مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
مخدوم محمد هاشم ٺٽوي
مخدوم محمد ہاشم ٹھٹوی
پير ٺٽوي صوفي آرڊر
جانشين مخدوم عبداللطيف ٺٽوي
جانشين بيبي آمنت
جانشين بيبي حسن بانو
جانشين

بيبي افروز جميل عقيلي

(Acting)
ذاتي تفصيل
پيدائش 1693
بٺورو، ضلعو ٺٽو
وفات 1761
مڪلي جو تاريخي قبرستان
ذريعو معاش معلم

ذاتي زندگي[سنواريو]

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي سن 1004هه ۾ مير پور بٺورو ضلع ٺٽو ۾ پيدا ٿيو. سندس نسب هن طرح آهي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي بن عبدالغفور بن عبدالرحمان بن عبداللطيف آهي.

هي بزرگ دنيا جي انهن عظيم علماء دين مان آهي جن کي پنهنجي توڙي پراون دل ۽ جان سان تسليم ڪيو آهي. تصنيف هجي يا رشد و هدايت جي تبليغ ۽ پرچار هر فن ۽ علم ۾ نهايت ڪماليت جي مٿاهين درجي تي پهتل آهي. علمي حلقا کيس سنڌ جو شاهه ولي الله تسليم ڪن ٿا. هي بزرگ سنڌ جي سڀني عالمن کان وڏو مصنف ٿي گذريو آهي. هر فن ۾ تبحر علمي حاصل هو. هن مختلف فنن ۾ ڪتاب لکيا.

هن بزرگ شروعاتي تعليم پنهنجي والد وٽ حاصل ڪئي. ان کان پوءِ ٺٽي روانو ٿيو. ان وقت جا رائج ڪتاب شيخ محمد سعيدي ٺٽوي وٽ ۽ حديث جا ڪتاب مخدوم ضياءالدين وٽ پڙهيا.

"اهو عام مشهور آهي ته مخدوم صاحب حج تي ويو هو. نبي صلعم جي روضي جي زيارت ڪيائين ۽ قرب حاصل ڪيائين. هن ڪتاب مان معلوم ٿئي ٿو ته هو اتي ڳچ وقت رهيو، پڙهيو ۽ پڻ ڪتاب لکيائين. مخدوم صاحب مڪه مڪرمه ۾ شيخ عبدالقادر بن مرحوم شيخ ابوبڪر عبدالقادر صديقي حنفي کان حديث جو علم حاصل ڪيو. ان پڙهائيءَ واري دؤر ۾ شيخ عبدالقادر استاد جي حيثيت ۾ پنهنجين روايتن جا جيڪي سلسلا بيان ڪيا تن مان چوند روايتون سَنَدن طور مخدوم محمد هاشم پنهنجي هن ڪتاب ”اتحاف الاڪابر“ ۾ قلمبند ڪيون. سندس لکڻ موجب شيخ عبدالقادو سَنَدن جا سلسلا ايترو ته تحقيق ۽ تفصيل سان پئي بيان ڪيا جو سڀ لکجن ها ته جيڪر هن ڪتاب جا ٽي جلد کن ٿي وڃن ها. هي جلد جيڪو مخدوم صاحب مرتب ڪيو، سو به سَنَدن جي سلسلي ۾ هڪ موسوعات (انسائيڪلوپيڊيا) آهي. اهڙو ٻيو ڪتاب هن پوئين ويجهي دؤر ۾ مولانا عبيدالله سنڌي جو مرتب ڪيل ”التمهيد لتعريف ائمتـﮧ التجديد“ آهي، جيڪو مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي جي تصحيح ۽ حواشي سان سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ٿي چڪو آهي. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ پنهنجي استاد شيخ عبدالقادر جو نالو وڏي احترام سان وٺي ٿو، ۽ کيس ”شيخنا“ (اسان جو استاد) ڪري لکي ٿو.[1] پاڻ ٺٽي شهر مدرسو قائم ڪيائون. سندن ڪيترائي شاگرد تيار ٿيا.

هن نامور عالم ۽ محقق سن 1174هه سن 1760 ۾ وفات ڪئي ۽ مڪلي جي قبرستان ۾ سندس آرامگاهه آهي.

