مواد ڏانھن هلو

پير اعجاز علي شاهه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيد محي الدين شاهه
(المعرف) سائين اعجاز
تاريخ پيدائش 1929
نيو سعيدآباد، مٽياري
تاريخ وفات 16 جون 1998 (69 سال)
حيدرآباد
روايت شاعري
نمايان ڪم سخن اعجاز

سيد محي الدين شاهه عرف اعجاز علي شاهه راشدي جنهن کي اعجاز سائين جي نالي سان پڻ سڃاتو وڃي ٿو، سنڌ جو صوفي شاعر هو. ھي ضلعي مٽياري جي پير جھنڊي ۾ 1929ع ۾ پيدا ٿيو ۽ سندس تعلق سنڌ جي راشدي خاندان مان ھو. [1]

ابتدائي زندگي

[سنواريو]

اعجاز ضلعي مٽياري جي ڳوٺ پير جھنڊو ۾ 1929ع تي پيدا ٿيو. ھن جي والد جو نالو سيد احسان اللہ شاھ (سنت ڌڻي) ھو. اعجاز جڏھن ڇھن سالن جو ٿيو تہ ھن کي ڳوٺ جي مسجد ۾ ناظران پڙھڻ لاءِ ويھاريو ويو، ھن 8 سالن جي ڄمار ۾ 29 سيپارا پڙھي پورا ڪيا. ھي ننڍي ھوندي کان ئي مستانہ خيال جا ھئا، ان لاءِ ھن کي والد بھلول جي نالي سان سڏيندو ھو.

اڃان اعجاز ننڍو ھو تہ سندس خاندان ۾ پڳ تي تڪرار ھلندڙ ھو، ان لاءِ ھن جي خاندان پير جھنڊو کان اتر طرف اڌ ميل جي مفاصلي تي نئون ڳوٺ درگاھہ شريف ٻڌاريو ۽ ھي اتي لڏي ويا. ھن اتي ئي قرآن جو ٽيھون سيپارو پڙھيو ھو. جڏھن اعجاز 11 سالن جي عمر کي پھتو تہ سندس والد وفات ڪري ويو ان ڪري ھو ڪا بہ تعليم نہ پرائي سگهيو.

ھن کي پنھنجي والد جي حصي مان 194 ايڪڙ زمين آھي، جيڪا نوابشاھ لڳ ھئي، ھن اھا زمين وڪڻي پراڻي سعيدآباد لڳ زمين ورتي. ھي 1962 ۾ سانگهڙ ضلعي جي نواز ڏاھري لڏي ويو ۽ 1973ع ۾ واپس سعيدآباد اچي آباد ٿيو.

ذاتي زندگي

[سنواريو]

اعجاز 1952ع ۾ پھرين ۽ 1982ع تي ٻي شادي ڪئي، جن مان 10 پٽ پيدا ٿيا، پھرين شادي مان بہ وڏا پٽ وفات ڪري ويا ۽ سندس ٽيون پٽ سجاد الرسول شاھہ ھن وقت گادي نشين آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. اعجاز سائين راشدي، 'سخن اعجاز'، سهڙيندڙ: استاد صاحبڏنو ميمڻ، صوفي صابن. سنڌي ساهت گھر، حيدرآباد 2013