مواد ڏانھن هلو

سامٽيا (ڏوڪري)

بيھڪ: 27°14′20″N 68°01′23″E / 27.23889°N 68.02306°E / 27.23889; 68.02306
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سامٽيا
يو سي 42 سامٽيا
يونين ڪاؤنسل
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 6
سامٽيا is located in سنڌ
سامٽيا
سامٽيا
سامٽيا is located in Pakistan
سامٽيا
سامٽيا
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
جاگرافي بيهڪ: 27°14′20″N 68°01′23″E / 27.23889°N 68.02306°E / 27.23889; 68.02306
ملڪ پاڪستان پاڪستان
صوبو سنڌ
ضلعو لاڙڪاڻو ضلعو
تعلقو ڏوڪري تعلقو
آبادي (2017)
 • ڪل 5,478


يو سي 42 سامٽيا (انگريزي: U C 42 Samtia) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 5,478 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ سامٽيا ھڪ وڏو ڳوٺ آهي جيڪو موئن جو دڙو راڌڻ روڊ تي دادو ضلعي جي حد لڳ واقع آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جوڻيجا، ڪانڌڙا، جسڪاڻي، سومرا، گاڏھي، ھيسباڻي، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ديھ کوھ نئورنگ (آبادي 2,326)، ديھ سامٽيا (آبادي 3,152)، ڳوٺ نئورنگ، ڳوٺ سامٽيا، ڳوٺ سائين ڏنو جوڻيجو، ڳوٺ علي خان جسڪاڻي، ڳوٺ گل محمد ھيسباڻي، ڳوٺ سونو خان گاڏھي ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل

[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين زوھيب علي گاڏھي ۽ وائيس چيئرمين رانجھو خان چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ سامٽيا جو محمد بخش ڪانڌڙو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون

[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري، مڊل۽ سيڪنڊري تعليم جي سھولت ميسر آهي. ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. ڳوٺ سامٽيا ۾ ھڪ ڇوڪرن لاء سرڪاري ھاء اسڪول واقع آهي. صحت جي سھولتن لاء ھن يو سي ۾ ڪو به سرڪاري ادارو ڪانه آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا

[سنواريو]
  1. http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. https://pakvoter.org/sindh-local-government-elections-2015-results/