ڪتاب[سنواريو]

"ڪتاب ۾ سندس سوانح حيات بابت ٻيا به ڪي اشارا موجود آهن، پر خاص ڳالهه اها جو آخر ۾ ڄاڻايو اٿس ته: ”منهنجون تصنيفون عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ آهن ۽ اهي هن وقت تائين هڪ سؤ پندرهن کان وڌيڪ آهن. ان بعد ڪم از ڪم هڪ سؤ پنجن ڪتابن جا نالا ۽ مختصر طور انهن جا موضوع ڄاڻايا اٿس، جن ۾ ڏهه ڪتاب سنڌي ۾ منظوم آهن. اهي سڀ ڪتاب مخدوم محمد هاشم رحه ساڍن اٺاويهن سالن جي عمر ۾ سن 1136هه (1724ع) جي جمادي الاول مهيني تائين تصنيف ڪيا. ٻيا وڌيڪ ڪتاب پنهنجي حياتيءَ جي باقي چاليهن سالن واري وڏي عرصي ۾ تصنيف ڪيائين"[2]

اتحاف الاڪابر هن ڪتاب جو سڄو نالو ”ڪتاب اتحاف الاڪابر بمبرويات الشيخ عبدالقادر“ آهي. ڪتاب جا قلمي نسخا موجود آهن. راقم جيڪو نسخو ڏٺو سو ڪاتب عثمان بن يار محمد آچر جي ڏينهن، يارهين تاريخ محرم مهيني جي، سن 1206هه ۾ لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب پاڻ پنهنجي ولادت جي تاريخخميس رات ڏهين تاريخ ربيع الاول سن 1104هه“ لکي آهي. سندس سوانح جي سلسلي ۾ اهو هڪ پڪو پختو اهڃاڻ آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڀٽائي صاحب کان ٻه سال کن ننڍو هو.[3]

تحقيق[سنواريو]

. مخدوم صاحب جي سوانح تي پهريون ڀيرو سندس ڪتاب ”بَذلَ القوه في حوادث سِني الُنُبوّه“ جي مقدمي طور مرحوم مخدوم امير احمد صاحب چڱو تفصيلي بيان قلمبند ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان گهڻو اڳ شايع ٿيو.[4]خدوم محمد هاشم رحه جون ديني ۽ علمي خدمتون ايتريون ته اهم ۽ وسيع آهن، جو انهن تي مسلسل تحقيق جي ضرورت آهي. ديني علمن- تفسير، حديث، فقه وغيره تي کيس عبور حاصل هو ۽ انهن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيائين. عربي ۽ فارسي کان سواءِ سندس سنڌي تصنيفن جو معيار علميت توڙي ٻولي ۽ لغت جي لحاظ سان ايترو ته بلند آهي، جو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ ۾ پڻ مخدوم صاحب جو مقام نهايت بلند آهي. فقهي مسئلن ۾ تحقيق کي مخدوم صاحب هڪ اعليٰ سائنسي منزل تي پهچايو. ان جو مثال سنڌ ۾ ’سج جي لڙڻ‘ جو مهيني سر مهيني صحيح وقت متعين ڪرڻ آهي، جنهن بابت ٻن سالن جي تجربي بعد مخدوم صاحب پنهنجي تصنيف ”رشف الظلال في فيء الزوال“ ۾ هڪ ڪُلي قاعدو مرتب ڪيو. هن تحقيق جي سائنسي ۽ رياضي رخ تي راقم پنهنجي هڪ انگريزي مقالي ۾ روشني وڌي آهي، جيڪو بين الاقوامي اسلامي سائنسي ڪانفرنس (1980ع) ۾ پيش ڪيو ويو.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سوانح حيات ۽ علميت بابت ڪي ويچار؛از.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع
  2. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سوانح حيات ۽ علميت بابت ڪي ويچار؛از.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع
  3. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سوانح حيات ۽ علميت بابت ڪي ويچار؛از.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع
  4. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سوانح حيات ۽ علميت بابت ڪي ويچار؛از.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع
  5. مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي سوانح حيات ۽ علميت بابت ڪي ويچار؛از.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛آڪٽوبر نومبر، ڊسمبر 1985ع