احسان واھڻ
احسان واھڻ يو سي 31 بخش جتوئي (احسان واھڻ) | |
|---|---|
| باقراڻي تعلقي جي يو سي 6 | |
| Coordinates: 27°23′34″N 68°07′04″E / 27.39278°N 68.11778°E | |
| ملڪ | |
| صوبو | سنڌ |
| ضلعو | لاڙڪاڻو ضلعو |
| تعلقو | باقراڻي تعلقو |
| آبادي (2017) | |
| • ڪثافت | auto في چورس ڪلوميٽر |
| وقتي علائقو | UTC+5 (پاڪستان جو معياري وقت ) |
يو سي 31 احسان واھڻ (انگريزي: U C 31 Ahsan Wahan) سنڌ جي ضلعي لاڙڪاڻي جي ھڪ يونين ڪائونسل جو نالو آهي جيڪا باقراڻي تعلقي ۾ واقع آهي. ان کي تعلقي باقراڻي جي يو سي 6 پڻ چوندا آهن. ان جي ڪل آبادي آهي[1]. ھن يونين ڪاؤنسل ۾ احسان واھڻ ھڪ وڏو ڳوٺ آهي ۽ ان يو سي جو صدر مقام آھي. ھي يو سي رائس ڪينال ۽ دادو ڪئنال جي وچ واري علائقي ۾ واقع آهي. يو سي مان موئن جو دڙو شاخ پڻ وھي ٿي. ھن يو سي جي حدن م رھندڙ آبادي ۾ جتوئي، جيسر، ابڙا، سيد، ۽ ٻيا شامل آھن. ھن يو سي جي علائقن ۾ احسان واھڻ، ڇتو واھڻ، ڳوٺ سونھري، ڳوٺ احمد ميتلو، پيارو واھڻ، ديھ نصيرآباد جاگير، ديھ نصيرآباد ريتي، ديھ سونھاري جاگير ، ديھ سونھاري ريتي ۽ ٻيا شامل آهن.
ڪائونسل
[سنواريو]يونين ڪاؤنسل جو عملدار يو سي سيڪريٽري آھي جيڪو آفيس جو سمورو رڪارڊ رکندو آهي ۽ دفتري پيش رفت ڪندو آهي. ھن ڪائونسل جا چار جنرل ڪائونسلر آھن جن جي سڌي چونڊ ٿيندي آهي. ڪائونسل شادي يا نڪاح جي رجسٽريشن ، ڄمڻ ۽ مرڻ جي رجسٽريشن جو رڪارڊ رکندي آھي. 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ھن يو سي مان چيئرمين عبدالحميد جيسر ۽ وائيس چيئرمين خان محمد ابڙو چونڊجي آيا جيڪي آزاد اميدوار ھيا[2]..ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ۾ نمائندگي لاء ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ھڪ علحده ميمبر سڌي ريت چونڊيو ويندو آهي. ھن ڪائونسل مان 2015 جي بلدياتي اليڪشن م ڳوٺ مھراب پور جو عطاء الله جتوئي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ ھن ڪائونسل مان ميمبر چونڊيو ويو جيڪو پاڪستان پيپلزپارٽي جو اميدوار ھيو
تعليم ۽ صحت جون سهولتون
[سنواريو]ھن ڪائونسل جي ڳوٺن ۾ پرائمري تعليم جي سھولت ميسر آهي. سيڪنڊري ۽ ھائر سيڪنڊري ايجوڪيشن لاء ڪوبه تعليمي ادارو ڪانہ آھي. صحت جي سھولت لاء ھتي ڪوبه سرڪاري ادارو ڪانه آهي.
ڪائونسل جي بجيٽ ۽ ترقياتي ڪم
[سنواريو]ڪائونسل ۾ آبادي ۽ سھولتون
[سنواريو]ھتي پيئڻ لاء رڳو جر جو پاڻي ميسر آهي. ھن يو سي جون زرعي زمينون اپت واريون، زرخيز ۽ آباد آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://www.pbs.gov.pk/sites/default/files/bwpsr/sindh/LARKANA_BLOCKWISE.pdf
- ↑ آرڪائيو ڪاپي, اصل نسخو مان 2020-08-12 تي محفوظ ڪيل, 2020-05-09 تي حاصل ڪيل
{{citation}}: Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد)