ڪوھري ( ڀانڊو قبو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪوھري
يو سي 11 ڪوھري (ڀانڊو قبو)
يونين ڪاؤنسل
رتوديرو تعلقي جي يو سي 11
ڪوھري is located in سنڌ
ڪوھري
ڪوھري
ڪوھري is located in Pakistan
ڪوھري
ڪوھري
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°48′07″N 68°19′34″E / 27.80194°N 68.32611°E / 27.80194; 68.32611مڪانيت: 27°48′07″N 68°19′34″E / 27.80194°N 68.32611°E / 27.80194; 68.32611
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو رتوديرو تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 15,395


يو سي 11 ڪوھري (انگريزي: U C 11 Kohri) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا رتوديرو تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي رتوديرو تعلقي جي يو سي 11 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 15,395 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڪوھري ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. يو سي جو پراڻو نالو يو سي گھانگھرا ھيو. ھي يو سي رتوديرو شھر جي ٻاھران ڳڙھي ياسين واري روڊ (انڊس ھاء وي- اين 55) تي واقع آهي . روڊ لڳ پراڻو قبو واقع آهي جنھن کي ڀانڊو قبو جي نالي سان سڏيندا آھن. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ لولائي، گھانگھرا، جلباڻي، شيخ، سومرا، ماڇي، چانڊيا، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ ميروخان لولائي، ڳوٺ ڀائي خان گھانگھرو، ديھ ڪوھري (آبادي 5,559) جنھن ۾ ڳوٺ ڪوھري واقع آهي، ديھ ميوو گھانگھرو (آبادي 2,867), ديھ نظر گھانگھرو (آبادي 4,482)، ديھ سرھو گھانگھرو (آبادي 4,287), ڳوٺ ڪمال خان چانڊيو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين منظور علي گھانگھرو ۽ وائيس چيئرمين محبوب علي سومرو چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ مسو ديرو جو سردار علي نواز جلباڻي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/