بايزيد بسطامي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
بايزيد بسطامي
بايزيد مسجد
پيدائش804
بسطام, قمس خطو عباسي خلافت (موجوده ايران)
وفات874[1]
علائقواولھ ايشيا
مڪتبه فڪرسني نقشبندي
شعبه عمل
صوفي ازم, اسراريت, فلسفو
اهم نظريا
سڪر


ابو يزيد البسطامي(انگريزي: Abu Yazid Bastami ) جيڪو بايزيد (انگريزي: Bayazid ) جي نالي سان سڃاتل آھي ان جي زندگيءَ جي باري سخت مذھبي تجربن متعلق صوفياڻي روايتن کي ڇڏي ڪري تمام گھٽ ڄاتو ويو آھي[2].بايزيد جي زندگيءَ جا حالات گهٽ ملن ٿا[3].

زندگي متعلق احوال[سنواريو]

سندس تعلق زرتشتي خاندان سان ھيو جيڪو ان وقت فارس ۾ ڪيسپين سمنڊ جي ڏکڻ ۾ ، موجوده ايران ۾ ، ايل بورز (انگريزي: El Burz ) جبل واري علائقي ۾ رھندڙ ھيو[2]. سندس قوميت فارسي ھئي[4][5]. سندس ڏاڏي جو نالو سرشان ھيو جيڪو زرتشتي مذھب سان تعلق رکندڙ ھيو[6]. جنھن بعد ۾ اسلام قبول ڪيو[7]. کيس ٽي پٽ : آدم، طيفور ۽ علي ھيا هو بسطام شهر جو رهاڪو هو. سندس اصل نالو ’ابو زيد طيفور‘ هو[3]. جيڪي سڀ عارف ھيا ۽ انھن ۾ طيفور کي بايزيد جي نالي سان پٽ ڄائو. هن ابوعلي سنڌيءَ کان معرفت ۽ حقيقت جو علم حاصل ڪيو[3]. چون ٿا ته اوائل ۾ شريعت جي خلاف ڳالهائڻ تي -بسطام- جي شهرين کيس شهر کان ڪڍي ڇڏيو هو، پر ڪجهه عرصو جهنگ ۾ رهڻ کان پوءِ شهر ۾ موٽي آيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين[3].فارس جي منگول حاڪم چوڏھين صديءَ جي شروعات ۾ سندس مزار ٺھرائي[2].ھن پاڻ ڪو به ڪتاب نہ لکيو. ھن جي باري ۾ جيڪو رڪارڊ آھي ان مطابق ھن گھمندي ڦرندي زندگي گذاري پر ان سان گڏوگڏ ھي مرشد پڻ رھيو[8]. ھن جي لاء خيال آهي تہ وفات بعد بسطام ۾ دفنايو ويو ھوندو، پر ان جي نالي سان مزار ترڪي ۾ ڪرخان شھر ۾ آهي. ان جي نالي سان ھڪ مزار بنگلاديش جي شھر چٽاگانگ ۾ پڻ آھي پر سندس بنگال طرف سفر جي تاريخ ۾ ڪابہ شاھدي ڪانہ ٿي ملي.

چٽاگانگ ۾ بايزيد بسطامي جي مزار
ترڪي ۾ بايزيد بسطامي جي مزار

بحيثت صوفي[سنواريو]

وڏو صوفي ۽ اهل الله هو. وجد ۾ اچي چوندو هو ته

”سبحاني ما اعظم شاني“

”پاڪائي آهي مون کي، ڪيڏو نه وڏو منهنجو شان آهي“![2][3]

ايئن لڳندو ھو ڄڻ تہ خدا ان منجھ ڳالھائي رھيو ھجي[2]. سندس ان عمل تي ملن ۾ ڪاوڙ وڌائي ڇڏي ۽ انھن ھن تي ڪفر جي فتوا ڏئي ڇڏي[2]. صوفي خيال وارن ھن جو دفاع ڪيو. ھن جون چوڻيون فارس کان عراق ،وچ ايشيا ۽ ترڪي تائين ڦھلجي ويون ۽ ڏھين صديءَ کان لکجڻ پڻ شروع ٿيو [2]

”سفينة الاولياءَ“ جي بيان مطابق شيخ بايزيد هڪ سؤ تيرهن طريقن جي رهنمائن کان فيض حاصل ڪيو[3].ھن دنيا ترڪ ڪري رياضت ۾ زندگي گذاري[2]. سيد الطائفه شيخ جنيد بغداديءَ جو قول آهي ته

”شيخ بايزيد جي حيثيت انسانن ۾ اهائي آهي، جيڪا فرشتن ۾ -جبرائيل- امين جي آهي [3].

کيس وفات کان پوء سلطان العارفين جو لقب ڏنو ويو. ھن لاء خيال ھيو تہ ھي خدا سان وصال ۾ فنا جي درجي تي پھچي چڪو ھو[9]. ھن کي وجداني ڪيفيت جي درجن ۾ مدھوش يا سڪر پڻ چوندا ھيا. ھن جي ڪلام سبحان ما اعظم شاني جي لاءِ سندس عقيدتمندن جو خيال ھيو تہ خدا سان وصال م ھي پاڻ فنا ٿي ويو سندس زبان مان ھي پاڻ نہ پر خدا پاڻ ڳالھائي پيو[9]. ھن ستن آسمانن سميت عرش تائين معراج ۽ خدا سان ملاقات جي پڻ دعوا ڪئي ھئي [9] [2].الله جو ذڪر ڪرڻ کان اڳ گرڙي ڪري زبان صاف ڪندو ھيو[10]. ھي فقيھن جي محنت جو پڻ معترف ھيو[11]. ھن کي نقشبندي سلسلي جي صوفين جي لڙھ سان منصوب ڪيو ويو[12].

حوالا[سنواريو]

  1. Karim, Abdul (2012). "Bayejid Bostami". in Islam, Sirajul; Jamal, Ahmed A.. Banglapedia: National Encyclopedia of Bangladesh (Second ed.). Asiatic Society of Bangladesh. http://en.banglapedia.org/index.php?title=Bayejid_Bostami. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 107,
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 3.6 بايزيد بسطامي : (Sindhianaسنڌيانا)-
  4. The new Cambridge history of Islam, Volume 4. (1. publ. ed.). Cambridge: Cambridge University Press. 2010. p. 72. ISBN 978-0-521-83824-5. 
  5. Walbridge, John. "Suhrawardi and Illumination" in "The Cambridge Companion to Arabic Philosophy" edited by Peter Adamson, Richard C. Taylor, Cambridge University Press, 2005. pg 206.
  6. Böwering, Gerhard. "BESṬĀMĪ, BĀYAZĪD". iranicaonline.org. Encyclopaedia Iranica. حاصل ڪيل 2 April 2017. 
  7. al-Qushayri, Abu 'l-Qasim (2007). Alexander D. Knysh; Muhammad Eissa. ed. Al-Qushayri's Epistle on Sufism : Al-Risala al-qushayriyya fi 'ilm al-tasawwuf. Alexander D. Knysh (trans.) (1st ed.). Reading, UK: Garnet Pub.. p. 32. ISBN 978-1859641866. 
  8. Abū Nuʿaym ʿAlī b. Sahl Iṣfahānī, Ḥilyat al-awliyāʾ, 10 vols., Cairo 1932–8, 10:33
  9. 9.0 9.1 9.2 Hermansen, Marcia K. "Early Islamic Mysticism: Sufi, Quran, Miraj, Poetic, and Theological Writings by Sells Michael.(The Classics of Western Spirituality Series) 398 pages, appendix, notes, bibliography, index. Mahwah, NJ: Paulist Press, 1996. $24.95 (Paper) ISBN 0-8091-3619-8." Review of Middle East Studies 31.2 (1997): 172-173. (p.212)
  10. Al-Iṣfahānī, 10:35
  11. Al-Iṣfahānī, 10: 36
  12. Mojaddedi, “al-Bisṭāmī, Abū Yazīd (Bāyazīd)”, Encyclopaedia of Islam, THREE