منسوب راڳ ۾ ڳايو ويندو آهي. اهڙي ريت سُر يا سرود رسالي جو هڪ باب يا فصل به آهي ۽ راڳ به.اهو لفظ ٻنهي معنائن ۾ ڪتب آندو ٿو وڃي..[2]

شاهه جي رسالي ۾ ٽيهه سُر آهن. رڳو علامه آءِ - آءِ- قاضي مرحوم جو مرتب ڪيل رسالو اُڻٽيهن (29) سُرن تي مشتمل آهي، انهيءَ ڪري ڪن صاحبن وٽ اختلافي ٿي پيو آهي. جھُونن رسالن جي جدا جدا نسخن ۾ ٻٽيهه (32) کان (36) تائين سُرن جا نالا ملن ٿا ، پر ٽيهن کان مٿي وارا سُر الحاقي آهن. اهي سُر شاهه سائين جا چيل ڪونهن. انهن ۾ ٻين شاعرن جو اهڙو ڪلام آهي، جو شاهه جي محفلن ۾ ڳايو ويندو هو. البت ٻين شاعرن جي رسالن ۾ سُرن جو تعداد شاهه سائين جي رسالي جي مقابلي ۾ تمام گھٽ آهي.[2]

ميگزين[سنواريو]

رسالو __(Magazine)؛

مختلف ليکڪن جي لکڻين کي گڏي ڇپايل ڪتاب کي ”رسالو” ڇيو ويندو آهي. رسالن جا مختلف قسم آهن. جيئن هفتيوار رسالا، پندرهن روزه رسالا، ٽماهي رسالا يا ساليانا رسالا وغيره. انگريزن جي دؤر۾ ’رسالي‘ لفظ سنڌي ادب ۾ مخدوم معين ٺٽويءَ جو شاهه لطيف کي جواب ”رساله اويسيه“ نئين معنيٰ ورتي، يعني ادبي ، سياسي، سماجي، فنون لطيفه ۽ فلمي دنيا جي مختلف موضوعن تي مبني شعر ۽ نثر جي ترتيب کي پڻ رسالو سڏيو ويو. [1]


حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 سنڌي رسالي جي ترتيب ۽ ان جو پس منظر؛ الياس عشقي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو