مواد ڏانھن هلو

يارو لاکير (يو سي)

يارو لاکير

يو سي 43 يارو لاکير
ڏوڪري تعلقي جي يو سي 7
يارو لاکير is located in سنڌ
يارو لاکير
يارو لاکير
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام
يارو لاکير is located in پاڪستان
يارو لاکير
يارو لاکير
يارو لاکير (پاڪستان)
Coordinates: 27°13′38″N 68°01′50″E / 27.22722°N 68.03056°E / 27.22722; 68.03056
ملڪپاڪستان پاڪستان
صوبوسنڌ
ضلعولاڙڪاڻو ضلعو
تعلقوڏوڪري تعلقو
آبادي
 (2017)
• ڪل19,512
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت )


يو سي 43 يارو لاکير (انگريزي: U C 43 Yaroo Lakhair) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا ڏوڪري تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي ڏوڪري جي يو سي 7 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي 19,512 آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ يارو لاکير دادو ڪئنال جي ڪپ تي واقع ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ لاکير، ميربحر، ماڇي، سارگاڻي، ڪلھوڙا ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ ڳوٺ وڌا، ڳوٺ يارو لاکير، ڳوٺ عثمان ڪلھوڙو، ڀوري جا ڀاڻ، ڳوٺ صوبدار سارگاڻي، ديھ جادم ڪلھوڙو (آبادي 6,100), ديھ قبوليو (آبادي 5,194)، ديھ يارو لاکير (آبادي 8,018), ڪوٽ قبوليو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪائونسل

[سنواريو]

يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين واجد علي لاکير ۽ وائيس چيئرمين غلام مرتضي سارگاڻي چونڊجي آيا جن جو تعلق پاڪستان پيپلزپارٽي سان ھيو[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ وڌا جو محرم ماڇي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو

تعليم ۽ صحت جون سهولتون

[سنواريو]

ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولتن لاء ڳوٺ عثمان ڪلھوڙو م ھڪ بنيادي صحت مرڪز واقع آهي.

ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم

[سنواريو]

ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون

[سنواريو]

ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
  2. ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2020-08-12 تي محفوظ ڪيل, 2020-05-10 تي حاصل ڪيل {{citation}}: Unknown parameter |dead-url= ignored (|url-status= suggested) (مدد)