مواد ڏانھن هلو

فتح پور (ڪنگا)

بيھڪ: 27°38′04″N 68°12′12″E / 27.63444°N 68.20333°E / 27.63444; 68.20333
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(فتح پور (لاڙڪاڻو) کان چوريل)
فتح پور
يو سي 23 فتحپور
ڪنگو
فتح پور is located in سنڌ
فتح پور
فتح پور
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
فتح پور is located in Pakistan
فتح پور
فتح پور
فتح پور (Pakistan)
جاگرافي بيهڪ: 27°38′04″N 68°12′12″E / 27.63444°N 68.20333°E / 27.63444; 68.20333
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو لاڙڪاڻو تعلقو


فتحپور (انگريزي: Fatehpur) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل, ديھ ۽ ڳوٺ جو نالو آهي جيڪي لاڙڪاڻي تعلقي ۾ واقع آهن. ان کي تعلقي لاڙڪاڻي جي يو سي 11 پڻ چوندا آهن. 2017 جي آدمشماري مطابق يو سي جي ڪل آبادي 18,583 ۽ ديھ فتح پور جي ڪل آبادي 9,387 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ ڳوٺ ڪنگا ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدرمقام آھي ۽ لاڙڪاڻو ميروخان روڊ تي واقع آهي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ گوپانگ، جھنجھڻ، مغيري، ڪنگا، سولنگي، سومرا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ فتحپور , ديھ ڪنگا (آبادي 5,209)، ديھ ڪاٺڙ (آبادي 2987)، ڳوٺ عامر خان مغيري، ڳوٺ فتحپور، ڳوٺ خان محمد جھنجھڻ، ڳوٺ پليو خان گوپانگ, ڳوٺ مھراب جھنجھڻ ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل

[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين امان الله جي جھنجھڻ ۽ وائيس چيئرمين بشيراحمد گوپانگ چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ ڪنگا جو علي ڏنو ڪنگو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون

[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا

[سنواريو]
  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/