سنڌ يونيورسٽي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ يونيورسٽي
قسم Public
سرگرم 1947 (1947)
چانسلر سنڌ گورنمنيٽ
وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت
پتو ڄامشورو، سنڌ، پاڪستان
ڪيمپس نئون:علامه آءِ آءِ قاضي
پراڻو:مس ايلسا قاضي
رنگ سُرمئي سائو, ڪارو            
ويب سائيٽ www.usindh.edu.pk

سنڌ يونيورسٽي (English: University of Sindh) (سنڌ ورسٽِي) هڪ تعليمي ادارو، ڄامشوري ۾ واقع آهي. هِي پاڪستان جي پُراڻي ۽ ٻيون نمبر وڏي يونيورسٽي آهي. هي يونيورسٽي 1947 کان 1951 جي وچ واري عرصي ۾ ٺهي. 1951 ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ٿيڻ کانپوءِ مڪمل طرح پڙهائي جو سلسلو جاري ٿيو.
ھي يونيورسٽي 1947 ۾ سنڌ اسيمبلي مان سنڌ يونيورسٽي ايڪٽ پاس ڪرائي 13 اپريل 1947 ۾ ڪراچي جي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پير الاهي بخش ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي جاء ۾ قائم ڪئي وئي. سنڌ جو گورنر سر فرانسس موڊي سنڌ يونيورسٽي جو پھريون چانسلر، سر غلام حسين ھدايت اللہپرو چانسلر، اي.بي.حليم پھريون وائيس چانسلر ۽ آغا تاج محمد پھريون رجسٽرار مقرر ٿيا. مئي 1951 ۾ سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي کان حيدرآباد آندو ويو.[1]اھا اپريل 1947 ۾ اين. جي. وي. ھاءِ اسڪول جي الھندي ونگ ۾ قائم ٿي.[2]

تاريخ[سنواريو]

سنڌ يونيورسٽي جو گيٽ

پاڪستان جي ٺهڻ وقت پاڪستان ۾ صرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف پنجاب“ فعال هُئي، جيڪا صرف پنجاب صوبي ۾ تعليم جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري رهي هُئي. سنڌ صوبي ۾ صِرف هڪ يونيورسٽي ”يونيورسٽي آف ممبئي“ هُئي جيڪا آزاديءَ کان پهرين ئي بمبئي کان الڳ ٿيڻ ڪري بمبئي جي حصي ۾ آئي، جيڪا هاڻ ڀارت ۾ آهي.

ورهاڱي کان پوءِ سنڌ صوبي ۾ تعليم جي بهتريءَ لاءِ هڪ اداري جي ضرورت پئي ۽ قانوني شق نمبر XVII تحت ”يونيورسٽي آف سنڌ“ جي نالي سان هڪ بِل قانونساز اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو جيڪو سنڌ کي پڻ هڪ نئين يونيورسٽي قائم ڪرڻ بابت هو.

ورهاڱي کان پوءِ 1947 کان 1955 تائين حيدرآباد کي سنڌ جِي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ يونيورسٽي کي پڻ 1951 ۾ ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي هِن تعليمي اداري کي فعال بڻايو ويو. يونيورسٽيءَ ۾ پهريون شعبو ”ڊپارٽمينٽ آف ايجوڪيشن“ (تعليمي شعبو) قائم ڪيو ويو جنهنکي پوءِ ”فيڪلٽي آف ايجوڪيشن“ جو نالو ڏنو ويو. تنهن کان پوءِ يونيورسٽيءَ ۾ ٻيا به شعبا شامل ڪيا ويا ته يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي ماحول سرگرم ٿي ويو، جنهن کان پوءِ هڪ ٻيو ڪيمپس کولڻ جِي ضرورت محسوس ٿِي، جيڪو حيدرآباد شهر کان 15 ڪلوميٽر اولهه_اُتر طرف ڄامشورو ۾ ”علامه امداد علي امام علي قاضي“ جي نالي سان ٺهيو.

ادارو[سنواريو]

سنڌ يونيورسٽي جو انتظام ڄامشورو ڪيمپس ۾ ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ وٽ آهي، هِن اداري جي انتظام هيٺ 4 ”لاء ڪاليج“ ۽ 74 ”ڊگري ۽ پوسٽ گريجوئيٽ“ ڪاليج پڻ آهن. تعليم جِي پکيڙ جي حوالي سان سنڌيونيورسٽي جا 9 ٻيا به ڪيمپس سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آهن.

ڪيمپَس[سنواريو]

سنڌ يونيورسٽي جا ٻه مُکيه ڪيمپس (1 ۽ 2) آهن ۽ سَتَ (7) وڌيڪ ڪيمپس (3 کان 9) پڻ شامل ڪيا ويا آهن.

  1. علامه آءِ آءِ قاضي ڪيمپس، ڄامشورو، سنڌيونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس.چانسلر جي نالي سان لاڳاپيل آهي
  2. ايلسا قاضي ڪيمپس، حيدرآباد، جيڪو سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس.چانسلر علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي جَرمَن گھرواريءَ جي نالي سان لاڳاپيل آهي.
  3. سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس، بدين
  4. سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪيمپس
  5. سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻو ڪيمپس
  6. محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪيمپس، دادُو
  7. سنڌ يونيورسٽي نوشهرو فيروز ڪيمپس
  8. يونيورسٽي آف صوفي_ازم اينڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ ڪيمپس
  9. سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس

انتظاميه[سنواريو]

سنڌ يونيورسٽيءَ جو مکيه انتظام ڄامشورو ۾ وائيس.چانسلر جي هٿ هيٺ هوندو آهي. ڪيمپس ۾ سَتَ شعبه، فارميسي، ايجوڪيشن، اسلامڪ اسٽڊي، سوشل سائنس، نيچرل سائنس، آرٽ، ڪامرس ۽ بزنس ايڊمنسٽريشن پڻ شامل ڪيا ويا آهن. هر شعبو هڪ ”ڊِين“ جي انتظام هيٺ هوندو آهي، ”ڊين“ کي وائيس.چانسلر مُنتخب ڪندو آهي. هر شعبي جي الڳ عمارت آهي.

تعليم ۽ ڊگري[سنواريو]

يونيورسٽيءَ ۾ انڊرگريجوئيٽ بيچلر، بيچلرس آنرس ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ماسٽر ڊگري ۽ ايم.فِل توڙي پِي.ايڇ.ڊي پروگرام لاءِ رهنمائي پڻ ڪئي وڃي ٿِي.

حوالا[سنواريو]

  1. يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011، حاشيہ پيج نمبر 491 ۽ 492
  2. يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر: رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011 پيج نمبر 64